سنڌ جي تعليم جو الله واهي…!

سنڌ ۾ تعليمي ايمرجنسي باوجود تعليم کاتي جا پويان پير آهن  ڪجهه سالن اندر  9 هزار ۽ گذريل هڪ سال ۾ 3هزار 172 اسڪول بند ۽ پوڻا 2 لک شاگردن جي داخلا  گهٽجڻ  جو انڪشاف ٿيو آهي، 55 سيڪڙو اسڪول بجلي، 37 سيڪڙو واش روم، 43 سيڪڙو پيئڻ جي صاف پاڻي کان به محروم آهن صوبي جي سرڪاري اسڪولن ۾ گذريل ست سالن دوران شاگردن جي انگ ۾ 1 لک 68 هزار کان وڌيڪ گهٽتائي ٿي آهي. سنڌ جي تعليم کاتي جي ذيلي اداري رفارم سپورٽ يونٽ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ 2011ع ۾ پرائمري ايلمنٽري اسيڪنڊري ۽  هائر سيڪنڊري اسڪولن جو  انگ 48 هزار 914 هو جيڪو 2017ع ۾ گهٽجي 42 هزار 383 رهجي ويو، گرلز اسڪولن جو انگ 7 هزار 801 مان 5 هزار 385 بچيو آهي. اسڪولن ۾ شاگردن جو انگ 17 لک 58 هزار 853 مان گهٽجي 16 لک 52 هزار 25 بچيو آهي. تعليم کاتي انگ ۾ گهٽتائي جو سبب غير فعال اسڪولن کي قرار ڏنو آهي. بوائز اسڪول 11 هزار 732 کان گهٽجي 6 هزار 70 بچيا آهن ۽ 2011ع ۾ شاگردن جو انگ 24 لک 63 هزار 307 هو جيڪو هاڻ وڌي 25 لک 77 هزار 103 ٿي ويو آهي جڏهن ته گڏيل طور تي شاگردن جو انگ 42 لک 22 هزار 160 کان وڌي 42 لک 29 هزار 128 ٿي ويو. تعليمي ايمرجنسي لاڳو ٿيڻ باوجود صوبي ۾ 23 هزار اسڪول بجلي کان محروم آهن. سنڌ جي 16 هزار 359 اسڪولن جي چوديواري ۽  15 هزار 478 اسڪولن ۾ باٿ روم ئي ناهن. 18 هزار 128 اسڪولن ۾ پيئڻ جو پاڻي  نه آهي، جڏهن ته 23 هزار 235 اسڪولن ۾ بجلي ۽ 31 هزار 982 اسڪولن ۾ راند جا ميدان ناهن. 2 هزار 10 سيڪنڊري ۽ هائير سيڪنڊري اسڪولن مان 942 اسڪولن ۾ سائنس جي ليب، هڪ هزار 89 اسڪولن ۾ بائيولاجي جي ليب، هڪ هزار 114 اسڪولن ۾ ڪيمسٽري ۽ هڪ هزار 719 اسڪولن ۾ فزڪس جي ليب ۽  هڪ هزار 374 اسڪولن ۾ ڪمپيوٽر ليب قائم ٿيل ناهي. 42 هزار 383 اسڪولن مان 41 هزار 649 اسڪولن ۾ لائبريريون ناهن.42 هزار 383 اسڪولن مان 30 هزار 928 اسڪولن ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي گڏ پڙهايو وڃي ٿو، جڏهن ته 6 هزار 70 اسڪولن ۾ ڇوڪرين ۽ 5 هزار 385 اسڪولن ۾ ڇوڪرن کي تعليم ڏني وڃي ٿي. تعليم کاتي جي پرائمري کان هائير سيڪنڊري اسڪولن جي عمارتن مان 6 هزار 567 اسڪولن جون عمارتون خطرناڪ، 4 هزار 910 اسڪولن کي عمارت يا ڇت نه آهي. سنڌ ۾ تعليم کاتي جي اسڪولن مان  رڳو 13 هزار 891 اسڪولن جون عمارتون بهتر حالت ۾ آهن ، جڏهن ته 15 هزار 978 اسڪولن جي عمارتن کي مرمت جي ضرورت آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *