ڪراچي مان هٿ آيل هٿيارن جي کيپ…

ڪراچي پوليس جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي هٿيار هٿ ڪرڻ جي ڪارروائي، محرم الحرام جي دهشتگردي جي منصوبي کي ناڪام بڻائي ڇڏيو.  ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي پوليس مشتاق احمد مهر نائن زيرو ۽ ڀرپاسي مان نيٽو جا هٿيار هٿ اچڻ کانپوءِ چيو آهي ته ڪارروائي ۾ نائن زيرو جو نالو اچڻ کانپوءِ ان ۾ ملوث پارٽي جو نالو وٺڻ جي ضرورت ناهي. هٿ آيل هٿيارن ۾ نيٽو جا هٿيار به شامل آهن، جن ۾ اينٽي ايئرڪرافٽ گنون به هٿ ڪيون ويون آهن،  هٿيار هڪ سياسي پارٽي جي آفيسن مان هٿ آيا آهن. ڪارروائي ۾ هٿ آيل نيٽو هٿيارن جي خريداري ۾ وڏن وڏن ماڻهن جا نالا اچي رهيا آهن. ڪارروائي دوران هٿ آيل هٿيارن ۾ بلٽ پروف جيڪيٽون ۽ هيلميٽ به شامل آهن. سياسي پارٽي جي ڪارڪن جي نشاندهي تي ڪارروائي ڪئي وئي آهي. هٿيار محرم الحرام دوران استعمال ٿيڻا هئا. اي آءِ جي هٿ آيل هٿيارن جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته اربع جي ڏينهن صبح جو 5 وڳي عزيز آباد ۾ گهر تي ڇاپو لڳايو ويو، جتي پاڻي جي ٽينڪي مان هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، هٿيارن ۾ 84 آر پي جي راڪيٽس، 85 آر پي جي فيوز، 10 هزار رائيفل گرنيڊ، 200 هينڊ گرنيڊ، 10 جي ٿري، 11 سيون ايم ايم، هڪ ايم 16، 39 ايل ايم جيز، 9 آر پي جيز سيون، 82 ايس ايم جيز، 11 اينٽي ايئرڪرافڪٽ گنز، ٽي  7.12 ايم ايم گنز ۽ مختلف قسمن جي ساڍا 6 لک گوليون شامل آهن، جن کي 9 ۽ 10 محرم تي دهشتگردي جي لاءِ استعمال ڪرڻو هو. هوڏانهن آءِ جي سنڌ پوليس اي ڊي خواجه پاران هٿيار هٿ ڪندڙ پوليس پارٽي لاءِ 10 لک رپيا انعام جو اعلان ڪيو آهي.  پوليس جو چوڻ آهي ته جنهن گهر مان هٿيار هٿ آيا آهن، اها شهر جي تاريخ ۾ هن وقت تائين ڪنهن به ڪارروائي ۾ نه هٿ آيا آهن، هٿ آيل هٿيارن جي کيپ کي ٽن ٽرڪن ۽ پوليس موبائيلن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن گهر مان هٿيار هٿ آيا آهن اهو گهر شيخ نعيم الله شخص جي نالي تي آهي، گذريل ٻن سالن کان بجلي جو بل ادا ناهي ڪيو ويو، گهر جي هڪ مٽيءَ سان ڀريل ڪمري ۾ ڪلينڊر به لڳل آهي، جنهن  سان اندازو ٿئي ته گهر ۾ جنوري 2015ع کان اڳ ڪنهن خاندان جي رهائش هئي۔.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *