جراسڪ پارڪ سيريز جي چوٿين فلم ”جراسڪ ورلڊ“ جو نئون ٽريلر جاري

لاس اينجلس (شوبز نيوز)هالي ووڊ سائنس فڪشن ۽ ايدوينچر فلم جراسڪ پارڪ سلسلي جي چوٿين فلم ”جراسڪ ورلڊ“ جو نئون ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي. سڌ سما4 وارن ذريعن مطابق فلم جي ڪاسٽ ۾ ڪرس پريٽ، برائس ڊلاس هاورڊ، ونينٽ ڊي اونو فريو، نڪ روبن سن، جيڪ جانسن ۽ بالي ووڊ اداڪار عرفان خان شامل اهن. اسٽيون اسپيلبرگ، فرينڪ مارشل ۽ پيٽرڪ ڪرولي جي گڏيل پروڊڪشن ۾ ٺهيل ان فلم جي ڪهاڻي گذريل فلمن وانگر هن ڀيري به شهر کان پري ٻيٽ م قائم ڪيل هڪ اهڙي جراسڪ ٿيم پارڪ جي چوڌاري گهمي ٿي جنهن جي تباهي کي 22 سالن کان وڌيڪ وقت گذري چڪو هوندو آهي تنهن هوندي به ان کي ٻيهر تعمير ڪيو ويندو آهي. ڊائنو سارز سان ڀريل ان جراسڪ ٿيم پارڪ تي ڪيل معمولي غلطي ۽ قانون جي پابندي نه ڪرڻ انتهائي سنگين نتيجن جو ڪارڻ بڻجي وڃي ٿي جيڪا ان خطرناڪ مخلوق کي مڇرائي ڇڏيندي آهي. 150 ملين ڊالر جي لاڳت سان تيار ڪيل اها سائنس فڪشن ايڊوينچر فلم يونيورسل پڪچرز تحت 12 جون تي رليز ٿيندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *