عامر خان پنهنجي نئين فلم لاءِ زندگي داءُ تي لڳائي ڇڏي

ممبئي(شوبز نيوز) ڀارتي ميڊيا مطابق بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ اداڪار عامر خان پنهنجي نئين فلم“ دنگل ” ۾ 55 سالن جي ريسلر جو ڪردار ادا ڪندو، جنهن جي لاءِ هن پنهنجو وزن 15 ڪلو گرام وڌائي ڇڏيو آهي، ماهرن جو چوڻ آهي، ته عامر خان پنهنجي قد جي مطابق 3 کان 4 ڪلو وزن تيزي سان گهٽائي ۽ وڌائي سگهي ٿو، ان سان هن جي صحت تي ڪو فرق نه پوندو، پر 10 ڪلو گرام کان وڌيڪ وزن ۾ اضافي جي لاءِ ان ايسٽيرائيڊز جو استعمال ڪيو آهي، جنهن سان چمڙي جا مسئلا، هائي بلڊ پريشر، دل جو دورو ۽ ايتري قدر موت به ٿي سگهي ٿي، واضع رهي ته عام طور تي رانديگر ۽ باڊي بلڊر پنهنجي ڪارڪردگي کي وڌائڻ جي لاءِ ايسٽيرائيڊز جو استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته ان جي منفي اثر جي سبب ان جو استعمال منع آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *