ٿر جي معصوم گلن تان موت جو راڪاس نه ٽريو

ٿر جي ڏڪار متاثر ٻارڙن جي موت تي ضابطو اچي نه سگهيو. وڌيڪ 3 ٻارڙا موت جو کاڄ بڻجي ويا. آر او پلانٽ بااثرن حوالي آهن. ٿر جي اسپتالن ۽ ڳوٺن ۾ ڏڪار متاثر وڌيڪ 3 ٻارڙا فوت ٿي ويا آهن. مٺي سول اسپتال ۾ ڳوٺ مالڻا ڇهو جي رهواسي عبدالغني راهمون جي 4 ڏينهن جي ٻارڙي بيبي، ڏيپلي تعلقي جي ڳوٺ پڌريو سومرا ۾ هڪ مهيني جي حاجياڻي ڌيءُ اخلاق ۽ ڳوٺ ارلڙو ويجهراج ميگهواڙ جو تازو ڄاول هڪ ڏينهن جو ٻارڙو فوت ٿي ويو آهي. مٺي ۾ يوسي ڪلوئي جي مختلف ڳوٺن کاڙڪ، ڪنڊو خان لنڊ، ڄار جو پتڻ جي رهواسين آر او پلانٽ من پسند ماڻهن جي حوالي ڪرڻ خلاف مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي مختلف ڳوٺن جي رهواسين عاشق علي، عبدالستار لنڊ، حاجي خان لنڊ، مدد علي، ابو بڪر، محمد سومر لنڊ، محمد ايوب ۽ ٻين دانهيندي چيو ته سندن ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل آر او پلانٽ تي چند مخصوص ماڻهن قبضو ڪري ورتو آهي، جيڪي ڳوٺن بدران پنهنجن ذاتي گهرن اندر آر او پلانٽ لڳائي رهيا آهن. جيڪا ڏڪار متاثرن سان سراسر ناانصافي آهي

) ڏڪار سٽيل ماروئڙن جو بيمارين پيڇو ناهي ڇڏيو. نمونيا، گيسٽرو، مليريا، جهٽڪن جي بيمارين کانپوءِ ارڙي به پکڙجي وئي آهي. اسلام ڪوٽ جي سرڪاري اسپتال ۾ ڪالهه آچر واري ڏينهن به 15 ٻارڙن ڪيلاش ميگهواڙ، زينب بجير، بابو ميگهواڙ، ريتيش ڀيل،ذڪاءُ الله مهراڻپوٽو سميت ٻين کي مليريا، نمونيا، خوراڪ ۽ رت جي کوٽ گيسٽرو سميت ٻين بيمارين سبب داخل ڪيو ويو آهي. جتي ڳوٺ مگهو ڀيل جي رهواسي ڀارو مل ڀيل جي 16 مهينن جي نياڻي ريشما کي ارڙي هئڻ جو شڪ ظاهر ڪيو ويو. جڏهن ته شهر جي مختلف خانگي اسپتالن ۾ 40 کان مٿي ٻارڙن کي داخل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته اسلام ڪوٽ تعلقي جي مختلف ڳوٺن کاکيڻهار بجير، گلو تڙ، کاکيڻهار رحم علي موڙاڻو، صالح جنجهي، کارو جاني، ڄامن سمون، موڙاڻو، ڏونجهه، وڪڙيو، سينگارو، ڄامن حجام، سنهري درس، ٿاريو هاليپوٽا، سونل پهه، جيئندو درس، ميمڻ تڙ، ميهاري بجير، مگهو ڀيل، ڀانڀڻو ڀيل، مئو لکيراج، ڪهڙي، مٺڙيو سومرا، راڻا ترائي سميت سوين ڳوٺن ۾ هڪ هزار کان به مٿي ٻارڙا بيمارين ۾ ورتل آهن پر اتي صحت کاتي جي ٽيم ناهي پهتي. پيئڻ جي پاڻي جا هڪ سئو کان مٿي کوهه به سڪي کارا ٿي ويا آهن. جنهن سبب هزارين رهواسي پاڻي ڍڪ لاءِ سخت پريشان آهن.

جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي سيڪريٽري جنرل ۽ اڳوڻي سينيٽر ڊاڪٽر خالد محمود سومري چيو آهي ته ٿر ۾ معصوم ٻارڙا تڙپي تڙپي موت جو بک بڻجي رهيا آهن. پر ٿر جي ترقي، خوشحالي لاءِ مليل ڪروڙين رپيا وزير، مشير ۽ ڪامورا پاڻ ۾ ونڊي ورهائي هڙپ ڪري رهيا آهن. اهڙو اظهار هن نواب شاهه جي دوري دوران شاهه ولي الله يونٽ طرفان ڪوٺايل جلسي کي شهداءِ اسلام ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر خالد محمود سومري وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت صوبي اندر امن قائم ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. سنڌ جا صحت ۽ تعليم جا کاتا مڪمل طور ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي تباهه ٿي چڪا آهن. هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ووٽ بئنڪ کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڊرامو رچائي رهيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *