سکر بئراج وٽ انتهائي وڏي ٻوڏ جو وهڪرو گذرڻ شروع

 

سکر بئراج وٽ اڄ صبح کان انتهائي وڏي ٻوڏ جو وهڪرو گذرڻ شروع، گڊو بئراج وٽ لاٿ شروع ٿي وئي، ٽن ڏينهن تائين لاٿ کان پوءِ ٻيهر چاڙهه شروع ٿي ويندو، چاچڙان شريف وٽ گيج ۾ 4 انچ لاٿ، چشما ۽ تونسا وٽ پاڻيءَ ۾ چاڙهه جاري، ڪابل جو وهڪرو به گھٽجڻ لڳو، سکر مان 7 لک ڪيوسڪس کان وڌيڪ پاڻي گذرڻ بعد الرا جاگير بند، عاقل آگاڻي بند ۽ نصرت لوپ بند تي دٻاءُ وڌي ويو، خيرپور لاڙڪاڻو پل تي به سخت دٻاءُ. تفصيل موجب گڊو بئراج کان پوءِ سکر بئراج وٽان به اڄ صبح کان انتهائي وڏي ٻوڏ جو وهڪرو گذرڻ شروع ٿي ويو آهي جنهن جي ڪري سکر بئراج جي ڊائون اسٽريم ۾ واقع الرا جاگير لوپ بند، عاقل آگاڻي بند ۽ نصرت لوپ بند تي دٻاءُ وڌي ويو آهي. خاص طور تي گذريل ڪيترن سالن کان خطرناڪ حالت ۾ موجود الرا جاگير بند تي خطرو وڌي ويو آهي. ان سان گڏو گڏ خيرپور لاڙڪاڻو پل تي به پاڻي جو خطرناڪ دٻاءُ آهي. گڊو وٽ جيتوڻيڪ ڪالهه شام 6 وڳي تائين وهڪري ۾ چاڙهه بعد رات 8 وڳي کان پاڻي لهڻ شروع ٿي ويو هو ان جي باوجود شينڪ بند ۽ اولڊ ٽوڙي بند تي اڃا تائين خطرناڪ دٻاءُ آهي. آبپاشي ماهرن موجب گڊو بئراج وٽ لاٿ جو سلسلو ٽن ڏينهن تائين جاري رهڻ بعد ٻيهر چاڙهه شروع ٿي ويندو ڇاڪاڻ ته ميانوالي ضلعي ۾ تيز برساتن بعد چشما بئراج وٽ وهڪرو 6 لک ڪيوسڪس کان وڌي ويو آهي. جڏهن ته تونسا وٽ به وهڪرو 5 لک ڪيوسڪس کان وڌيل آهي. چاچڙان وٽ گيج 4 انچ گھٽجڻ باوجود اتي 11 فٽن جو گيج برقرار آهي ۽ پنجنند وٽان به هڪ لک 27 هزار 948 ڪيوسڪس پاڻي سنڌوءَ ۾ ڇوڙ ٿي رهيو آهي. چترال واري علائقي ۾ برساتون گھٽجڻ بعد ڪابل جي وهڪري ۾ لاٿ اچي رهي آهي ۽ اتي سپر فلڊ مان صورتحال گھٽجي وڏي ٻوڏ ۾ تبديل ٿي وئي آهي. ڪالهه مليل انگن اکرن موجب تربيلا وٽ ان فلو 3 لک 50 هزار ڪيوسڪس ۽ آئوٽ فلو 3 لک 15 هزار 8 سئو ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو جتي پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي گنجائش باقي 2 فٽ رهي آهي. جيڪا موجوده صورتحال ۾ ايندڙ 3 ڏينهن ۾ ختم ٿي ويندي ۽ پاڻي ”رن آف رور“ تحت وهڻ لڳندو. ڪالا باغ جو مٿاهون وهڪرو 507042 ڪيوسڪس هيٺاهون وهڪرو 504242 ڪيوسڪس، چشما وٽ ان فلو 638652 ڪيوسڪس هيٺاهون وهڪرو 636512 ڪيوسڪس، تونسا وٽ مٿاهون توڙي هيٺاهون وهڪرو 501720 ڪيوسڪس، گڊو وٽ مٿاهون وهڪرو 739872 ڪيوسڪس هيٺاهون وهڪرو 721113 ڪيوسڪس، سکر وٽ مٿاهون وهڪرو 693271 ڪيوسڪس هيٺاهون وهڪرو 650091 ڪيوسڪس ۽ ڪوٽڙي وٽ مٿاهون وهڪرو 299073 ڪيوسڪس ۽ هيٺاهون وهڪرو 291773 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو. جهلم زون ۾ منگلا جو ان فلو 72 هزار ڪيوسڪس ۽ آئوٽ فلو 73214 ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو. مرالا وٽ چناب جو ڇوڙ 94675 ڪيوسڪس ۽ نوشهره وٽ ڪابل جو ڇوڙ هڪ لک 38 هزار هڪ سئو ڪيوسڪس رڪارڊ ڪيو ويو

ڏوڪري جي ڪچي جا ڪيترائي ڳوٺ شاهه علي جا ڀاڻ ، دين پور، راحب جوڻيجو، ماهي ماڇي، مٺي جا ڀاڻ ، پيچرائي ڪلهوڙو، نظام جوڻيجو، بخاري ڳوٺ ۽ ٻيا ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن متاثرن کي ڪچي کان پڪي تي منتقل ڪرڻ وارو ڪم جاري آهي جڏهن ته وڏي انگ ۾ متاثر پاڻيءَ ۾ ڦاٿل آهن هوڏانهن ٻلهڙيجي موهن جو دڙو، بچاءُ بندن تي پاڻي جودٻاءُ برقرار آهي جنهن ڪري رهواسين جو ساهه مٺ ۾ اچي ويو آهي ان ڏس ۾ آبپاشي ۽ اطلاعات کاتي جو صوبائي وزير نثار احمد کهڙي پ پ اڳواڻ عبدالفتاح ڀٽو، طارق انور سيال، امر خان ٻگهيو، خان محمد سانگهرو ، سڪندر شاهه، محب پيرزادو ۽ ٻين سان گڏجي  عاقل آگاڻي ، موريه لوپ ، هڪڙا بند، ٻلهڙيجي بند، سيري بند ۽ ٻين بندن جو دورو ڪيو ٻوڏ جي صورتحال معلوم ڪئي آبپاشي عملدارن ۽ ضلعي انتظاميه کان بريفنگ ورتي،  ان موقعي تي ڊي سي جاويد جاگيراڻي ، اي سي يار علي شاهه ، انفارميشن ڊائريڪٽر درشن لعل ، الفت پيرزادو ۽ ٻيا موجود هئا صوبائي وزير ٻلهڙيجي ڪيمپ ۾ متاثرن ۾ راشن تقسيم ڪيو ان دورارن متاثرن راشن نه ملڻ جو شڪايتون ڪيون بعد ۾صوبائي وزير نثاراحمد کهڙو ڏوڪري ڀرسان سيري بند ۾ 2010 واري ٻوڏ دوران دٻجي فوت ٿي ويل ٻن ڳوٺاڻن عبدالجبار ڪانڌڙو ۽ عبدالجبار ميراڻي جي مزارن تي پهتو ۽ فاتح خاني ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *