سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم…!

 

سپريم ڪورٽ سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت اليڪشن ڪميشن جون ٻئي درخواستون اڪلائيندي چيو ته اليڪشن ڪميشن  جو ڪم تاريخون گهرڻ نه پر صوبن کي حڪم ڏيڻ آهي، ان ڪري اليڪشن ڪميشن مڪاني چونڊن جون تاريخون پاڻ طئي ڪري. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس جواد ايس خواجا جي اڳواڻي ۾ 3 رڪني بينچ سنڌ ۽ پنجاب ۾ مڪاني چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي اليڪشن ڪميشن چونڊن ۾ ديرٿيڻ بابت 2 درخواستون پيش ڪيون، جنهن تي ٻڌڻي جي دوران جسٽس قاضي فائزعيسِيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته قلم 140 اي جي هيٺ مڪاني چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي آئيني ذميواري آهي پر هڪ آئيني ادارو چوي ٿو ته اهو پنهنجي ذميواري نڀائي نه پيو سگهي ۽ ٻين ادارن کي چيو پيو وڃي ته آئين جي ڀڃڪڙي جي اجازت ڏني وڃي، جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن پنهنجي آئيني ذميواري پوري نٿي ڪري سگهي ته پنهنجن عهدن تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي.ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن جي وڪيلن موقف ڏنو ته مڪاني چونڊن لاءِ آئين جي هيٺ ذميواري ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون پر عدالت واضع ڪري ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ گذريل 6 سالن کان مڪاني ادارا موجود ئي نه آهن، جنهن تي جسٽس دوست محمد خان  ريمارڪس ڏنا ته قانون تحت مڪاني چونڊون 90 ڏينهن اندر ڪرائڻ ضروري آهن، سنڌ ۽ پنجاب ۾ حڪومتن بنا مڪاني چونڊون ڪرائڻ جي پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ هاڻوڪيون به حڪومتون پنهنجو اڌ وقت گذاري چڪيون آهن، ان ڪري اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي ته مڪاني چونڊن کي يقيني بڻائي، اليڪشن ڪميشن جو ڪم تاريخون گهرڻ نه آهي پر صوبن کي تاريخن تي چونڊون ڪرائڻ جو حڪم ڏيڻ آهي. عدالت اليڪشن ڪميشن جي ٻنهي درخواستن کي اڪلائيندي حڪم ڏنو ته مڪاني چونڊن جي تاريخن بابت اليڪشن ڪميشن پاڻ فيصلو ڪري. چيف جسٽس جسٽس جواد ايس خواجه رمارڪس ڏيندي چيو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻن مرحلن ۾ مڪاني چونڊون ڪرائي سگهجن ٿيون، جڏهن ته جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته عجيب لڳي رهيو آهي ته هڪ آئيني ادارو ٻئي آئيني اداري کي آئين جي خلاف ورزي جو چئي رهيو آهي، ان سان مون کي جهٽڪو لڳو آهي، آئين تي عملدرآمد ۾ هڪ منٽ به دير نه ڪنداسين، جسٽس دوست محمد خان رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته ضياءُالحق مڪاني چونڊون ڪرائي بلدياتي نمائندن کي فنڊ به جاري ڪيا هئا، سڀني جي ان تي نظر آهي ۽ هاڻي ڪو ان کي شيئر ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. اڳوڻين حڪومتن مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان بغير پنهنجو مدو پورو ڪيو ۽ موجوده حڪومتون به اڌ مدو گذاري چڪيون آهن. اليڪشن ڪميشن عدالت کي ٻڌايو ته اليڪشن ڪميشن ٻوڏ ۽ ٻين مسئلن جي ڪري چونڊن ۾ ڪجهه دير چاهي ٿي ۽ موجوده تاريخن ۾ 30 سيپٽمبر تي چونڊون نٿيون ڪرائي سگهجن. جنهن تي عدالت صوبن جي ايڊووڪيٽ جنرلن کان پڇيو ته ڇا اهي مڪاني چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار ناهن، جنهن تي صوبائي لا آفيسرن چيو ته هو ان سلسلي ۾ تيار آهن ۽ اليڪشن ڪميشن سان مڪمل سهڪار ڪنداسين، جنهن تي جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدالت اڳ ۾ ئي حڪم جاري ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي ڪو غيرآئيني حڪم جاري نٿا ڪري سگهون، اليڪشن ڪميشن وڃي ۽ پنهنجون آئيني ذميواريون پوريون ڪري. ان دوران فاروق ايڇ نائيڪ ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ آئين جي خلاف ورزي هوندي، چيف جسٽس چيو ته جڏهن صوبا مڪاني چونڊن لاءِ تيار آهن ته پوءِ اليڪشن ڪميشن ڇو نه پئي چونڊون ڪرائي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *