دنيا لاءِ تمام وڏو چئلينج بڻجندڙ داعش

 

گذريل هفتي شام جي اوڀر واري علائقي ۾ آمريڪي خصوصي فورسز ڪارروائي ڪري دولت اسلاميه جي اهم ڪمانڊر ابو سياف کي ماريو هو، جنهن بابت ٻڌايو پيو وڃي ته هو دولت اسلاميه جي تيل ۽ گئس جي ڪاروبار کي سنڀالڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو هو، آمريڪي ڪمانڊوز کي ابو سياف کي زنده پڪڙڻو هو، پر ڪنهن جوابي ڪارروائي کان بچڻ لاءِ آمريڪي فورسز هٿان فائرنگ ڪئي وئي ۽ نتيجي ۾ داعش جو اهم اڳواڻ مارجي ويو. ابو سياف کي زنده پڪڙڻ جو مقصد اهو هو ته جيئن هن کان اها جاچ ڪري سگهجي ها ته دولت اسلاميه ڪهڙي طرح ڪم ڪري رهي آهي. آمريڪي اهلڪارن پاران اها ڳالهه به سامهون آئي آهي ته گذريل هفتي مارجي ويل داعش جي ڪمانڊر ابو سياف جو حقيقي نالو فتحي بن عون بن جلدي مراد التيونسي هو، ان کانسواءِ به ابو سياف جا ٻيا نالا هئا. سندس گرفتار ڪيل زال ام سياف عراق ۾ قيد آهي، جنهن کان پڇا ڳاڇا جو سلسلو جاري آهي، آمريڪا انهيءَ اليڪٽرانڪ ڊيٽا مان به جاچ ۾ مدد حاصل ڪري رهيو آهي، جيڪا حملي کانپوءِ هٿ آئي هئي. هاڻي سوال اهو اڀري ٿو ته دولت اسلاميه ڇا آمريڪا کي به شڪست ڏئي پنهنجي طاقت ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ڪندي پئي وڃي؟ ڇو ته داعش شام ۽ عراق جي وڏن حصن تي قبضا ڪري ورتا آهن، آمريڪا جي سربراهي ۾ جوڙيل فوجي اتحاد ڪيترائي مهينا فضائي بمباري باوجود  اڃا تائين دولت اسلاميه کان قبضا ختم ڪرائڻ ۾ واضح طور ناڪام نظر اچي ٿو.

چيو وڃي ٿو ته دولت اسلاميه جو مقصد آهي ته سڄي مسلم دنيا ۾ هڪ خلافت قائم ڪئي وڃي، جنهن جو هڪ سربراهه هجي، جيڪو اسلامي قانون ۽ شريعت موجب حڪمراني هلائي. ان ڪري داعش شام ۽ عراق کي پنهنجو مرڪز بڻائڻ بعد قبضن جو دائرو وڌائڻ چاهي ٿي ته جيئن هو حڪمراني ڪري سگهي، داعش جو پنهنجو بيوروڪريٽڪ سسٽم به آهي، جيڪو بالڪل جديد رياستن وانگر آهي. داعش جو سربراهه خليفه ابراهيم البراهيم علي البدري السمارائي آهي، جنهن کي ابوبڪر البغدادي جي نالي سان پڻ سڏيو وڃي ٿو. تنظيم جو سربراهه سيڪيورٽي، انٽيليجنس، ماليات، ميڊيا، صحت، خانداني ۽ قانوني معاملن جي نگراني ڪري ٿو، ابوبڪر البغداري سڀ کان مٿانهون، صوبائي ۽ ضلعي سطح تي به دولت اسلاميه جو رهنما آهي، کيس 4 مشير به آهن، جن سان مختلف معاملن تي صلاح مشورا ڪرڻ بعد ڪارروايون ڪيون وڃن ٿيون.

جون 2014ع ۾ داعش جو تنظيمي ڍانچو ان وقت واضح ٿي ويو، جڏهن عراق جي شهر موصل ۽ ملڪ جي ٻين شهرن تي قبضي کانپوءِ داعش خلافت جو اعلان ڪيو. داعش وٽ ميڊيا آپريشن به آهي، جنهن بابت ٻڌايو وڃي ٿو ته ان ميڊيا آپريشن کي وڏي سوچ ۽ سمجهه سان هلايو وڃي ٿو. جڏهن نائجيريا جي شدت پسند تنظيم بوڪوحرام دولت اسلاميه جي حق ۾ بيعت جو اعلان ڪيو ته ڪيترن ئي وڊيوز ۾ ڏيکاريو ويو ته مختلف علائقن مان وڏي انگ ۾ ماڻهو رستن تي نڪري ان جي حمايت جو اعلان ڪرڻ لڳا. آمريڪي اتحاد جي ڪارروائين ۾ تيزي اچڻ کانپوءِ داعش ڀرپور ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجي ڪارروائين بابت ڪنهن کي به پتو لڳڻ نه ڏي ۽ پنهنهجي ڪارروائين کي انتهائي ڳجهو رکي. چيو وڃي ٿو ته داعش جا 2 نائب رهنما به آهن، جن مان ابو علي الانباري شام ۽ ابو مسلم الترڪماني عراق ۾ تنظيمي سرگرمين جي نگراني ڪن ٿا. داعش انٽرنيٽ تي پنهنجي تنظيم بابت ڪنهن به قسم جو مواد رکڻ کان پاسو ڪري ٿي، جنهن سان انٽيليجنس معلومات حاصل ڪري سگهجي، تنظيم ۾ فرضي نالن ۽ عرفيت جو به عام استعمال آهي، اهو ئي سبب آهي جو آمريڪا رڳو تنظيم جي 12 نالن جي ئي لسٽ جوڙي رکي آهي، دولت اسلاميه پنهنجي عهديدارن کي به ظاهر نٿي ڪري ته ڪهڙو شخص ڪهڙي عهدي تي فائز آهي.

دولت اسلاميه هڪ ڏينهن اڳ سعودي عرب جي صوبي قطيف ۾ جمعي نماز دوران مسجد تي ڪيل آپگهاتي بم حملي جي ذميواري به قبولي ورتي آهي، ان حملي ۾ 21 کان وڌيڪ نمازي شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا، قطيف شيعه آبادي تي مشتمل آهي، جيڪا ماضي ۾ سعودي حڪومت تي انساني حقن جي سنگين خلاف ورزي جو الزام هڻندي رهي آهي.

دولت اسلاميه جي ويڙهاڪن شام ۾ هڪٻئي صوبائي گادي واري شهر سميت شام ۽ عراق وچ مان گذرندڙ آخري گذرگاهه جو به ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي، داعش جي اهڙي پيشقدمي سان آمريڪا جي موجوده حڪمت عملي کي شديد ڌچڪو لڳو آهي، شام جي انتهائي قديم شهر پالميرا ۽ اتي موجود تاريخي باقيات تي پنهنجي مڪمل قبضي جي دعويٰ ڪندڙ تنظيم داعش جي شام ۽ عراق جي مختلف هنڌن تي قبضو ڪرڻ لاءِ مسلسل پيش قدمي جاري آهي. هاڻي شام ۽ عراق جي گڏيل سرحد تي اهڙي ڪا به گذرگاهه ناهي بچي، جيڪا شامي صدر بشارالاسد جي حامي فورسز جي ڪنٽرول ۾ هجي. دولت اسلاميه پنهنجي خلافت قائم ڪرڻ لاءِ جاگرافيائي توسيع جي عمل کي جاري رکندي پئي اچي ۽ شام ۾ الطنف ۽ عراق ۾ الوليد وچ ۾ هاءِ وي تي قائم بارڊر ڪراسنگ تي قبضو ڪرڻ سان سندس حوصلن ۾اڃا وڌيڪ اضافو ٿيندو. انهيءَ پسمنظر ۾ داعش جي قبضي هيٺ ايندڙ شامي ۽ عراقي شهرن مان هزارين عام شهرين پنهنجون جانيون بچائڻ لاءِ لڏپلاڻ جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي، ڇو ته کين خدشو آهي ته داعش جا ويڙهاڪ رتوڇاڻ ۽ ڦرلٽ ڪندا جيئن هو پهرين به مختلف شهرن ۾ ڪري چڪا آهن.

شام جي مخالف ڌر جي تنظيم سيريئن آبزرويٽري فار هيومن رائٽس موجب آءِ ايس جا ويڙهاڪ شام ۾ 95 هزار ڪلوميٽر چورس ايراضي تي قابض ٿي چڪا آهن، جيڪا شام ملڪ جي اڌ ايراضي آهي. اها ڳالهه شامي حڪومت لاءِ تمام وڏو ڌچڪو آهي، جڏهن ته داعش جو القاعده جي اڳواڻن سان به رابطو آهي. عالمي تجزيه نگارن موجب ته دولت اسلاميه آڏو آمريڪي حڪمت عملي ناڪامي کي منهن ڏئي رهي آهي، پر آمريڪي صدر باراڪ اوباما ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته آمريڪي قيادت ۾ جوڙيل عالمي عسڪري اتحاد اسلامڪ اسٽيٽ خلاف پنهنجي جنگ هارائي نه رهيو آهي، سندس اها ڳالهه ڪيتري قدر دعويٰ يا حقيقت تي ٻڌل آهي، ان بابت ايندڙ وقت ٻڌائيندو، بهرحال دولت اسلاميه دنيا لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻجي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *