بالي ووڊ اداڪارن پاران والدين کي ڀيٽا پيش

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ٻن پٺاڻ ڀائرن سلمان ۽ سهيل خان پنهنجي والد سليم خان کي ”فادرز ڊي“ تي ٽوئيٽر تي تصوير جاري ڀيٽا پيش ڪئي، سلمان خان پنهنجي والد ۽ ڀاءَ سان گڏ بنا شرٽ واري تصوير رکي هڪ الڳ انداز سان والد کي فادرز ڊي تي ڀيٽا پيش ڪئي. سلمان خان پنهنجي ٽوئيٽ ۾ والد سليم خان کي مغل بادشاهه سليم طور مخاطب ڪيو ۽ چيو  ته اصل ۾ اهو ”بجرنگي ڀائيجان“ آهي. تصوير ۾ ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جا ڏورا ڏيکاريندي به ڏيکاريل آهن ۽ ان کان سواءِ شاهه رخ خان، اڪشي ڪمار، سونم ڪپور، عاليه ڀٽ، سوناڪشي سنها ۽ ڪرن کير به 21 فادرز ڊي تي پنهنجي والدين کي ٽوئيٽر اڪائونٽ ڀيٽا پيش ڪئي ۽ انهن جي اهميت بابت دل جا خيال اوريا، شاهه رخ خان چيو ته والدين اوهان جي ڏکين حالتن ۾ اهڙي آٿت ڏيندا آهن جو وڏي کان وڏو مسئلو به ننڍڙو لڳندو آهي. سوناڪشي سنها چيو ته فادرز ڊي تي پنهنجي پهرين ۽ تاحيات هيرو کي کوڙ سارو پيار ڏئي ٿي، جڏهن ته انڊسٽريءَ ۾ پنهنجي الڳ سڃاڻپ رکندڙ اداڪار انوپم کير جي گهر واري ڪرن کير چيو ته دنيا جو بهترين والد ٿيڻ تي اوهان جي ٿورائتي آهيان، هن چيو ته پنهنجي والد ڪرنل (ر) ٺڪر سنگهه کي فادرز ڊي تي مبارڪون ڏيان ٿي. جڏهن ته ڀٽ خاندان جي نياڻي عاليه ڀٽ چيو ته سندس والد تمام بهترين انسان آهي نه صرف اڄ هميشه بهترين شخص رهيو آهي. ارجن ڪپور چيو ته فادرز ڊي هڪ ڏينهن نه پر هر ڏينهن ملهائڻ گهرجي ڇو جو اوهان کي انهن جي هر وقت ضرورت هوندي آهي. جڏهن ته ماڌوري ڊڪشت چيو ته مان پنهنجي والد جي کوٽ محسوس ڪري رهي آهيان، هن چيو ته کيس اميد آهي ته سندس والد هن کي ڏسندو هوندو، جيئن هن سڄي عمر هن جو خيال رکيو هو. سونم ڪپور چيو ته جڏهن ننڍي هوندي پنهنجي والد جي شهپرن سان کيڏندي هيس اهي ڏينهن ڪڏهن نه وسرندا، بپاشا باسو چيو ته هو پنهنجي والد سان انتهائي گهڻو پيار ڪري ٿي، پرينتي چوپڙا چيو ته فادرز ڊي تي پنهنجي اصلي پروڊيوسر کي تمام گهڻو پيار چوان ٿي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *