پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌ واسي….: آفتاب ميمڻ

پوين ڏينهن ۾ ڪجهه عجيب بي سُرو راڳ ٻڌو ويو. هڪ پاسي متحده قومي موومينٽ جي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن طرفان ’ڪوٽا‘ کي سنڌين لاءِ غير مناسب طور لاڀائتو ٿيڻ جي پروپيگنڊا هلائڻ ۽ اسيمبلي ۾ ڪوٽا کي ختم ڪرڻ لاءِ قرارداد وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، ته ٻئي پاسي ڊي جي رينجرز ڏي منسوب هڪ بيان کي غلط طور مروڙي پيش ڪرڻ جي اردو پريس طرفان ڪوشش ڪئي وئي. اهڙي پروپيگنڊا جي ڪجهه ڏينهن بعد وري هڪ اردو ڪالم نويس جاويد چوڌري پنهنجي ڪالم ۾ سنڌ واسين لاءِ غير مهذب زبان استعمال ڪئي! خدا ڄاڻي ته سنڌ دوست اديبن ۽ پريس انهيءَ تي ڪهڙو ردعمل ڏيکاريو؟ پر پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌ واسين سخت ردعمل جو اظهار ڪيو. سوشل ميڊيا تي ڪينيڊا ۽ برطانيا ۾ رهندڙ سنڌ واسين ۽ ڪجهه سجاڳ سنڌين انهيءَ ڪڌي عمل کي جيڪا جوابي موٽ ڏني، اُها رڪارڊ مطابق هئي ۽ متحده ۽ اردو پريس جي خالي خولي نعري بازي جي برعڪس زميني حقيقتن تي مبني هئي. ڪجهه متيون منجهيل اردو ڳالهائيندڙ سنڌي به عجيب سوال کڻي اُٿيا. سندن ذهنن ۾ ڪجهه اهڙو تاثر ويٺل ڏساڻو، ڄڻ ته سنڌ اربن جي معنيٰ صرف مهاجر ئي هجن، کين اها به خبر ڪانه هئي ته سنڌ شهري ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر شهر به شامل آهن.

هڪ سنڌ دوست سجاڳ ذهن علي مراد راهوجو فيس بُڪ تي ڪجهه حقيقتن جو اظهار ڪيو ۽ تاريخي پس منظر ۾ ڪوٽا سسٽم جي پاڪستان ۾ غير منصفانه ونڊ ورڇ جي باني لياقت علي خان طرفان مقرر ڪيل ڪوٽا جي تفصيل سان وضاحت ڪئي. راهوجو صاحب جي اظهارِ حقيقت کي لنڊن ۾ علي گل ميتلو صاحب ۽ ڪينيڊا ۾ احمر نديم ميمڻ، مشهود قاضي ۽ مقصود ميمڻ پنهنجي حلقي ۾ توڙي مقامي ۽ ملڪي سطح تي لاڳاپيل ۽ اڻ لاڳاپيل ڌرين تائين پهچايو ۽ کين سنڌ واسين خلاف ٿيندڙ سازش کان آگاهه ڪيو. اسان جا محترم دوست علي گل ميتلو توڙي ڊاڪٽر علي رضا ميرجت سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ جا روح روان آهن ۽ سنڌ واسين جي بهتري لاءِ جاکوڙ ڪندڙ ماڻهن ۾ شامل آهن. ساڻن سهڪار ڪندڙ دوستن ۾ حال سياسي پناهه گزين ريڊيو وائيس آف سنڌ جو روح روان ۽ سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو آڳاٽو صدر امداد اوڍو به سرفهرست آهي. ائين ئي ڪينيڊا جي انڊس ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جو روح روان احمر نديم ميمڻ ۽ مقصود ميمڻ- اسان جو پيارو ڀاءُ ۽ دوست مشهود قاضي جو موجوده ڪمشنر حيدرآباد سائين شاهد قاضي جو ڀاءُ آهي ۽ ڪينيڊا ۾ ڪيلگري شهر ۾ رهندڙ آهي- پڻ انهيءَ لڏي جي سرواڻ سرويچن مان هڪ آهي. مشهود قاضي سگا توڙي سانا جو سرگرم ڪارڪن آهي. هن وقت سانا يعني سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جي البرٽا صوبي جي شاخ جو صدر پڻ آهي. هي ڪيلگري ۾ رهندڙ ساٿي پنهنجي مدد پاڻ تحت هڪ ريڊيو اسٽيشن کان وقت خريد ڪري روزانه يا شايد هفتيوار پروگرام سنڌي ٻوليءَ ۾ نشر ڪندا آهن. ڪينيڊا ۾ رهندڙ دوستن جي جٿي سنڌي ٻولي، سنڌي ثقافت ۽ سنڌ واسين جي شاندار طريقي سان نمائندگي ڪئي آهي. هن جٿي ۾ ٻيا به ڪافي دوست شامل آهن، جن کي آئون نه سڃاڻان نه ئي مون کي نالا ياد آهن، سواءِ هڪ ذوالفقار شيخ سابق انفارميشن آفيسر حڪومتِ سنڌ جي.

اڄ ڪينيڊا ۾ رهندڙ دوستن جي جاکوڙ جي ڪري البرٽا ۾ سنڌي ٻولي کي ٽين سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جي پارليامينٽ ۾ تحريڪ پيش ڪرڻ جي ڳالهه ڪافي اڳڀري ٿي چڪي آهي. ممڪن آهي ته هن وقت تائين سنڌي ٻولي ڪينيڊا جي البرٽا صوبي ۾ ٽين سرڪاري ٻولي ٿي به چڪي هجي. اڄ ڪينيڊا جي قومي ڏينهن تي سنڌ جو فلوٽ به پريڊ ۾ شامل ٿئي ٿو. اجرڪ ۽ سنڌي ٽوپي ڪينيڊا ۾ ۽ خاص طور البرٽا جي صوبائي گادي واري هنڌ ايڊمنٽن ۾ خاص سڃاڻپ رکي ٿي. احمر نديم ميمڻ، مقصود ميمڻ ۽ قاضي مشهود جو ذڪر خاص طور انهيءَ ڪري به ڪرڻو هيو جو 2014ع ۾ جڏهن ڪينيڊا ويم ته ڪيلگري جا ڏينهن احمر نديم ۽ مشهود قاضي جي قرب جي نذر ٿيا. مشهود قاضي مائٽ به آهي ته ساڻس قرب جو رشتو به آهي. جڏهن سندس گهر ويم ته اُن وقت مون کي ڏاٺ ۾ سخت سُور هيو. مون پاڻ سان احتياطن اينٽي بايوٽڪ ايماڪسل Amoxil ۽ ڏندن جي سور لاءِ اينسڊ کنئي هئي پر شروع ڪانه ڪئي هئم. منهنجي تڪليف کي محسوس ڪندي مشهود قاضي هڪدم ڏندن جي ڊاڪٽر سان رابطو ڪيو پر منهنجي چوڻ تي کيس اهو به ٻڌايائين ته آئون پهرين به ڏندن جي تڪليف ۾ اهي دوائون وٺي چڪو آهيان. ڊاڪٽر انهيءَ علاج تي ڪو اعتراض ڪونه ڪيو. ڏندن جي سور لاءِ يا هونئن به آئون نمڪين نيم گرم پاڻيءَ سان غراڙا ڪندو آهيان، اُهي به ڪرڻ لاءِ چيو. مشهود جو قرب، سندس ميزباني ۽ سندس گهرواريءَ جي هٿ جو پڪل ٺيٺ سنڌي کاڌو ڪين وسرندو، پر هتي ذاتي قرب ۽ دوستيءَ جو ذڪر مقصود نه آهي. اصل ڳالهه ته هئي پرڏيهه ۾ رهندڙ سنڌين جي سنڌ لاءِ جاکوڙ جي.

جڏهن ڌرتي ڌڻي چنيسر ٿيندا آهن، جڏهن مظفر شاهه جهڙا سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي ڪرڻ جي قرارداد جي مخالفت ڪندا آهن ته اُتي اهڙا سنڌ واسي دودا به پيدا ٿيندا آهن، جي ڏيهه ته ٺهيو پر پرڏيهه ۾ به پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت جو مانُ مٿانهون ڪندا آهن. آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌي قومپرستن جي جاکوڙ ائين ته رنگ لاتو آهي، جو اڄ آمريڪي ڪانگريس به اِهو چوڻ تي مجبور آهي ته ”اسان پاڪستان سان سهڪار ته ڪريون ٿا. پاڪستان جي تعليمي ميدان ۾ به مدد ڪريون ٿا پر اسان سمجهون ٿا ته صرف اردو ئي پاڪستاني ٻولي نه آهي ۽ نه ئي سڄو پاڪستان، خاص طور ڏاکڻيون حصو اردو زبان سان سهمت آهي، تنهن ڪري اسان کي پاڪستان جي عوام ڏي پهچڻ لاءِ سائوٿ (ڏکڻ) پاڪستان ۾ ڳالهائيندڙ ۽ سمجهي ويندڙ ٻولي سان گڏ هلڻو پوندو، جو سنڌي ٻولي هڪ قديم ۽ مانائتي ٻولي آهي.“ انهيءَ سهڪاري پروگرام جي مد ۾ ڏيڍ ارب ڊالر جي گهر ڪئي ويئي هئي پر شروعاتي طور صرف وائيس آف آمريڪا جي سنڌي پروگرام لاءِ ڏيڍ ملين ڊالر يعني پندرهن ڪروڙ پاڪستاني روپيا رکيا ويا. اڄ ڪينيڊا ۾ رهندڙ سنڌي اهڙا به آهن جي اسڪول ۾ ٻارن لاءِ سنڌي پڙهائڻ جي گهر ڪن ٿا ۽ اسڪول اُنهن جي ٻارن کي سنڌي استاد به رکي ڏين ٿا.

******

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *