عدلتي فيصلي تي به شگر ملن عمل نه ڪيو…

عدالتي فيصلي کانپوءِ سنڌ ۾ 34 شگرملن مان ڪيترن ئي ملن جي انتظاميا طرفان انڊينٽ ڏيڻ جو سلسلو بند ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ آبادگارن کان شگر مل انتظاميا ڪمند وٺڻ لاءِ جاري ٿيندڙ انڊينٽ ڏيڻ بند ڪرڻ سبب آبادگار ڪمند جي ڪٽائي ڪرڻ لاءِ پريشان ٿي ويا. شگرملن جي انتظاميا خساري واري سلسلي کي ڏسندي شگرملن ۾ پهتل ڪمند جي پيڙائي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ٻيو ڪمند وٺڻ بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن، شگرملن جي انتظاميا کنڊ جو ذخيرو هجڻ جواز ڄاڻائي وفاق طرفان کنڊ ايڪسپورٽ نه ڪرڻ ڪري شگرمل انتظاميا ڪمند جو اگهه 172 روپيا عدالتي حڪم تي ڏيڻ واري حڪم کانپوءِ ڳڻتي ۾ وٺجي ويا، شگرملن جي مالڪن طرفان عدالتي فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرڻ لاءِ صلاح مشورا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته آبادگارن سڄي سنڌ جي آبادگارن کي اپيل ڪري ڇڏي آهي ته ڪمند جي ڪٽائي ڪنهن به صورت ۾ بند نه ڪن، ڪمند شگرملن تائين پهچائين ڀلي شگرملون انڊيڊ جاري ڪن يا نه ڪن. عدالتي حڪم تحت ڪمند شگرملن جي دروازن تائين پهچايو ويندو.

ايوان زراعت سنڌ جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي سان آبادگارن کي انصاف مليو آهي، پر شگرمل انتظاميا آبادگارن کي انڊينٽ ڏيڻ بند ڪري ڇڏيا آهن ۽ شگرملون بند ڪرڻ جون ڳالهيون پڻ ڪري رهيا آهن، جنهن سان آبادگارن ۾ سخت ڳڻتي آهي، سنڌ ۾ ساڍا 7 لک ايڪڙن تي ڪمند پوکيل آهي، اسان آبادگار ڪمند جي ڪٽائي جاري رکنداسين، ڀلي شگرملون گيٽ بند ڪن، پر اسان ڪمند سان ڀريل ٽرڪون ۽ ٽراليون شگرملن جي گيٽ تائين پهچائينداسين ۽ اسان عدالت کان اميد رکون ٿا ته اها اسان سان انصاف ڪندي، جيڪي شگرملون انڊينٽ جاري نٿيون ڪن، انهن سان پڇاڻو ڪرڻ لاءِ عدالت ڪين ڪمشنر کي حڪم جاري ڪري ته جيئن اهو معاملو حل ٿي سگهي، ڪين ڪمشنر سان لاڳاپيل عملدار موجب عدالت جي حڪم تي سمورين شگرملن کي پابندي سان ڪمند وٺڻ گهرجي انڊينٽ جاري ڪرڻ گهرجن، جيڪڏهن ڪنهن به شگر مل خلاف ورزي ڪئي ته ان جي ڄاڻ عدالت تائين پهچائي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *