دهشتگردي ذهنيت سان جڙيل مسئلو……..

وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته نائين اليون حملا غير انساني حملا هئا، انهن حملن جي ڪنهن به ڏوهاري جو تعلق پاڪستان سان نه هو، نائين اليون کانپوءِ فوجي حڪمران جلد بازي ۾ غلط فيصلا ڪيا، جنهن جي سزا پاڪستان اڃا تائين ڀوڳي رهيو آهي، لنڊن ۾ انٽرنيشنل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز ۾ خطاب ڪندي وفاقي گهرو وزير جو چوڻ هو ته اولهه ملڪن ۾ پاڪستان تي وڌيڪ تنقيد ٿئي ٿي، ڇو ته انهن کي پاڪستان جي قربانين جو احساس ناهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ دهشتگردي خلاف شعور بيدار ٿي چڪو آهي، اولهه کي پنهنجا حل اسان تي مسلط نه ڪرڻ گهرجن، اسان کي پنهنجا مسئلا پنهنجي طور تي حل ڪرڻ ڏنا وڃن، مغرب کي سمجهڻو پوندو ته مسلمان امن جا دشمن ناهن، اهي ته پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهن، دهشتگرد جيڪو ڪري رهيا آهن اهو اسلام ناهي، خطي ۾ عالمي طاقتن جي مداخلت سان اثر پيا، پاڪستان جا ڪيترائي سيڪيورٽي مسئلا ٻين جي ڪري پيدا ٿيا، افغانستان تي حملو ٿيو ته پاڪستان به ان مان متاثر ٿيو، پاڪستان کي افغانستان جي معاملي ۾ جلد بازي نه ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ڪيترن ئي پاسن کان سيڪيورٽي مسئلن کي منهن ڏئي رهيو آهي، نائين اليون کانپوءِ سڄو وزن پاڪستان مٿان وڌو ويو، دهشتگردن ۽ انتهاپسندن سان وڙهڻ لاءِ اڪيلو ڇڏيو ويو، دهشتگردي جو مسئلو سرحد پار ويندڙ ڪجهه دهشتگردن تائين محدود ناهي، اهو مسئلو هڪ ذهنيت سان جڙيل آهي، جيڪو هڪ عالمي مسئلو بڻجي چڪو آهي، جنهن ۾ عالمي برادري اسان جي مدد ڪري،  ماضي ۾ دهشتگردي جي روڪٿام لاءِ پاليسي نه هئي پر گذريل 8 سالن ۾ امن امان جي صورتحال هن وقت سڀ کان بهتر آهي، دهشتگردي واقعن ۾ مجموعي طور 38 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ملڪي ادارن آپگهاتي حملا روڪڻ لاءِ سٺيون ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن، هڪ سال ۾ 2200 کان وڌيڪ دهشتگرد حملا رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته ملڪ ۾ روزانو 6 کان 7 دهشتگردي جا واقعا پيش اچي رهيا هئا ۽ روزانو 50 کان 70 ماڻهو انهن حملن جو شڪار بڻجي رهيا هئا، پاڪستان ۾ 30 کان وڌيڪ ڳجها ادارا مربوط انداز ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، انهي بنياد تي 14 هزار آپريشن ڪيا ويا،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *