ڪمند جا اگهه، آبادگار ۽ سرڪار

هيل پڻ اُن ساڳي ئي مسئلي ڪَرُ کنيو آهي ۽ آبادگار احتجاجن تي مجبور ٿيا آهن، پر اُنهن کي نه ته مناسب اگهه ڏنا وڃن ٿا نه وري هيستائين شگر ملن جون چمنيون ئي ٻريون آهن. انهيءَ حوالي سان ڪالهوڪين اخبارن جيڪو رپورٽ ڪيو آهي، اُنهن خبرن پٽاندر پاسما، حڪومت ۽ آبادگارن وچ ۾ ڪمند جي اگهه تي تڪرار حل نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب آبادگار ٻڏتر جو شڪار آهن. پهرين آڪٽوبر کان سنڌ ۾ ڪريشنگ سيزن شروع ٿيڻ باوجود هر سال جيان هن سال به شگر ملون وقت سر چالو نه ٿي سگهيون آهن. شگر ڪين ايڪٽ 1950 تحت شگر ملز کي پهرين آڪٽوبر کان چالو ٿيڻو هو پر هر سال جيان شگر ملز هن سال به اڃا تائين چمنيون نه ٻاريون آهن. ٻئي پاسي لکين ايڪڙن تي پوکيل ڪمند جو فصل تيار ٿي ويو آهي، جنهن جي جيڪڏهن وقت سر ڪٽائي نه ٿي ته اُهو سوڪهڙي جو شڪار ٿي ويندو. آبادگارن مطابق لکين ايڪڙن تي بيٺل فصل مان 40 ڪروڙ مڻ جي لڳ ڀڳ ڪمند نڪرندو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 30 سيڪڙو گهٽ آهي. مٿان شگر ملز چالو نه ٿيڻ سبب وڏيڪ نقصان ٿيڻ جو انديشو آهي. آبادگارن جو چوڻ آهي ته بيمارين سبب اڳ ۾ ئي فصلن کي نقصان پهتو آهي، ويتر مناسب اگهه نه ڏئي آبادگارن کي خساري جي مُنهن ۾ وڌو پيو وڃي. جيڪڏهن انهيءَ سڄي معاملي جو جائزو وٺبو ته هڪ ڳالهه چٽي ٿي سامهون ايندي ته مظلومن جي حقن جي دعويٰ رکندڙ سنڌ سرڪار سرمائيدارن آڏو بنهه مجبور آهي، جنهن جو ڪارڻ اِهو به آهي ته سرڪار جي اڪثريت اُنهن سرمائيدارن تي ئي آڌاريل آهي، جيڪي نه رُڳو سنڌ ۾ هر ٻڌي ڇوڙيءَ جو حق رکن ٿا، پر ملون به انهن جي ملڪيتن جو حصو آهن، جيڪي ڪنهن به ريت پنهنجي منافعي تان دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار ناهن ۽ کين مڃائڻ يا مجبور ڪرڻ حڪومت جي وَسَ جي ڳالهه ناهي. نتيجي ۾ سنڌ جي آبادگارن ۽ زرعي پورهيو ڪندڙ خلق جا مٿي تي هٿ اچي ويا آهن. افسردگي انهن جي چهرن کان ٿيندي سندن روحن تائين لهي آئي آهي ۽ اُهي پنهنجون محنتون اجايون وڃڻ تي ڏکارا آهن، انهن کي آٿت يا آسرو يا ته حڪمران ڏئي سگهن ٿا يا ملڪ جون اعليٰ عدالتون، جن جو هو بار بار ڪڙو کڙڪائيندا رهيا آهن. جيتوڻيڪ اعليٰ عدالتن طرفان سدائين سندن تدارڪ لاءِ حڪم جاري ڪيا ويا آهن، پر هر ڀيري حڪمران حرفتبازي سان آبادگارن جي حق تلفيءَ ۾ ڪامياب ويندا رهن ٿا. هن ڀيري جيتوڻيڪ پاسما، حڪومت ۽ آبادگارن وچ ۾ ڳالهيون جاري آهن، پر ماضيءَ جي مشاهدي آڌار ڏسبو ته معاملو گذريل سال واري اٽڪل سان ئي حل ٿيندي ڏسڻ ۾ اچي ٿو، باقي حڪومت ۾ اُهو حال نظر نٿو اچي، جنهن بنياد تي آبادگارن لاءِ ڪنهن سڻائيءَ جو پيغام سُجهندو هجي. باوجود اُن جي اسين سنڌ سرڪار مان اِها اُميد رکون ٿا ته اُها آبادگارن جي معاملي کي حل ڪرڻ وقت سندن محنتن جو قدر ڪندي ۽ زراعت کي همٿائڻ لاءِ مناسب اگهه وٺرائي ڏيندي ته جيئن زرعي سماج جي ڀُرندڙ قدرن کي هٿي وٺائڻ سان گڏ زرعي پورهيتن جي زندگين ۾ سُک ۽ سلامتيءَ جا موقعا ورائي سگهجن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *