پاڪ-ڀارت ڇڪتاڻ، سفارتي عملو نشاني تي

ڀارت سرحدن تي ڇڪتاڻ کانپوءِ سفارتي دهشتگردي تي لهي آيو، پاڪستاني سفارتڪار محمود اختر کي فوج جو حساس نقشو رکڻ جي شڪي الزام ۾ پڇا ڳاڇا ڪئي وئي ۽ کيس اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏئي 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڀارت پاران شڪر ڳڙهه سيڪٽر ۾ بنا جواز فائرنگ ڪئي وئي، 40 ورهين جي عورت شهيد، 7 ڄڻا زخمي، پاڪ فوج طرفان منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، ڪيتريون ئي ڀارتي چيڪ پوسٽون تباهه ٿي ويون، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته لائين آف ڪنٽرول تي ڀارتي فائرنگ جو سلسلو ڪالهه به جاري رهيو، ڀارتي فوج شهري آبادين تي ماٽر گولا فائر ڪيا، جنهن سبب ڪيترو ئي چوپايو مال مري ويو، متاثر آبادين ۾ سکو چڪ، ڪرول جدوال، ننگل، گوج پور جندروٽ، نڪيال، تتا پاني ۽ هاٽ اسپرنگ شامل آهن، پاڪ فوج طرفان ڀارتي فائرنگ جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويو، جوابي ڪارروائي ۾ ڪيتريون ئي ڀارتي چيڪ پوسٽون تباهه ٿي ويون، جن مان باهه ڀڙڪي رهي هئي.

ڀارت جي گادي واري شهر نئين دهلي ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي آفيسر کي دهلي پوليس جاسوسي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو هو، جڏهن ته ڪجهه دير کانپوءِ کيس آزاد ڪيو ويو، ڀارتي پرڏيهي آفيس جي ترجمان وڪاس سوارپ تصديق ڪئي ته پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي هڪ آفيسر کي جاسوسي جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو، پرڏيهي سيڪريٽري پاڪستاني هاءِ ڪمشنر کي گهرايو ۽ کيس ٻڌايو ته سندن هڪ آفيسر کي اڻوڻندڙ ماڻهو قرار ڏنو ويو آهي، پاڪستاني هاءِ ڪمشنر کي پرڏيهي آفيس طلب ڪري چيو ويو ته ڪو به سفارتي اهلڪار ڀارت مخالف سرگرمين ۾ ملوث نه ٿئي، پاڪستاني اهلڪار کي هڪ جاسوس سان گڏ معلومات جي ڏي وٺ دوران پڪڙيو ويو، پريس ٽرسٽ آف انڊيا (پي ٽي آئي) جي رپورٽ مطابق پوليس محمود اختر کي اربع ڏينهن گرفتار ڪيو ،جنهن وٽ بچاءَ بابت ڪاغذ موجود هئا، پي ٽي آءِ پوليس اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ته محمود اختر کي پڇا ڳاڇا کانپوءِ آزاد ڪيو ويو ڇو ته ان کي سفارتي ڇوٽ حاصل آهي، ان کانسواءِ وڌيڪ ٻن عهديدارن مولانا رمضان ۽ سڀاش جهانگير کي به گرفتار ڪيو ويو، جن تي الزام لڳايو ويو آهي ته هو پاڪستاني هاءِ ڪميشن جي آفيسر کي حساس ڄاڻ ڏئي رهيا هئا،

ٻئي پاسي ڀارت ۾ مقرر پاڪستاني هاءِ ڪمشنر عبدالباسط خان پاڪستاني سفارتي عملي جي اهلڪار سان بدسلوڪي تي ڀارتي پرڏيهي سيڪريٽري آڏو احتجاج ڪيو ۽ ڀارت طرفان لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو ته پاڪستاني سفارتي عملي جي اهلڪار سان بدسلوڪي ويانا ڪنوينشن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، پاڪستاني سفارتخاني سفارتي قانون ۽ ادب خلاف ڪڏهن به ڪو قدم ناهي کنيو، ڀارتي حڪومت ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته مستقبل ۾ اهڙو واقعو پيش نه اچي. پاڪستاني هاءِ ڪميشن مطابق سفارتي عملي کي هراسان ڪرڻ ڀارت ۾ معمول آهي  پر ڪو اهلڪار گرفتار ناهي ٿيو.

پرڏيهي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي ته ڀارت ڇڪتاڻ وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پاڪستاني سفارتڪار کي اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏيڻ جي هو مذمت ڪن ٿا. اسلام آباد ۾ ميڊيا کي هفتيوار بريفنگ ڏيندي نفيس ذڪريا چيو ته ڀارت ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن عالمي قانونن ۽ سفارتي اصولن موجب ڪم ڪري رهيو آهي. پاڪستاني سفارتڪار کي گرفتار ڪري ڀارت ويانا ڪنوينشن جي ڀڃڪڙي ڪئي.پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جا ثبوت ڪلڀوشن ياديو جي گرفتاري جي صورت ۾ سامهون اچي چڪا آهن. ڀارت ڪلڀوشن ياديو تائين پهچ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي پر اڃا جاچ جاري آهي، جنهن بعد وڌيڪ قدم کنيا ويندا. افغانستان جي ڌرتي پاڪستان خلاف استعمال ٿيندي رهي آهي، اتان جي حڪومت اهڙو عمل روڪي، ڪوئيٽا واقعي ۾ ملوث دهشتگردن جا به افغانستان سان رابطا ظاهر ٿيا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *