چوڌري نثار بقابله خورشيد شاهه

گهرو وزير چوڌري نثار پيپلز پارٽي ۽ ن ليگ ۾ ٺاهه بابت پي ٽي آئي جي چئيرمين عمران خان جي الزامن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس جي دوران چوڌري نثار جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جو اڳواڻ خورشيد شاهه ٺاهه ڪري حڪومت کان مالي فائدا حاصل ڪيا، سندس چوڻ هو ته خورشيد شاهه جيترو فائدو ورتو اها هڪ ٻئي ڪهاڻي آهي.چوڌري نثار ڪيترن ئي موقعن تي خيبر پختونخوا جي حڪومت جي واکاڻ به ڪئي. چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته قومي ايڪشن پلان تي اهي ئي ماڻهو ڇوهه ڇنڊي رهيا آهن، جن اهو پڙهيو ئي ناهي، دهشتگردن خلاف شروع ڪيل قومي ايڪشن پلان سبب ڪاميابيون ملي رهيون آهن ۽ گذريل 9 سالن جي ڀيٽ ۾ فوتگين جو انگ گهٽيو آهي، گذريل دورن ۾ ڏهاڙي 7-7 ڌماڪا ٿيندا هئا پر اڄ الله پاڪ جي مهرباني سان ڪيترن ئي ڏينهن تائين ڪو اڻوڻندڙ واقعو نه ٿو ٿئي، جن سياستدانن پنهنجي دور ۾ ڪجهه به نه ڪيو، اهي هاڻ ويهي لفاظي ڪن ٿا، تنقيد ڪندڙن کان ڪير به نه ٿو پڇي ته انهن 5 سالن ۾ ڇا ڪيو؟ حڪومت کي ڀلي ڪريڊٽ نه ڏيو پر مايوسي ته نه پکيڙيو. اسان بندوق جي ويڙهه ۾ ڪاميابيون ماڻي رهيا آهيون پر دهشتگردي جي هڪ واقعي تي طوفان اٿاريو ٿو وڃي، اسان اصل ۾ اهو ئي ڪيون ٿا، جيڪو دشمن چاهي ٿو. جڏهن ملڪ ويڙهه واري حالت ۾ هجي ته قوم کي اميد ڏياري ويندي آهي، ان کي مايوسي ڏانهن  ناهي ڌڪيو ويندو، اهو عمل اصل ۾ دشمنن کي مضبوط ڪرڻ جي برابر آهي.

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي الزامن جي ترديد ڪندي قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته مون تي لڳايل الزام ثابت ٿي ويا ته سياست ڇڏي ڏيندس، جڏهن ته وزيراعظم نوازشريف  مون تي لڳايل الزامن جو جواب ڏئي نه ته قانوني واٽ وٺندس. سکر ۾ جوابي پريس ڪانفرنس ڪندي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته (ن) ليگ جا وزير جمهوريت کي نقصان پهچائڻ لاءِ ڪو به موقعو هٿان وڃڻ ناهن ڏيندا، جڏهن ته ان ڳالهه جو به ڏک ٿيو آهي ته حڪومت بچائڻ تي ماضي ۾ منهنجا هٿ چمڻ وارا ماڻهو اڄ منهنجي خلاف ڳالهائي رهيا آهن. بي بنياد الزام لڳائڻ حڪومت جو ڪم آهي، مون ڪڏهن به ڊاڪٽرعاصم جي ڳالهه پارليامينٽ ۾ ناهي ڪئي ۽ اهو عدالت جو ڪم آهي پر خبر ناهي ڇو چوڌري نثار جي ذهن ۾ ڊاڪٽر عاصم هڪ ڊپ بڻجي ويهي رهيو آهي ۽ کيس لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي سندس جي ڪري اهي ڳالهيون ڪري رهي آهي. اسان کي چيو ويندو آهي ته اسان بليڪ ميلنگ ڪري رهيا آهيون،جيڪڏهن اسان کي ائين ڪرڻو هجي ها ته فوجي عدالتن لاءِ آئين ۾ ترميم،ايم ڪيو ايم جي استعيفائن ۽عمران خان جي ڌرڻي دوران اسڪورنگ ڪري سگهون پيا، پر دهشتگردي جي حوالي سان ٿيندڙ سڀني اي پي سيز ۾ اسان ته حڪومت جا هٿ مضبوط ڪيا ۽ انهن جو ساٿ ڏنو.سندس چوڻ هو ته پوري مخالف ڌر سڀئي اختلاف وساري وزيراعظم هائوس ۾ گڏجي دهشتگردي جي خلاف حڪومت جو ساٿ ڏنو،ڇا  اها به اها ئي پوائنٽنگ اسڪورنگ هئي؟

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *