اداڪاره پريانڪا چوپڙا ۽ فريده پنٽو گرل رائزنگ انڊيا مهم جي شروعات ڪري ڇڏي

نئين دلي(شوبز نيوز)بالي ووڊ ادڪااره پرينڪا چوپڙا ۽ فريده پنٽو گرل رائزنگ انڊيا مهم جي شروعات ڪري ڇڏي ڀارتي ميڊيا مطابق ان مهم جو مقصد ڀارت ۾ نارين جي زندگي جي معيار کي تبديل ڪرڻ آهي ان حوالي سان پريس ڪانفرنس دوران پريانڪا چوپڙا چيو ته مون کي خوشي آهي ۽ منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته مان ان مهم جو حصو بڻي آهيان هن چيو ته جيڪڏهن اسان وڌ کان وڌ ڇوڪرين کي تعليم يافته ڪنداسين ان سان عورتن کي پنهنجي حقن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ٿيندي ۽ ملڪي ترقي ۾ به ڪردار ادا ڪنديون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *