اخبار فلمن تي مذاق وارو تجزيو هجڻ جي صورت ۾ ئي پڙهندو آهيان: شاهه رُخ خان

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار شاخ رُخ خان چيو آهي ته هو اخبارن ۾ فلم تي ڪيل تجزيو هجڻ جي صورت ۾ پڙهندو آهي. شاهه رُخ خان پنهنجي تازي انٽرويو ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ته هو اخبارن ۾ فلمن تي ڪيل تجزيو ان صورت ۾ پڙهندو آهي ته اهو مذاق وارو هجي. فلم تي ٿيندڙ سنجيده بحث کي پڙهڻ کان هو پاسو ڪندو آهي. کيس اهڙين شين جو مطالعو پسند ناهي ڇو ته طنز ۽ مذاق ڪرڻ سندس شخصيت جو حصو آهي. هن چيو ته کيس پاڻ کي مذاق واري انداز ۾ پيش ڪري ماڻهن کي کلائڻ سٺو لڳندو آهي. پر اهو اهڙائي تجزيا پڙهڻ کي ترجيح ڏيندو آهي. شاهه رُخ جي تازو فلم ”هيپي نيو ايئر“ رليز ٿي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *