ڪراچي ۾ فوجي عدالتن جو انگ وڌائڻ جي منظوري…!

 

پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف ڪراچي ۾ فوجي عدالتن جو انگ وڌائڻ جي منظوري ڏيندي ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف بنا فرق جي آپريشن جاري رکڻ جي هدايت ڪري ڇڏي،پاڪ فوج جي سربراهه سنڌ پوليس ۽ سڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي چيو آهي ته آپريشن جي نتيجي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي. ڪورهيڊڪوارٽر ڪراچي ۾ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي آرمي چيف ڪراچي ۾ رينجرز، پوليس ۽ انٽيليجنس ادارن جي ڪارڪردگي کي ساراهيو، جڏهن ته ڪراچي پوليس کي ساڍا ڇهه ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي منظوري پڻ ڏني وئي. فوج جي سربراهه ڪراچي ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن جاري رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. جنرل راحيل شريف چيوته ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري آئي آهي. هن چيو ته دهشتگردن ۽ مافيا جي خاتمي تائين آپريشن جاري رهندو. آئي ايس پي آر مطابق آرمي چيف ڪراچي پوليس جي صلاحيت وڌائڻ ۽ تربيت لاءِ ڇهه ڪروڙ رپيا ڏيڻ جي منظوري ڏني. اجلاس ۾ ان ڳالهه جو عزم ورجايو ويو ته ڪراچي کي دهشتگردي کان پاڪ شهر بڻايو ويندو. ان موقعي تي جنرل راحيل شريف کي ڪراچي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي بريفنگ به ڏني وئي. هوڏانهن پاڪ فوج جي سربراهه جنرل راحيل شريف آرمي ايئر ڊفينس سينٽر ملير ڪينٽ جو دورو ڪيو، آئي ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل عاصم سليم باجوه جي ٽوئٽ مطابق آرمي چيف آيئر ڊفينس سينٽر ملير ڪينٽ جي دوري دوران شهيدن جي يادگار تي حاضري ڀري ۽ گلن جون چادرون چاڙهيون، جنهن کانپوءِ هن ملير ڪينٽ جي فوجي گيريزن ۾ فوجي جوانن کي خطاب پڻ ڪيو، ان موقعي تي آرمي چيف کي سينٽر جي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي، جنرل راحيل شريف ايئر ڊفينس سينٽر ۾ ليفٽيننٽ جنرل ضمير الحسن شاهه کي آرمي ايئر ڊفينس جي ڪرنل ڪمانڊنٽ جا بيج پڻ لڳايا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *