افغانين کي واپس پنهنجي ڏيهه موڪلڻ جو فيصلو

 

سنڌ ۾ آباد  27 لک افغانين کي واپس پنهنجي ڏيھه  هلندڙ سال موڪلڻ، اڳ واٽ اجازت نامي کانسواءِ هاڻ صوبي ۾مدرسا، مسجدون ۽ عبادتگاهون تعمير نه ٿي سگهنديون، سرڪاري زمين تي قائم ٿيل پابندي مڙهيل تنظيمن جي مدرسن، مسجدن، خطيبن ۽ کٿابين جا مڪمل تفصيل  تيار ڪرڻ لاءِ صوبي جي ڪمشنرن ۽ ڊپٽي ڪمشنرن کي حڪم جاري . دهشت گردي ۾ ملوث جوابدارن لاءِ الڳ جيل قائم ڪرڻ جو اعلان جڏهن ته سنڌ گھرو کاتي نادرا سان ڪرائيم ٽريڪنگ ٺاھ ڪيو آهي  جنهن سان ڏوهارين جو رڪارڊ جوڙيو ويندو ، صوبي ۾ دهشت گردي روڪ  سيل قائم ڪيو ويو آهي  جنهن جو هيڊ ڪواٽر ڪراچي ۾ هوندو حيد رآباد ۽ سکر ۾ ريجنل آفيسون جوڙيون وينديون، اهڙو اعلان ڪالھه سنڌ جي گھرو سيڪريٽري  ڪبير قاضي جي صدارت ۾ ايپڪس  ڪميٽي جي  صوبائي عملدر آمد ڪميٽي  جي اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي .  اجلاس کي افغانين  بابت ڪمشنر آغا غضنفر  ٻڌايو ته سنڌ ۾ 27 لک افغاني پناھ گير غير قانوني طور آباد آهن جن مان 68 هزار کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي .رجسٽرڊ افغانين مان هڪ به ڪنهن ڏوھ ۾ ملوث ناهي ، 31 ڊسمبر  2015  تائين کين واپس پنهنجي وطن موڪليو ويندو ،  اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي  گھرو سيڪريٽري ڪبير قاضي  ٻڌايو ته  سنڌ ۾ 27 لک افغاني پناهگير غير قانوني آباد آهن. انهن مان 68 هزار کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي ، باقي جي رجسٽريشن ڪري انهن کي شهرن کان ٻاهر ڪيمپن ۾ آباد ڪيو ويندو ، هن چيو اسان ڪنهن کي به ڊيڄارڻ ۽ هيسائڻ نٿا چاهيون، انهن کي عزت ڀري انداز ۾ پنهنجي ڏيھه واپس موڪليو ويندو ،  هلندڙ سال ڊسمبر  تائين انهن کي واپس موڪليو ويندو ، . هن ٻڌايو ته صوبي ۾ دهشت گردي تي ضابطو آڻڻ لاءِ  گھرو کاتي ۾ هڪ دهشت گردي روڪ سيل قائم ڪيو ويندو، جڏهن ته حيدر آباد ۽ سکر ۾ ان جون ريجنل آفيسون به قائم ڪبيون  ته جيئن  قومي ايڪشن پلان تي عمل ڪرائي سگھجي ۽ صوبي مان دهشت گردي کي ختم ڪري سگھجي،  هن ٻڌايو  دهشت گردن لاءِ الڳ جيل به قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ،  هن ٻڌايو ته سرڪاري زمين تي پابندي مڙهيل تنظيمن جا جيڪي به  مدرسا ، مسجدون ۽ عبادتگاهون قائم ٿيل آهن انهن جا انگ اکر گڏ ڪرڻ لاءِ صوبي جي سمورن ڪمشنر ، ڊپٽي ڪمشنرن کي هدايت ڪئي وئي آهي . جڏهن ته ان سان گڏ خطيبن ۽ کٿابين جا انگ اکر به گڏ ڪيا ويندا ،  هن ٻڌايو ته هاڻ وڌيڪ ڪا به مسجد ، مدرسو  يا عبادتگاھ قائم ڪرڻ کان اڳ سنڌ حڪومت جي گھرو کاتي کان  اجازت نامو حاصل ڪرڻ کانسواءِ اڏاوت نه ٿي سگھندي ، آذان کانسواءِ لائوڊ اسپيڪر  جو استعمال نه ٿي سگهندو ،  هن چيو ته  غير رجسٽرڊ مدرسي ، مسجد يا عبادتگاھ  کي ڊاهيو ويندو . هن ٻڌايو ته 85 ڪيس وفاقي گھرو کاتي کي موڪليا ويا آهن جن مان 68 ڪيس فوجي عدالت ۾ موڪلڻ جي منظوري ملي وئي آهي .  هن چيو ته 6 ڄڻن کي ڦاهي ڏيڻ لاءِ بليڪ وارنٽ جلد جاري ڪيا ويندا، هن ٻڌايو ته ڪورآرڊينيشن ڪميٽين ۾ ايس پيز به ميمبر طور شامل هوندا،هن ٻڌايو ته رڳو سنڌ پوليس ۾ سياسي مداخلت ناهي اها ٻين صوبن ۾ به آهي . اسان پوليس جو ميرٽ تي مقرريون  ، بدليون ڪندا آهيون . ان موقعي تي  ڪراچي جي ايڊيشنل آءِ جي غلام قادر ٿيٻو ٻڌايو ته دهشت گردي کي روڪڻ لاءِ هڪ هزار نوجوانن تي ٻڌل  فورس جوڙيو پيو وڃي ، نادارا سان ڪرائيم ٽريڪنگ ٺاھ ٿيو آهي . اهي اسان کي  سسٽم فراهم ڪندا جيڪو ايڊيشنل آءِ جي ، ڊي آءِ جيز  جي آفيسن ۽ ٿاڻن تي لڳايو ويندو ، هر ڏوهاري جون فنگر پرنٽ ورتا ويندا . انهن جو رڪارڊ جوڙيو ويندو ، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ، ڀنگ لاءِ اغوا جي وارداتن ۾ گھٽتائي آئي آهي جڏهن ته  بينڪ جي ڦر واريون وارداتون هاڻ ختم ٿي ويون آهن . هن چيو ته ا سڪول حملي ۽ شاگرد کي اغوا ڪري ساڙڻ واري واقعي ۾ طالبان کي ملوث ڪرڻ واري واويلا اجائي آهي . ان ۾ ڪي ٻيا هٿ ملوث آهن ، ڪراچي جون حالتون سازش ذريعي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *