”پيغام پاڪستان“

صدر ممنون حسين انتهاپسندي جي روڪٿام ۽ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ قوم جي گڏيل پڌرنامو ”پيغام پاڪستان“ جاري ڪندي چيو آهي ته قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ جوڙيل پاڪستان جو آئين ئي اسان جو بنيادي پڌرنامو آهي، جڏهن ته عالمن جي فتويٰ ان جي وضاحت ۽ تائيد ڪري ٿي جنهن سان انتهاپسندي ۽ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي.  انٽرنيشنل اسلاملڪ يونيورسٽي جي اهتمام هيٺ متفقه قومي بيان جي حوالي سان شايع ٿيندڙ ڪتاب ”پيغام پاڪستان“ ۾ 18 سئو کان وڌيڪ عالم سڳورن جو متفقه فتويٰ شايع ڪيو ويو آهي ۽ ان ۾ دهشتگردي، رتوڇاڻ ۽ خودڪش حملن کي حرام قرار ڏنو ويو آهي،                           ان موقعي تي گهرو وزير احسن اقبال، پرڏيهي وزير خواجه محمد آصف، ڪشمير ڪميٽي جو چيئرمين مولانا فضل الرحمان، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد، ريڪٽر انٽرنيشنل اسلامڪ يونيورسٽي ڊاڪٽر معصوم ياسين زئي، وفاق المدارس العربيه جو صدر ڊاڪٽر عبدالرزاق، تنظيم المدارس اهل سنت جو صدر مفتي منيب الرحمان، وفاق مدارس سلفيه جو صدر پروفيسر ساجد مير، وفاق مدارس شعيه جو صدر علامه سيد رياض حسين نجفي، رابط المدارس جو صدر مولانا عبدالمالڪ به خطاب ڪيو. صدر  پاڪستان خطاب ۾ چيو ته پاڪستان جو آئين قومي اتحاد ۽ فرقيواراڻي هم آهنگي کي مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿو، اسان جو آئين ئي اسان جو بنيادي بيان آهي ڇو ته ان جو بنياد قرآن ۽ سنت جي تعليم ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي فڪر تي رکيو ويو آهي، ان لاءِ هي اسان جي پهرين ذميداري آهي ته پنهنجي ان بنياد کي مضبوطي سان پڪڙيون، پيغام پاڪستان جي نالي سان جوڙيل فتويٰ ۾ سمورن ديني مڪتب فڪر قرآن ۽ سنت جي روشني ۾ گڏيل اتفاق راءِ سان هڪ سٺو دستاويز جوڙيو آهي جنهن جي ذريعي فرقيواريت ۽ دين کي هن ڌرتي تي فساد لاءِ استعمال ڪرڻ جو دليل رد ٿي ويندو آهي ۽ اسلام جو حقيقي چهرو سامهون اچي ٿو، عالم سڳورن جي متفقه فتويٰ ”پيغام پاڪستان“ جو بيانو انهن ماڻهن جي اصلاح جو ذريعو به بڻجندو جيڪي ڪجهه ناپسنديده عنصرن جي منفي پروپيگنڊا جو شڪار ٿي ڪري رستو ڀلجي ويا هئا، صدر خواهش جو اظهار ڪيو ته شدت پسندي جي حوالي سان هڪ جامع دستاويز جي تياري ۾ ڪاميابي کانپوءِ معاشري ۾ فرقيواريت جي فروغ وٺندڙ مختلف شڪلين تي به ڌيان ڏنو وڃي ڇو ته تازو ئي فرقيواريت جا ڪجهه اهڙا منظر ڏسڻ لاءِ مليا جيڪي ڪيترن ئي حوالن سان ڳڻتي جوڳا آهن، ان ناپسنديده رجحان تي ضابطو نه آندو ويو ته خدشو آهي ته ان سبب ملڪ ۾ فتنن جو هڪ وڏو طوفان برپا ٿيندو جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ زمانا گهربل هوندا، اڄ علمي انقلاب دنيا جي دروازو کڙڪائي رهيو آهي، مسلمان ان کڙڪي کي ٻڌن ۽ مستقبل لاءِ پنهنجي رخ کي درست ڪري پنهنجي معاشرن ۾ امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائين ڇو ته ان تي مستقبل جو دارومدار آهي. اسان جي خواهش آهي ته هي بيان قومي سڃاڻپ جو حصو بڻجي وڃي، دهشتگردن جو ساٿ ڏيندڙن جي لاءِ ملڪ ۾ ڪا به جڳهه نه آهي، بندوق جي ذريعي شريعت جو مطالبو غلط آهي ۽ اسان ان کان بيزاري جو اعلان ڪريون ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *