فصيلا سرڪي جو بازياب نه ٿيڻ ئي حڪومت جي نااهلي جو ثبوت آهي..!: عزيزالله ناريجو

چوندا آهن ته چڱو انسان هميشه چڱائي ڪندو آهي ۽ برو انسان هميشه برائي سوچيندو آهي، سو هر انسان جي اصليت ان جي سوچ ۾ ئي لڪل هوندي آهي پر ٿيندو اهو ئي آهي جيڪو قدرت کي منظور هوندو آهي سو مخالفن جڏهن حضرت ابراهيم عليه اسلام کي باهه جي آڙاهه ۾ اڇلايو هو ۽ باهه پنهنجي اولانڀن سان ڪاٺين کي ساڙي رهي هئي ۽ ان ٻرندڙ باهه تي قابو پائڻ ناممڪن بڻجي چڪو هو ته ان وقت لاءِ چوندا آهن ته سانڊي ڇا ڪيو جو باه کي وڌائڻ خاطر باهه کي ڦوڪا ڏيڻ لڳو هو، جڏهن ته ڪال ڪڻڇي پکي پاڻي مان چهنب ٻوڙي باهه مٿان وجھڻ لڳي هئي، سو نه ڪي سانڊي جي ڦوڪن سان باه وسامي هئي ۽ نه وري ڪال ڪڻڇي پکي جي چهنب جي پاڻي سان باهه متي هئي پر ان وقت انهن جي نيتن جي خبر پئجي چڪي هئي سو اڄ سنڌ ڄائي فضيلا سرڪي کي اغوا ٿئي 11 سال گذري ويا آهن پر فضيلا سرڪي جي بازيابي ناممڪن بڻجي ويئي آهي، چون ٿا ته سنڌ سرڪار به پنهنجي وس آهر گھڻو زور لڳايو آهي پر فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائي نه سگھي آهي سو ان ڳالهه ۾ ڪيتري صداقت آهي اهو خدا ئي بهتر ڄاڻي ٿو.

فضيلا سرڪي جو تعلق ٺل شهر جي علائقي ڳڙهي حسن سرڪي سان آهي جتي عبدالرزاق سرڪي جي گھر ۾ هڪ نياڻي جو جنم ٿيو هو جنهن جو انهن نالو فضيلا سرڪي رکيو هو، سو فضيلا سرڪي ستن سالن جي مس ٿي ته ان کي ان ڳوٺ مان ئي اغواءَ ڪرايو ويو پر فضيلا سرڪي کي ڇو اغواءَ ڪرايو ويو هو ان باري ۾ فضيلا سرڪي کي ڪابه ڄاڻ ڪونه هئي، فضيلا سرڪي هڪ معصوم ٻار هئي، ستن سالن جي عمر ۾ اغوا ٿيڻ کان پوءِ هن جي حالت ڪهڙي ٿي هوندي هوءَ پنهنجي پيءُ ۽ ماءُ لاءِ رني ۽ رڙي ڪيئن نه هوندي ….؟؟ هن کي رات جو ننڊ ايندي به هوندي الاهي جي نه …..؟؟ هن جي پتڪڙي ذهن ۾ هزارين سوال اڀرندا هوندا ته آخر هن کي هن جي پيءُ ۽ ماءُ کان ڇو جدا ڪيو ويو آهي پر انهن سوالن جا جواب فضيلا سرڪي وٽ موجود ڪونه هوندا ۽ هن الائي جي ڇا سوچي خاموشي اختيار ڪئي هوندي اهو ڪوبه نه ٿو ڄاڻي.

فضيلا سرڪي جي اغوا ٿيندي ئي فضيلا سرڪي جو پيءُ عبالرزاق سرڪي ۽ سندس امڙ سڪينه سرڪي روئندي رڙندي تر جي مڪامي وڏيرن جي اوطاقن ۽ انهن جي درن تي آيا جتي انهن کي ٺلها آسرا ۽ دلاسا ڏنا ويا پر فضيلا سرڪي جو نالو نشان ملي نه سگھيو تنهن کان پوءِ فضيلا سرڪي جا والدين قرآن پاڪ مٿي تي کڻي پريس ڪلب ٺل تي آيا جتي سوين سياسي ۽ سماجي تنظيمن جي اڳواڻن اچي سنون دلجوئي ڪئي ته هينئر ئي فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرايون ٿا پر نه …….  ڪجهھ به حاصل ٿي نه سگھيو.

تنهن کان پوءِ ٻڌڻ ۾ آيو ته سپريم ڪورٽ پاران به فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائڻ جا حڪم ڏنا ويا هئا پر پوءِ به ڪجھه ٿي نه سگھيو، ڪجھه وقت لاءِ ضلعي جيڪب آباد ۾ آيل ڪجھه ايس ايس پيز به ڪجهھ هفتن جو ٽائيم پيرڊ ڏنو ته جلد ئي فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرايو ويندو پر انهن ٺلهن آسرن مان به ڪجھه حاصل ٿي نه سگھيو ۽ ائين ئي فضيلا سرڪي جا والدين روئندا رڙندا رهيا پر ڪنهن کي به سندن مٿان رحم ڪونه آيو..

اڄ به جيڪڏهن توهان جو ڪڏهن ٺل شهر وڃڻ ٿئي ته ٺل شهر جي پريس ڪلب آڏو فضيلا سرڪي جي امڙ سڪينه سرڪي ۽ سندس والد عبدارزاق سرڪي قرآن پاڪ مٿي تي کنيون احتجاج ڪندي نظر ايندا، پر افسوس جو هن مهل تائين ڪنهن به هنن جي مدد نه ڪئي آهي.

فضيلا سرڪي کي اغواءَ ٿئي 11 سال گذري ويا آهن پر هن مهل تائين سندس ڪو پتو پئجي نه سگھيو آهي ته آخر فضيلا سرڪي آهي ڪٿي …….؟؟

فضيلا سرڪي ڪنهن اهڙي هنڌ لڪائي ويئي آهي جنهن جو ڏس پتو پوڻ ناممڪن بڻجي ويو آهي پر چوندا آهن ته جيڪڏهن سرڪار سڌي ٿي پوي ته هر ناممڪن ڪم ممڪن بڻجي پوندو آهي پر الائي جي ڇو سنڌ سرڪار فضيلا سرڪي کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ويئي آهي، سو هاڻي سنڌ سرڪار فضيلا سرڪي جي بازيابي تي خاموشي اختيار ڪري نه فقط ڪيترائي شڪ شبها پيدا ڪرايا آهن پر عوام جي دلين ۾ به غبار اچي رهيو آهي پر ڪجھه الله تعاليٰ جا اهڙا نيڪ انسان به آهن جيڪي هن وقت فضيلا سرڪي جي بازيابي لاءِ ميدان ۾ لهي آيا آهن.

اهڙن نيڪ ماڻهن ۾ حساس دل رکندڙ تنگواني جي علائقي ڊيرا سرڪي سان تعلق رکندڙ چيف سردار غلام سرور سرڪي صاحب جن ميدان ۾ لهي آيا آهن، چيف سردار صاحب جو چوڻ آهي ته فضيلا سرڪي جا والدين غريب هجڻ ڪري فقط ٺل پريس ڪلب تائين احتجاج ڪندا رهيا آهن پر هاڻي اسين انهن جو ساٿ ڏيئي اهو احتجاجي دائرو وڌائينداسين، چيف سردار غلام سرور سرڪي پريس بيان ۾ چيو ته 26 نومبر 2017 تي اسين ٺل شهر جي عوام کي ساڻ ڪري لاڙڪاڻي جي شهر ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي ۽ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي مزارن آڏو احتجاجي مظاهرو ڪنداسين،

چيف سردار غلام سرور سرڪي ٻڌايو يارنهن سالن کان فضيلا سرڪي جا والدين قرآن پاڪ کڻي احتجاج ڪندا رهيا آهن پر سنڌ سرڪار کي هنن جي حال تي ڪنهن به قسم جو رحم ڪونه آيو آهي پر هاڻي اسين انهن جو ساٿ ڏينداسين ۽ هنن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچائينداسين، چيف سردار چيو ته اسان جي احتجاج جو هي پهريون مرحلو هوندو جو اسين ڳڙهي خدابخش ۾ ڌرڻو هڻنداسين جي اڃان به فضيلا سرڪي بازياب نه ٿي ته اسين ڪراچي پريس ڪلب آڏو به ڌرڻو هڻنداسين جنهن کان پوءِ اسين سنڌ اسيمبلي آڏو به ڌرڻو هڻنداسين  ۽ اهڙي طرح اسان جو هي سلسلو ان وقت تائين جاري رهندو جيسيتائين فضيلا سرڪي بازياب ٿي گھر نه ٿي موٽي.

عزيزالله ناريجو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *