مني لانڊرنگ ڪيس، ايان علي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 24 اپريل تائين واڌ

راولپنڊي(شوبز نيوز) مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ 24 اپريل تائين واڌ ڪئي وئي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي ۾ ڪسٽم اختيارين کي چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ ماڊل ايان علي کي 14 ڏينهن جي جوڊيشل رمانڊ کانپوءِ راولپنڊي جي ڪسٽم عدالت جي جج چوڌري ممتاز حسين آڏو پيش ڪيو ويو ٻڌڻي دوران ڪسٽم اختيارين عدالت کي استدعا ڪئي ته جوابداره خلاف چالان پيش ڪرڻ لاءِ وڌيڪ مهلت ڏني وڃي عدالت ڪسٽم اختيارين جي استدعا منظور ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تائين چالان پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ ماڊل ايان علي جي جوڊيشل رمانڊ ۾ واڌ ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي 24 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي، عدالت ڪسٽم اختيارين کي چالان جي سموري ضروري ڪارروائي به مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، ماڊل ايان علي کي 5 لک ڊالر پرڏيهي ملڪ اسمگل ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار  ڪيو ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *