ڪراچي جا مسئلا ۽ سپريم ڪورٽ جو ايڪشن…!

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ چيف جسٽس، جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ صاف پاڻي فراهمي ۽ سمنڊ ۾ گدلي پاڻي جي ڇوڙ واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران چيف سيڪريٽري، ايڊووڪيٽ جنرل، ايم ڊي واٽر بورڊ سميت ٻيا عملدار پيش ٿيا. چيف جسٽس، ايم ڊي واٽر بورڊ کان پڇاڻو ڪيو ته ٻڌايو وڃي ته سيوريج جو پاڻي ٽريٽ ڪري ڪڏهن ڇوڙ ڪيو ويندو جنهن سان گدلي پاڻي وارو مسئلو حل ٿئي. پاڻي جي کوٽ ٽينڪرن ذريعي ئي ڇو پوري ٿيندي آهي؟. ٻڌايو ته باٿ آئي لينڊ ڪٿي آهي، ايم ڊي واٽر بورڊ هاشم رضا زيدي جواب ڏنو ته اتي پاڻي جون لائنون نه آهن. چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته ٽينڪرن ذريعي پاڻي فراهم ڪرڻ جو مطلب آهي ته پاڻي آهي پر نظام نه آهي. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته پاڻي جي طلب ۽ رسد ۾ فرق آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ذريعو توهان ئي آهيو، پاڻ پاڻي جي فراهمي جو انتظام ڇو نه ٿا ڪيو، ڇا ڊفينس ۾ پاڻي جي فراهميءَ جو ڪو پنهنجو نظام ناهي. ٽئنڪر مافيا بڻجي چڪي آهي، اربين رپيه ڪمايا پيا وڃن، سنڌ سرڪار شهرين کي پاڻي به فراهمي نه ڪري رهي آهي، ٽئنڪرن جي ٺيڪن پويان ڪير آهي، غريبن جي کيسي مان 4 هزار رپيا چورايا پيا وڃن، مافيا جا پنهنجا مفاد آهن، بااثر ماڻهو ٽئنڪر بند ٿيڻ نه ڏيندا.ايم ڊي واٽر بورڊ ذميواري ادا نه ٿو ڪري ته عهدو ڇڏي ڏي، جيڪڏهن اختيار ناهي يا ناڪام آهيو ته ڪابه ڳالهه ناهي، ٽئنڪر مافيا کي منهن ڏيڻ اسان جو ڪم آهي، جيڪڏهن هو هڙتال ڪندا ته اسين کين منهن ڏينداسين.

عدالت کي آگاهي ڏني وئي ته ڪراچي ۾ سرندي وارن ماڻهن کي پاڻيءَ جا مفت ٽينڪرن فراهم ڪيا وڃن ٿا، جنهن تي چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وراڻيو ته رات 12 وڳي به عدالت لڳائينداسين. منهنجا جج رات جو به ويهي سگهن ٿا، هي ماڻهو مون کي سٺي ماني به کارائين ٿا، پاڻي جي رٿائن ۾ بجلي جي بندش نه هئڻ گهرجي. چيف سيڪريٽري صاحب!، اسان توهان جي مدد لاءِ آيا آهيون جيڪڏهن توهان کي فنڊ نه ٿو ملي ته سوچي آيو آهيان پنهنجي ٽن مهينن جي پگهار توهان کي ڏيندس. اسان ڪم بند نه ٿيڻ ڏينداسين، ماڻهن جا مسئلا حل ڪنداسين، توهان کي ٻين کان به چندو وٺي ڏينداسين. ايم ڊي واٽر بورڊ چيو ته ڪيترائي علائقا ڪچيون آباديون آهن جتي لائنون نه آهن، چيف جسٽس چيو ته پاڻي جي کوٽ ٽئنڪرن سان ڇو پوري ٿيندي آهي، هلو پيئڻ جو پاڻي ڇڏيو، استعمال جو پاڻي ٽئنڪرن سان ڇو پورو ٿي رهيو آهي. عدالت 6 مهينن دوران پاڻي جي مڪمل ٿيندڙ منصوبن جا سنڌ حڪومت کي 15 ڏينهن اندر تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيف جسٽس چيو ته ننڍپڻ ۾ شرارت تي ناني چوندي هئي ته ”ڀئو“ اچي ويندو جنهن تي عدالت ۾ ٽهڪڙو مچي ويو. سمجھيو ته سنڌ حڪومت پئسا ڏيڻ جي قابل ناهي ته چندو ڪري پئسا وٺي ڏينداسين. الله کان ڊڄو غريب مهيني ۾ ٻه ٽينڪر ڪيئن خريد ڪندو. ميئر مسئلن جو حل اسان جي سامهون رکي اسان ايندڙ هفتي اچي وينداسين. تجويزون اسان کي ڏيو يا واٽر ڪميشن کي پر اهي مسئلا حل ٿيڻ گهرجن. گڏيل ڪوششن سان مسئلا حل ٿي سگهن ٿا.

هڪ ٽيم طور ڪم ڪرڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *