ڪراچيءَ تي آباديءَ جو دٻاءُ ۽ نئين صوبي جو راڳ : پنهل ساريو

چونڊ نتيجن کان پوءِ اها ڳالھه لڪل ناهي رهي ته متحده قومي موومينٽ مهاجر مفادن لاءِ پاڪستاني اسٽيبلشمنٽ سان سودي بازي جون سڀ حدون پار ڪرڻ لاءِ تيار آهي هاڻي انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي رهيو ته الطاف حسين يا ان جي جماعت جڏهن به سنڌ جي وحدت خلاف زبان درازي ڪن ته پڪ سمجهجي ته ايم ڪيو ايم جا ڏوھ ڏڪي رهيا آهن . جيڪڏهن سنڌ وطن سان بيپناھ محبت ڪندڙ ڪو به قومپرست ۽ وطن دوست ماڻهو اهو سمجهي ٿو ته الطاف حسين ڌار صوبي جي ڳالهھ حڪمت عملي تحت ڪري رهيو آهي يا وري اهو ته ايم ڪيو ايم سنڌين جو ڀلو ٿي چاهي انهيءَ ڪري سندس اهڙي قسم جي مطالبن تي ڌيان ڌرڻ جي ضرورت ناهي ته مان سمجهان ٿو اها جماعت ۽ فرد ايم ڪيو ايم جي نيت ۽ انهن جي 60 سالا سياست کان  بيخبر آهن، ايم ڪيو ايم پنهنجي جوهر ۾ هڪ اهڙي مڪمل تنظيم آهي جيڪا پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به حد تائين وڃي سگهي ٿي ماڻهو مارڻ خوف ۽ دحشت پيدا ڪرڻ ٽارگيٽ ڪلنگ ذريعي چونڊي چونڊي قابل ۽ باصلاحيت ماڻهن کي مقتل گاھ تائين پهچائڻ ته هنن جي ڏائي هٿ جو کيل آهي. انهيءَ ڪري سنڌ سان اٿاھ محبت ڪندڙ ۽ سنڌي ماڻهن سان بيپناھ پيار ڪندڙ دوستن ساٿين ۽ سياسي سوچ رکندڙن کي کپي ته ايم ڪيو ايم جي هر قدم تي عقابي اک رکن ڇاڪاڻ ته  ايم ڪيو ايم جي سوچ ، فڪر ۽ عمل کي نظر انداز ڪري اهو چوڻ ته کين جيءَ ۾ جايون ڏيڻ گهرجن ۽ اسانجا دوست اهو ڀائن ٿا ته هاڻي بس اسانجو قومي فرض آهي ته ايم ڪيو ايم جو ساٿ ڏيون يا اهو ته اردو آبادي سان گڏ هلڻو آهي ته پوءِ اسانکي  الطاف حسين جي انهيءَ بيان جو به جائزو وٺڻو پوندو ته هو جڏهن بار بار چوندو رهيو آهي ته اسان سنڌين کي تهذيب سيکاري اسان کان اڳ هتي رهندڙ ماڻهون ڄٽ ۽ جاهل هئا.  يا اسان جائيدادون هندوستان ڇڏي آياسين اسانجي ابن ڏاڏن قربانيون ڏنيون ته پوءِ اسانکي اهو به پوتاميل ڪرڻو پوندو ته 1948 ۾ ڪراچي ۾ سنڌين خلاف هٿيار کڻي هڪ خاص مذهب سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي جلا وطن ڪندڙ ڪير هئا؟ سنڌ سميت بنگالين بلوچن سرائڪين پٺاڻن ۽ پنجابين جي ٻولين کي نظر انداز ڪري اردو کي قومي ٻولي جو درجو ڏياريندڙ ڪير هئا؟ 70 جي ڏهاڪي ۾ بار بار ٻولي جا فساد ڪرائيندڙ ڪير هئا؟ جنرل ضياءُ جو ساٿ ڏئي سنڌ جي آزاد روادار ۽ جمهوري جدوجهد جي پٺيءَ ۾ کنجر هڻي ڪونڌر ڪهندڙ ڪير هئا؟ ايم ڪيو ايم ئي سنڌ ۾ مارشلائي دور ۾ به جنرل ضياءُ سان پيچ اڙائي لساني ۽ نسلي سياست جا بنياد رکيا اسانکي اها ڳالهھ به وسارڻ نه کپي ته 1985 کان هن وقت تائين اقتدار ۾ رهندڙ ايم ڪيو ايم سنڌ جي ترقي ۾ ڪو به ڪردار ادا ناهي ڪيو جيڪڏهن پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ دشمن پاليسين تي هلندي ترقي جي مد ۾ ڌوڙ ڏني آهي ته ايم ڪيو ايم به سنڌ جي جهولي ۾ ڇائي جا ڀريل ڇڄ اڇليا آهن.

ايم ڪيو ايم پهريون دفعو صوبي جي گهر ناهي ڪئي پر ايم ڪيو ايم سدائين آدها تمهارا آدها همارا جا دهل وڄائيندي رهي آهي هتي سوال ايم ڪيو ايم جي الڳ صوبي واري مطالبي جو ناهي پر سوال الطاف حسين جي انهيءَ بيان جو آهي جنهن ۾ هو بار بار مهاجرن کي عظيم ڪري پيش ڪري ٿو ۽ سنڌ ڌرتيءَ جي وارثن سان هميشھ اڍنگو رويو رکي ٿو اچو ته پاڻ جائزو وٺون ۽سنڌ ۾ مهاجرن جي بڻ بڻياد تي هڪ نظر وجهون.

ورهاڱي کانپوءِ ترت محمد علي جناح صاحب گورنر جنرل جي حيثيت ۾ پنهنجا خصوصي اختيار استعمال ڪندي جائيداد بابت ٻه آرڊيننس جاري ڪيا، انهن حڪمن تحت پاڪستان جي پنجابي ڪمشنر کي هي اختيار ڏنا ويا ته اهو  هندن پاران ڇڏيل زمين ۽ ڪاروبار تحويل ۾ وٺي. ان جي عارضي ليز جاري ڪري ساڳي وقت مهاجرن کي ان قانون هيٺ خالي ڇڏيل عمارتن تي قبضي جي اجازت ڏني وئي.

1947ع کان 1948ع تائين 70 سيڪڙو زرعي زمين ۽ شهري علائقن جو 85 سيڪڙو گهر ۽ عمارتون ڌارين حوالي ڪيون ويون. اهڙي طرح گورنر جنرل جي خصوصي اختيارن تحت سنڌ جي ڌرتي ڌڻين کي ڪراچي کان بي دخل ڪيو ويو ۽ انهن کي ٻهراڙين تائين محدود رکيو ويو.

لياقت علي خان پاڪستان جو پهريون وزير اعظم بڻيو، جڏهن ته هن  ٺهندڙ ملڪ جي  يونٽن مان ڪنهن به ماڻهو کي ان جي لائق نه سمجھيو ويو.  بعد ۾ مرزا جواد بيگ 1972ع ۾ ڪراچي ۾ ”ميٽرو پوليٽن حڪومت“ ٺاهڻ جو مطالبو ڪيو. جنرل مشرف ان مطالبي تي 2002ع ۾ عمل ڪرايو. سٽي گورنمينٽ ان جو عڪس  هئي. جواد بيگ الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو جنهن تي ٻولي فساد شروع ٿي ويا. بعد ۾ تسنيم صديقي ڪراچي حيدرآباد ۽ لاڙ تي مشتمل صوبي جو نقشو ٺاهيو. 1994ع ۾ ناظم آباد ۾ ميٽنگ ۾ ايم ڪيو ايم جدا صوبي جي قرارداد پاس ڪئي.

ورهانڱي کان اڳ هندي ۽ اردو آبادي جو ڪراچي سميت سنڌ ۾حصو 6.3 هئو ، جنهن ڪراچي تي اڄ سڀ دعوا ڪن ٿا ۽ پاڻ کي ڪراچي جو اسٽيڪ هولڊر سڏائين ٿا اهي هي هيٺيون سٽون پڙهي وٺن ته 1947 ۾  ڪراچي جي مجموعي آبادي ساڍا 4 لک هئي. جنهن موجب  16.2 سيڪڙو سنڌي ماڻهو هئا.جڏهن ته اردو ۽ هندي ڳالهائيندڙ آبادي فقط 6.3 هئي. ان وقت آبادي جو 51 سيڪڙو هندو مذهب سان وابسطه ماڻهن جو هئو. . 42 سيڪڙو مسلمان هئا. ورهاڱي کان پوءِ آبادي جو توازن بگڙڻ لڳو. 1951ع جي آدمشماري موجب ڪراچي جي آبادي ساڍا يارنهن لک جي لڳ ڀڳ ٿي وئي.  لساني اعتبار کان ڇرڪائيندڙ انگ  اکر حيرت ۾ وجھي ٿا ڇڏين ته 61 سيڪڙو سنڌي آبادي هڪدم گهٽجي فقط 8.6 سيڪڙو وڃي بچي 6.3 سيڪڙو اردو آباديءَ جو انگ ٿوري عرصي ۾ 50 سيڪڙو کي وڃي رسيوجڏهن ته 1948 ۾ ڪيترائي هندي ڳالهائيندڙ ملڪ ڇڏي هليا ويا هئا . 1941ع جي مئي مهيني ۾ ڪراچي شهر اندر آبادي ۾ 161 سيڪڙو رڪارڊ واڌ ٿي. ڪراچي ۾ ڌاري آبادي جو اهو سلسلو اڃان ختم نه ٿيو آهي. 60 جي ڏهاڪي ۾ وري پري پلان جنرل ايوب خان پٺاڻن کي آڻي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪيو. ان کان پوءِ 1972 کان 1978 تائين اوڀر بنگال جو بنگلاديش ٿيڻ بعد 4 لک آزادي پسند تحريڪ جا مخالف بهاري بنگالي اچي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ آباد ٿيا. افغان جنگ طالبانائيزيشن ۽ دهشتگردي خلاف جنگ جي دور ۾ 30 لک افغاني سنڌ ۾ اچي آباد ٿيا، جن جي اڪثريت ڪراچي ۾ آباد آهي. هي افغانستان جي قبائلي علائقن وانا وزيرستان کان علاوه خيبرپختونخواهه مان دير ۽ سوات مان پڻ اچي ڪراچي ۾ آباد ٿيا آهن. هي آباديءَ جو جيڪو ڪراچي تي دٻاءُ آهي اهو صرف اردو آبادي جو نه پر هاڻي بنگالي، بهاري، سيلوني، افغاني، ايراني ۽ برمي توڙي تبتي ۽ چيني به اچي پاڪستان جي هن واحد عالمي شهر ۾ آباد ٿيا آهن سنڌ جي گادي جي هنڌ ڪراچيءَ جو معاشي سياسي ۽ ثقافتي حوالي سان ڌاري آبادڪاريءَ جي دٻآءُ سبب توازن بگڙي ويو آهي سوال فقط اڪثريت ۽ اقليت جو ناهي پر هتي قيمتي سوال آهي خيالن، سوچن، فڪر، فلسفي، ڪلچر ۽ رهڻي ڪهڻي جو جيڪا ڌاري آبادڪاري آهي انهن جون سوچون ۽ خيال تخريبڪاري وارا آهن انهن جو ڪنهن به نموني سان سنڌ وطن جي مٽيءَ سان جڙاءُ نظر نٿو اچي انهيء ڪري هو سنڌ ۾ امن ۽ ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ بجاءِ بدامني ۽ تنزليء جون واٽون اخيتار ڪن ٿا گذريل 30 سال ايم ڪيو ايم لوڪل گورنمنٽ ۽ پارليامنٽ ۾ رهي آهي جڏهن ته 15 سالن تائين سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم جو رهيو آهي هن 30 سالن دوران ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ هزارين ماڻهو مارجي ويا نسلي ۽ لساني ٽڪراءَ بار بار ٿيندا رهيا ۽ هميشھ انهن جي زميواري ايم ڪيو ايم قبول ڪندي رهي. اهڙا 30 هزار کان وڌيڪ ڪراچي حيدرآباد، ميرپورخاص ٽنڊو آدم ۾ پوليس اسٽيشنس تي ڪيس رجسٽرڊ آهن پر هر ڀيري مارشلائي سربراھ، پيپلز پارٽي ۽ نواز شريف ايم ڪيو ايم کي رليف ڏيندا آيا آهن هن ڀيري آپريشن ۾ به مهاجرازم کي اڀاريو.

جڏهن به ٽيلبل تي ويهڻ جو وارو آيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پ پ وارن جي معاملن کي سلجهائڻ لاءِ مقتدر قوتن کي وچ ۾ آندو ويو ٻنهي جماعتن جو پاڻ ۾ جڙڻ جو مقصد سنڌ جي وسيلن جي جيڪا ڦر لٽ پنجاب ڪري ٿو ان ڦرلٽ کي اڃا وڌائي ۽ بچيل مال هڙپ ڪرڻ هوندو آهي. جڏهن ته اسٽبلشمينٽ ۽ پنجاب جنهن وقت به سنڌي قوم کي سوڙهو ڪرڻ ٿئي چاهيو ته انهن ايم ڪيو ايم کي استعمال ڪيو. تازو جڏهن 246تڪ جون چونڊون ايم ڪيو ايم کٽي ورتيون ته کين جدا صوبي جي گهر ڪندڙ پنهنجو عوام ياد اچي ويو الائي ڇو هو اهو وساري ٿا ويهن ته هنن چونڊن جي ڪاميابي لاءِ ايم ڪيو ايم کي وري مهاجر ازم ڏانهن موٽ کائڻي پئي آهي ۽ اها ستي منجھن اسٽبلشيمنٽ ۽ آپريشن ڪندڙ ادارن زبردست اوتي آهي هينئر ايم ڪيو ايم ان ٻه واٽي تي بيٺي آهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *