سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن قانون مٽائڻ جو اعلان

ميڊيا سان ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته عزيز آباد مان سياسي پارٽي جي هيڊ ڪوارٽر ڀرسان هٿيار هٿ آيا آهن. عزيز آباد مان هٿيار هٿ اچڻ جي جاچ جاري آهي، پر هٿيار ملڻ جو شڪ هڪ سياسي پاٽي ڏانهن آهي. اسين ڪرپشن جي خلاف آهيون، نيب پنهنجو ڪم جاري رکي. اينٽي ڪرپشن کاتي کي به سڌاري رهيا آهيون ۽ اينٽي ڪرپشن تي نئون قانون به لاڳو ڪندا سين .عزيز آباد مان هٿيار هٿ ٿيڻ واري معامعلي جي جاچ لاءِ سنڌ ۾ اينٽي ڪرپشن قانون مٽائڻ جو اعلان ڪندي سندس چوڻ هو ته نيب جو ڪنهن به هڪ پارٽي جي پويان پوڻ ۽ ٻين سڀني سالن پراڻن وڏن ڪيسن کي ڇڏي ڏيڻ ٺيڪ ناهي. سرڪاري پڌرائي موجب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته جنهن گهر مان وڏي انگ ۾ هٿيار مليا آهن اهو هڪ سياسي جماعت جي هيڊڪوارٽر جي ويجهو آهي جنهن سبب ڪيترائي سوال اٿيا. عزيزآباد ۾ هڪ گهر مان وڏي انگ ۾ اسلحي جي حاصلات بابت تفصيلي جانچ پڙتال ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هي گهر هڪ جماعت جي هيڊڪوارٽر جي ويجهو آهي تنهنڪري ماڻهو انهن هٿيارن بابت سوال ڪري رهيا آهن ته ايڏي وڏي انگ ۾ اتي هٿيار ڪيئن پهتا. جانچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سڀئي ڳالهيون واضح ٿي وينديون. نيب بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هن کي وڏي حيرانگي ٿي ته نيب ميگا اسڪينڊل جي جانچ ڇڏي ڪري سنڌ ۾ وچ هنٽ شروع ڪري ڇڏيو آهي ۽ مون کي ڪابه ان ڳالهه تي ڪابه ڳڻتي ڪانهي ته نيب ڇا پيو ڪري. آئون پنهنجي ڪم ۽ سنڌ جي عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ ئي گهڻو رڌل آهيان. سنڌ حڪومت اينٽي ڪرپشن اسٽيبلشمينٽ بابت قانون ۾ ترميم ڪري وڌيڪ مؤثر بڻائي پئي ته جيئن هي ادارو وڏي وڏي جانچ پڙتال به ڪري سگهي. سنڌ صوبي ۾ ڪرپشن جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ تاثر بابت وڏي وزير چيو ته اهو گهڻو پراڻو مسئلو آهي. آئون صوبي ۾ گڊ گورننس جي قيام لاءِ ڏينهن رات جاکوڙي رهيو آهيان. هڪ ڀيرو جڏهن گڊ گورننس بهتر ٿي وئي ته بدعنواني ۽ ڪرپشن پاڻمرادو ختم ٿي ويندي. مون اڄ تعليم کاتي بابت به هڪ اجلاس ڪوٺايو هيو. ڪن ماڻهن جو چوڻ هيو ته 6 ملين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن ۽ ڪن جو وري خيال هيو ته اسڪولن مان ٻاهر ٻارن جو تعداد 3 ملين آهي. جيڪڏهن فقط 3 ٻار به اسڪول کان ٻاهر آهن ته اها ڳالهه منهنجي لاءِ ڳڻتي جو سبب آهي ۽ منهنجي ذميواري آهي ته آئون انهن کي اسڪول اماڻيان. تعليمي ماهرن جي مشورن سان صوبي ۾ ايجوڪيشن پاليسي آڻڻ گهران ٿو جنهن تحت سموري صوبي ۾ مفت معياري تعليم حاصل ٿي سگهي پر انهي هدف کي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني کي منهنجو هٿ ونڊرائڻو پوندو. ساڳئي ريت صحت لاءِ پاليسي به جوڙي پئي وڃي جنهن جو مقصد سڀني لاءِ مفت طبي خدمتون فراهم ڪرڻ آهي. منهنجي حڪومت جو ڪوبه منجهيل ايجنڊا ڪونهي پر منهنجون ترجيحات گهڻو ساديون آهن ته تعليم جي معيار ۽ صحت جي خدمتن کي به بهتر بڻايو وڃي ۽ هڪ سٺي حڪومت قائم ڪئي وڃي. هر ڪوئي ان سان تعاون ڪري رهيو آهي انهيءَ ڪري هو پنهنجي ڄاڻايل هدف کي حاصل ڪري وٺندو. هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته هن کي رپورٽ ملي آهي ته سول اسپتال لاڙڪاڻي ۾ ڊائليسز کانپوءِ ڪجهه مريضن ۾ ايڊز انفڪيشن ٿيو آهي. مريضن جو چوڻ آهي ته ڊائلاسيز مشينن ۾ ايڊز  وائرس هو. آئون پهريان ئي سيڪريٽري صحت کي انهي بابت تحقيقات ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *