انتها پسند هندن جي احتجاج باوجود پي ڪي فلم ڪاميابين جو سلسلو جاري

ممبئي (شوبز نيوز) انتها پسند هندن جي احتجاج ۽ سينيماگهرن ۾ بند ٿيڻ باوجود عامر خان جي فلم پي ڪي جي ڪاميابين جو سلسلو جاري آهي، فلم ڪجهه ڏينهن ۾ پنج سو ڪروڙ کان وڌيڪ روپيه ڪمائي بالي ووڊ ۾ تاريخ لکي ڇڏي، بالي ووڊ مسٽر پرفيڪشنسٽ عامر خان جي فلم پيڪي 19 ڊسمبر تي رليز ڪئي وئي هئي، ڀارت ۾ فلم خلاف احتجاج ۽ ڪيترين ئي سينيماگهرن ۾ بند ٿيڻ جي فلم جي ڪاميابين جو سلسلو نه رڪجي سگهيو، پي ڪي فلم صرف 14 ڏينهن ۾ عالمي سطح تي 5 سو 16 ڪروڙ روپيه ڪمائنيدڙ پهرين فلم بڻجي چڪي آهي، فلم صرف ڀارت ۾ 394 ڪروڙ رپيه ڪمايا جڏهن ته بين الاقوامي باڪس آفيس تي 122 ڪروڙ روپيه ڪمايا، فلمي پنڊتن چيو آهي ته هلندڙ هفتي فلم 6 ڪروڙ ڪمائي هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *