پاناما ليڪس جي ٻئي قسط جو ڌماڪو

پاناما ليڪس وڌيڪ نوان دستاويز جاري ڪري ڇڏيا، ڪراچي، لاهور، پشاور، گوجرانوالا جا شهري به آف شور ڪمپنين جا مالڪ نڪتا. آف شور ڪمپنيون رکندڙ چار سئو پاڪستانين جا نالا سامهون اچي ويا، پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان، ذلفي بخاري، آصف زرداري ۽ متحده سربراهه جي ويجهي دوست عرفان اقبال پوري، بينظير ڀٽو جي ڪــَزن طارق اسلام جا نالا به شامل آهن. پاناما ليڪس جي ٻي قسط جاري ڪئي وئي آهي. آف شور ڪمپنيون رکندڙ وڌيڪ 4 سئو پاڪستانين جا نالا سامهون اچي ويا. آءِ سي آءِ جـَي جي جاچ رپورٽ موجب آف شور ڪمپنين ذريعي 12 کرب ڊالرز کان وڌيڪ سرمايو ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪيو ويو جن ۾ چين، روس، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، انگولا ۽ نائيجيريا شامل آهن. رپورٽ موجب پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان جو فنانسر ۽ ويجهو دوست ذوالفقار عباس بخاري عرف زلفي بخاري 6 آف شور ڪمپنين جو مالڪ آهي جڏهن ته پي ٽي آءِ اڳواڻ عليم خان جو نالو به آف شور ڪمپنيون ٺاهيندڙن جي لسٽ ۾ شامل آهي. اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز جي دور جي صحت واري وزير نصير خان جو ڀاءُ ظفر الله خان ۽ پٽ محمد جبران جي آف شور ڪمپني آهي. ان کانسواءِ لاهور سان تعلق رکندڙ سيٺ عابد جو پٽ ساجد محمود وزجن آءِ لينڊ ۾ ڪمپني جو مالڪ نڪتو. سيٺ عابد جي ڪٽنب جون 30 آف شور ڪمپنيون منظر عام تي آيون آهن. ٻٽي شهريت رکندڙ عزت مجيد جي به آف شور ڪمپني آهي، جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ ايم ڪيو ايم سربراهه الطاف حسين جو ويجهو دوست عرفان اقبال پوري به ٽن آف شور ڪمپنين جو مالڪ آهي. پورٽ قاسم اٿارٽي جي اڳوڻي ايم ڊي عبدالستار ڏيري جون به پرڏيهي ڪمپنيون آهن. ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي اڳوڻي صدر شوڪت احمد جي نالي تي به ڪمپني رجسٽرڊ آهي جڏهن ته سندس پٽ ۽ ننهن شيئر هولڊرز ۾ شامل آهن. آسڪر ايوارڊ يافته شرمين عبيد چناءِ جي والده صبا عبيد کي 3 آف شور ڪمپنيون آهن. ايڊمرل رٽائرڊ مظفر حسين جو پٽ اظهر حسين به هڪ آف شور ڪمپني ۾ شيئر هولڊر آهي. پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر رخسانا زبير به پرڏيهي ڪمپني ۾ سيڙپڪاري ڪئي. اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جو ڪزن طارق اسلام به آف شور ڪمپني رکندڙن جي لسٽ ۾ شامل آهي. ياد رهي ته ڪجهه عرصو اڳ پاناما ليڪس جي پهرين ايڊيشن ۾ آف شور ڪمپنيون يا وري ڳجها اڪائونٽس رکندڙ 250 پاڪستانين سميت سڄي دنيا سان رکندڙ 10 لک کا وڌيڪ شخصيتن جا نالا شايع ڪيا ويا هئا. پاناما ليڪس جي پهرين قسط ۾ وزيراعظم نواز شريف جي پٽن جا نالا سامهون اچڻ تي وزيراعظم معاملي جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جڏهن ته اپوزيشن جماعتن پاناما ليڪس ۾ وزيراعظم جي ڪٽنب جو نالو ظاهر ٿيڻ بعد ان کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *