پارليامينٽ ۾ ماڻهن جي اڪثريت وڌائڻ جي ضرورت؛وقاص کوسو

دنيا هاڻي مهذب بڻجي وئي،هاڻي اهو دور ويو جو  چگ ويريا وانگر هٿيار کڻي ،جيئي جيئي نعرا هڻندي ڪلاشڪوف جي مدد سان پنهنجا حق وٺجن،ڇو هاڻي انٽرنيٽ  دنيا کي ڳوٺ بڻائي ڇڏيو آهي،جڏهن قومن کي پنهنجا حق ڪلاشنڪوف ۽ احتجاجن سان ملندا هئا اهو دور سرد جنگ ۽ ٻن سپر پاور ملڪن (روس ۽ آمريڪا)جي عروج جو دور هيو ،جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ حقن جي لاءِ ڪا بغاوت اٿندي هئي ته انهن ملڪن مان ڪو هڪ ملڪ ان جي مدد ڪندو هو،پر هاڻِ نه روس اهو رهيو آهي نه وري هي سرد جنگ جو دور آهي. هاڻي دنيا تي تاريخ ٻڌائي ته جن ملڪن پنهنجي آجپي ۽ حقن جي تحريڪ   هلائي  انهن پهرين احتجاجن بدران پنهنجي عددي اڪثريت وڌائيندئي   ۽ ان کانپوءِ پنهنجا مطالبا مڃايا آهن. دنيا ۾ کوڙ ساريون اهڙيون قومون آهن، جيڪي پنهنجو عددي انگ وڌائي پنهنجا حق وٺي ويون آهن، سڀ کان پهرين لائبيريا جي ماڻهن 1846ع ۾ پنهنجي حقن جي جدوجهد هلائي آمريڪن ڪالونائيزيشن کان پنهنجي جان آجي ڪرائي ۽ پنهنجا حق روتا،اهڙي ريت ميريلينڊ( Maryland )جي ماڻهن ميلريلينڊ اسٽيٽ ڪالونائيزيشن کان پنهنجا حق ورتا، مينگوليا( Maryland) جي ماڻهن پنهنجي حقن جي جدوجهد لاءِ ريفرنڊم ڪرائي  1945ع ۾ چين کان پنهنجا حق ورتا، اهڙي ريت1970ع ۾ بحرين جي ماڻهن يوڪي(United Kingdom) کان پنهنجا حق ورتا،انهن مثالن مان ظاهر ٿيو ته مهذب ماڻهن پنهنجو پارليامينٽ ۾ انگ وڌائي پنهنجا حق روتا. جيتوڻيڪ ڪجهه اهڙيون قومون به دنيا ۾ آهن، جيڪي عددي اڪثريت نه هجڻ جي ڪري پنهنجي حقن لاءِ ڪرايل ريفرنڊم مان فائدو وٺي نه سگهيون آهن،  ڪينيڊا جو علائقو ڪيوبڪ جنهن پنهنجي حقن جي لاءِ 1980ع ۾آواز ته اٿاريو پر عددي  اڪثريت نه هجڻ جي ڪري ريفرنڊم ڪامياب نه ٿيو  پر ان کان پوءِ انهن (ڪيوبڪ جي ماڻهن)جي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ويو،ڇو ته اتي اڳ انگريزي واحد ٻولي هوندي هئي جنهن کي قومي ٻولي جو درجو ڏنل هوندو هو، پر ان جي جدوجهد جي ڪري يا کڻي اهو چئون ته حقن لاءِ آواز اٿارڻ جي ڪري يا جڏهن ڪيوبڪ جي ماڻهن فرنچ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ جو مطالبوڪيو ته اتي جي سرڪار ڪيوبڪ جي ماڻهن جي مطالبي کي مان ڏيندي انگريزي سان گڏ فرنچ کي قومي ٻولي جو درجو ڏنو ۽  سرڪاري ڪاروهنوار ۾ فرنچ کي شامل ڪيو. جڏهن ته سرڪار اعلان ڪيو ته فرنچ قومي ٻولي آهي ۽ انگريزي رابطن واري ٻولي هوندي،اهڙِي طرح تازو ئي اسڪاٽلينڊ جي ماڻهن برطانيا کان حق وٺڻ لاءِ جدوجهد ڪئي پر حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ پارٽي وٽ عددي اڪثريت گهٽ هجڻ جي ڪري انهن کي آجپو نصيب نه ٿيو. اهڙي ريت بنگال جي ماڻهن به پنهنجي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ تحريڪ هلائڻ وقت ٻولي لاءِ جدوجهد ڪندڙ شيخ مجيب جي عوامي ليگ کي پارليامينٽ ۾ مضبوط ڪيو ،پوءِ نيٺ دنيا ڏٺو ته انهن بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي جي به حيثيت ڏياري پرپنهنجا ٻيا حق نه ورتا،اهڙي ريت بلوچستان جي صورتحال  به اسان کان مختلف آهي، جيتوڻِڪ اتي جي ماڻهن ۾ احساس محرومي ته ضرور آهي پر اهي پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ اڳواڻن کي ووٽ ڏيندا،ڪڏهن اهي سردار اختر مينگل جي پارٽي کي چونڊي اقتدار ۾ موڪليندا رهيا آهن ته ڪڏهن وري بلوچ عوام لاءِ آواز اٿاريندڙ قومپرست اڳواڻ عبدالمالڪ بلوچ کي چونڊيندا رهيا آهن،جيڪو هن وقت بلوچستان جو وڏو وزير آهي،اهو ئي سبب آهي جو بلوچستان جي ماڻهن جي هر دور ۾ ڳالهه ٿيندي رهي آهي،ملڪ جي هر ايندڙ حڪمران بلوچ عوام کان معافي ورتي آهي (اهو الڳ مسئلو آهي ته ان معافي کانپوءِ وري ساڳئي روايت تي ڪم ڪندا رهيا) ۽ ڪڏهن بلوچن کي حق ڏيارڻ لاءِ اتان جا چونڊيل نمائيندا قومي اسيمبليءَ مان “آغازحقوق بلوچستان ” پيڪيج وٺي ڏئي چڪا، ان ڪري ئي کين وفاق جي ماتحت هلندڙ ادارن ۾ نوڪرين کان وٺي ٻيا حق مليا آهن،اهو الڳ مسئلو آهي ته اهو سڀ ڪجهه اڃا ايترو نه آهي جو ان تي بلوچ عوام خوش ٿئي پر وري به قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ انهن جي ڳالهه ته ٿيندي آهي.پراسان رڙيون ته ڪندا آهيون ته سنڌ ۾ روڊ ناهن ڇا ڪريون، صوبي ۾ پيئڻ ۽ فصلن جيترو پاڻي ناهي ڪنهن در دانهن ڏجي، روزگار ناهي ڪنهن جي اڳيان واجهايون، ڪرپشن چوٽ چڙهيل آهي، چونڊيل نمائندا ووٽ وٺڻ وقت وڏا واعدا ڪرڻ کانپوءِ وري موٽي نه ٿا اچن، صوبي کي حق نه ٿا ڏنا وڃن، وفاق پاران سنڌ جي قومي ۽ وفاقي اڳواڻن جا لاش موڪليا ٿا وڃن، شهرن ۾ دهشتگردن جو آزار آهي، پ پ ايم ڪيو ايم سان اتحاد ۾ آهي، هاڻي حالت اها آهي جو آبادگار شوگر مل مالڪن جي ظلم کان تنگ اچي پنهنجي محنت سان پوکيل ڪمند کي باهه ڏئي سارڻ لڳا آهن، هاڻي اصل پ پ کي ووٽ نه ڏينداسين، هاڻي سنڌ ۾ تبديلي ضرور ايندي، چونڊن ۾ نمائندن کان پُڇاڻو ڪبو، هاڻ تبديلي اڻٽر آهي، هاڻي ڪجهه ڪري ڏيکارينداسين.پر ٿيندو ڪجهه به نه آهي،بهرحال ان سموري ڳالهه ڪرڻ جو مقصد رڳو اهو هو ته اسان رڳو ڳالهيون ڪندا آهيون ۽ اسان ڳالهين جا ماهر آهيون، ائين کڻي چئون ته ڳالهيون ڪرڻ ۾ اسان جي پي ايڇ ڊي ٿيل آهي، ڇو ته اصل ڪم اسان کي پُڄي ڪونه، جيڪڏهن عمل ڪرڻ اچي ها ته اڄ سنڌ ۾ تبديلي اچي چُڪي هجي ها.پر اڃابه  وقت نه ويو آهي ،جيڪڏهن اسان پنهنجي دردن جو درمان، آجپو ۽ حق  چاهيون ٿا ته پوءِ اسان کي پنهنجي ووٽ سان اهڙن ماڻهن جي چونڊ ڪرڻي پوندي جيڪي اسلام آباد ۽ ڪراچي وڃي سنڌ جي پاڻي،وسيلن، ناڻي ۽ ٻين  ناانصافين تي آواز اٿارين.اهڙي طرح جيڪي آجپي جي ڳالهه ته ڪن ٿا پر پارليامينٽ ۾ وڃڻ کي گناهه تصور ڪن ٿا، اهي احمقن جي جنت ۾ رهن ٿا،اهڙي ۾ وري عوام تي اهو فرض لاڳو ٿئي ٿو ته اهي انهن ماڻهن جا هٿ مضبوط ڪن جيڪي سنڌ جي عزت،آجپي ۽ خوشحالي سوڌو حقن جي نه رڳو ڳالهه ڪن ٿا پر انهن پنهنجن عملن مان به ظاهر ڪيو ته اهي  سنڌ جي هر معاملي تي آواز اٿاريندا رهيا،پر جڏهن سنڌ جي شهرن تي قبضي جي ڳالهه ٿي،جڏهن لنڊن مان ون ٽو جا فارمولا آڇيا ويا ته اهي عملي جدوجهد ۾ مليا پر ڪجهه اهڙا به آهن پاڻ کي سنڌ دوست ته ڪوٺيندا رهن ٿا پر ڌرتي جي سرحدن تي ميري اک رکندڙن کي ٻٽو نظام ڏئي پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏيڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا پر وري انهن ۾ ڪي اهي به هئا جن پهريان ته وڏيون دانهون ڪيون پر پوءِ رات جي اونداهي ۾ انهن جي مهماني به ڪئي،انڪري جڏهن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي سيپٽمبر ۾ مڪاني چونڊون ٿيڻون آهن ته انهن  ۾ ووٽ کان اڳ پنهنجي مفادن کي نه پر سنڌ جي حقن ۽ پنهنجن ٻارن جي سٺي مستقبل کي اڳيان رکڻو پوندو،ڇو ته جيڪڏهن ڪو سنڌ دوست پر اهو سنڌ دوست جيڪو رڳو اخباري بيان تي نه ڀاريندو هجي پر ان سنڌ جي حقن ۽ ٻرندڙ مسئلن تيِ ڪجهه عملي جدوجهد به ڪئي هجي ان کي ووٽ ڏجو،نه رڳو هنن چونڊن ۾ پر عام چونڊن ۾ به ،ڇو ته جيڪڏهن ڪو سنڌ دوست اسلام آباد ۽ ڪراچي جي ايوان ۾ ويندو ته پوءِ حق به ملندا ،ان ڪري اسان کي پارليامينٽ ۾ پنهنجي عددي اڪٽريت وڌائڻي پوندي ان کانسواءِ حق ملڻ مشڪل آهن،

***********

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *