شڪارپور ۾ فرقيواراڻي رتوڇاڻ جي سازش ؛نسيم بخاري

خانپور ۾ قتل ٿيل شيعا اڳواڻ جو ڪيس گناهه نمبر 2014/159 قلم 302، 148، 149، 7ATA فريادي سيد محمد شاهه داخل ڪرايو آهي، جنهن ۾ هو ٻڌائي ٿو ته ”مقتول اسان جي مسجد ۾ متولي ۽ پيش امام هو، جنهن جو تعلق خيرپور ميرس جي تعلقي ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ محمد عالم سولنگي سان هو. 45-46 ساله شفقت عباس مطهري سولنگي، شڪارپور کان خانپور طرف پنهنجي موٽر سائيڪل تي اچي رهيو هو ته 30: 2 منٽن تي منجهند جو ٽرانسفارمر لاڙي ويجهو، چئن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن کيس روڪيو، اسان جي اکين جي سامهون جوابدار غلام مصطفيٰ عرف علي مصطفيٰ شر کيس موٽر سائيڪل تان لاٿو ۽ جوابدارن عبدالله جان بروهي ۽ محمد اڪرم معاويه آرائين، ماستر اصغر آرائين جن پسٽل جا سڌا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، کيس هڪ فائر کٻي ڳٽي ۾، ٻيو وات ۾ سڄي پاسي، ٽيون فائر ڪنڌ جي سڄي پاسي لڳو.فريادي جو چوڻ آهي ته هو ڪار تي عبدالغفور سيٺار سان گڏ شڪارپور کان خانپور طرف اچي رهيا هئا ته ان مٿين واردات پنهنجي اکين سان ڏٺي. هن جو اهو به چوڻ آهي ته کيس هٿياربندن، هٿيارن جي زور تي خاموش رهڻ لاءِ چيو ۽ مٿين واردات ڪري، ٽهڪ ڏيندا اولهه طرف فرار ٿي ويا. فريادي چوي ٿو ته اها واردات مذهبي فرقيواريت کي وڌائي رتوڇاڻ ۾ تبديل ڪرڻ جي ارادي سان ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن مقتول اڳواڻ کي قتل کان اڳ به اهو چتاءُ ڏنو هو ته اسان توکي ڏاڍو روڪيو پر تون عزاداريون ۽ مجلسون ڪرائيندو ٿو رهين، اڄ موت تنهنجي انهن  سلسلن جو خاتمو آڻيندو نه ئي تون رهندين نه ئي مجلسون ٿينديون. فريادي چئن نامزد جوابدارن سان گڏوگڏ ٻن نامعلوم هٿياربندن جي به ڳالهه ڪئي آهي، جنهن جي سڃاڻپ کين ڏسڻ سان مشروط ٻڌائي آهي.شڪارپور ضلعي جي تعلقي خانپور ۾ فرقيواراڻي بنياد تي  پنهنجي نوعيت جو هي پهريون خون آهي، جيڪو مستقبل جي انيڪ امڪاني خطرن جا گهنڊ وڄائي رهيو آهي. خانپور ۾ نفرت جي بنياد تي ۽ تعصب جي تيلي سان هيءَ جيڪا خطرناڪ ۽ خوفناڪ ڇڪتاڻ واري صورتحال جي شروعات ٿي آهي، سا ڪٿي ڇيهه ڪندي، ان بابت وقت کان اڳ ته ڪجهه به نه ٿو ئي سگهجي پر جيڪي اهڃاڻ اڳيان آيا آهن، اُهي ٻڌائي رهيا آهن ته اها باهه جنهن به ڀڙڪائي آهي يا جيڪا ڌر به ان ۾ ملوث آهي، ان پنهنجي اندر ۾ هڪ وڏي خوني کيل جي سازش سٽي آهي. حقيقت اها آهي ته خانپور ۾ هڪ مذهبي عالم جي خون کانپوءِ جيڪا ڪيفيت ۽ جهڙو ڏهڪاءُ پکڙيو هو، ان صورتحال ۾ جيڪڏهن متاثر ڌر ۽ ان جا همدرد صبر، سهپ، بردباري ۽ برداشت جو مظاهرو نه ڪن ها يا ڪي انهن مان ٻرندي تي تيل هارڻ وارو ڪم ڪن ها ته وڏيون تباهيون اچي وڃن ها.شڪارپور ۾ هي خون مستقبل جي جيڪا فرقيواراڻي فتنن جي تاريخ رقم ڪرڻ طرف وڌندو، تنهنجو واءُ سواءُ ته ايندڙ ڏينهن ئي ڏيندا، پر اهڙين ڀوائتين حالتن کان بچڻ جي لاءِ مذهبي ڌرين ۽ انتظاميه تي تمام وڏيون ذميواريون لاڳو ٿي ويون آهن. اُهي به پهريون دفعو ٿيو آهي جو شڪارپور ۾ ڪنهن مذهبي اڳواڻ جي خون واري ايف آءِ آر، سنئين سڌي ان طرح داخل ٿي آهي، جيئن متاثر ڌر چاهيو آهي! اها ايف آءِ آر پنهنجي اندر ۾ جيڪا خبر چار ڏئي رهي آهي، تنهن عوام جي اڻ تڻ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي. ڇو ته واقعي جي ٽن چئن ڏينهن گذرڻ باوجود الزام هيٺ آيل ڌر پاران ڪا ترديد يا وضاحت آڏو نه آئي آهي. پوليس هن ڪيس ۾ هڪ جوابدار غلام مصطفيٰ شر کي گرفتار ڪري ATC ڪورٽ ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن کاپوءِ عدالت ان کي 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪيو آهي. سخت پهري ۾ جوابدار جي عدالت آمد ۽ عدالت کان واپسي اهو ٻڌائي رهي هئي ته هي معاملو ڪيترو نازڪ ۽ حساس آهي؟شڪارپور ۾ مذهبي فرقيواريت جي بنياد تي ئي سيد حاجن شاهه ماڙي واري پير تي بم ڌماڪي ۾ شهادت ڏٺي وڃي ٿي ۽ ان ئي پس منظر ۾ شڪارپور شهر ۾ بابلاڻن جي پاڙي ڀرسان مسجد جي مؤذن ايڊووڪيٽ غلام عابد لاڙڪ تي پرهه ڦٽي جو ڇرين ۽ خنجرن سان وار ٿين ٿا. اها سڄي صورتحال جنهن جنونيت جي جهلڪ پسائي رهي آهي، تنهن جو تصور به ماڻهن جا لڱ ڪانڊاري ڇڏي ٿو پر جيڪڏهن اها تلخ ۽ خونخوار حقيقت بڻجي اڳيان اچي ته ان کي ڪهڙو نانءُ ڏجي؟پنج- اٺ سال اڳ يا اڃا به اڳ ۾ جڏهن جاويد هاشمي ۽ ڪجهه ٻين اڳواڻن ملڪ ۾ ٿيندڙ خودڪش بم حملن ۽ دهشتگردي ۾ شڪارپور جي ماڻهن جي وارداتن ۾ ملوث هئڻ جي ڳالهه ڪئي هئي ته ڪنهن کي اعتبار نه آيو هو پر هاڻ جڏهن اهو واضح ٿي چڪو آهي ته سائين رکيل شاهه فتح پور واري جي درگاهه تي ٿيل خودڪش بم حملن ۾ به شڪارپرو جا ئي ملوث ماڻهو هئا ۽ انهن مان هڪڙي ته اعتراف به ڪيو هو، جنهن کي مقامي جماعتن پوليس تي دٻاءُ وجهي ڇڏايو هو يا ڪراچي ۾ پڪڙيل دهشتگرد جڏهن جوائنٽ انويسٽيگيشن ٽيم آڏو اهو اعتراف ڪري چڪا آهن ته هو واردات کان ڪجهه ڏينهن اڳ شڪارپور ۾ مهمانيون کائي آيا هئا ته اها سڄي حقيقت ڪهڙيون پئي شاهديون ڏئي؟شڪارپور ۾ خانپور، لکي، چڪ ۽ ڪجهه ٻين علائقن ۾ وڏي پئماني تي ٻاهرين دهشتگردن جي چرپر ڏٺي ۽ محسوس ڪئي ويئي آهي. هتي تبليغ جي آڙ ۾ هٿياربند تربيت جون خبرون به وقت بوقت اينديون ۽ پونديون رهيون آهن. هتي ٿيندڙ اجتماعن ۾ زبردست حد تائين ٻاهرين علائقن ۽ ملڪن جي ماڻهن جي شرڪت به رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اهڙي پس منظر ۾ هاڻ هي جيڪو فرقيواراڻو فتنو پيدا ڪرڻ لاءِ باقاعده ڀرپور ۽ منظم ماحول تيار ڪيو پيو وڃي، سو جيڪي نتيجا ڏيندو، اُهي نتيجا ته سماج جو ساهه سڪائيندا ئي سڪائيندا پر ان کان اڳ ئي امڪاني ڏڦيڙ واري ڏهڪاءُ امن پسند عوام کان راتين جون ننڊون ڦري ورتين آهن. شڪارپور ۾ ڪيترائي ڀيرا نيٽو جي آئل ٽينڪرن تي حملا ٿي چڪا آهن، هتي ٻه ڀيرا اڳوڻو ايم اين اي ۽ اڳوڻو صوبائي وزير ڊاڪٽر محمد ابراهيم جتوئي به خودڪش بم حملن جو شڪار ٿي چڪو آهي پر قدرت سندس حياتي محفوظ رکي آهي. شڪارپور جي سرحدي دنگ وٽ جيڪب آباد ضلعي جي حد ۾ سائين غلام حسين شاهه قمبر وارو تي به خودڪش حملو ٿي چڪو آهي، جنهن ۾ سائين جو پوٽو شفيق شاهه شهيد ٿيو هو ۽ سائين جن به پڻ زخمي ٿيا هئا.

اهي سمورا وچور وارداتن جي سنگينين سان گڏوگڏ مستقبل جي خطرن جون گهنٽيون به وڄائيندا رهن ٿا، جن سان مهاڏي اٽڪائڻ لاءِ اهڙين ئي زبردست حڪمت عملين جي ضرورت آهي، جيئن دهشت ۽ وحشت جا روح روان سازشون سٽيندا آيا هن. سوال اهو آهي ته جڏهن نفرت، تعصب، فتني ۽ فساد پيدا ڪندڙ تمام وڏي پلاننگ سان سماج جو توازن بگاڙڻ ۾ ڪامياب ٿيڻ لاءِ متحرڪ ٿي وڃن ٿا ۽ ٿي سگهن ٿا ته پوءِ سماج ۾ صحتمند ۽ مثبت تبديلين جي تمنا رکندڙ هڪٻئي جا ٻانهن ٻيلي ۽ ڀرجهلو ٿي منفي قوتن جو مقابلو ڇو نه ٿا ڪري سگهن؟ ان ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سول سوسائٽي، انتظاميه ۽ امن پسند مذهبي ڌريون اڳ ۾ ته پنهنجي پنهنجي صفن ۾ شرارتي ماڻهو ڳولي ڪڍن ۽ انهن جي وارثي ۽ مالڪي نه ڪن ۽ بعد ۾ عوام دشمن عنصرن خلاف وڏي پئماني تي مهم هلائين. ڇاڪاڻ ته جيستائين انهن جو گهيرو تنگ نه ٿيندو، انهن تي دٻاءُ نه وجهبو ۽ انهن خلاف گهڻ رخي ڌڪار واري سوچ جنم نه وٺندي، جيستائين انهن مان ڇوٽڪارو ڏکيو آهي ۽ انهن مان جند آجي ڪرائڻ، وقت جي سڀ کان وڏي ضرورت آهي.سنڌ ۽ خاص ڪري اتر سنڌ طالبانائيزيشن جي وڪڙ ۽ گهيري ۾ آهي هاڻ ته داعش جي ديرن جون به خبرون اچي رهيون آهن، انهن جا به جيڪڏهن هتي پير مضبوط ٿيڻ لڳا ته پوءِ باقي بچندو ڇا؟ ان ڪري حالتن جي تقاضا آهي ته لاپرواهي ۽ لاتعلقي واري رجحان کي ختم ڪجي ۽ وقتائتي وِک وڌائجي ته جيئن سماج کي امن ۽ سلامتي ميسر ٿي سگهي.خانپور ۾ قتل ٿيل شيعا اڳواڻ جي خون ۾ جوابدار ڄاڻايل ماڻهن جي خلاف ۽ سندن گرفتاري لاءِ پوليس جون چڙهايون ۽ ڪارروايون مسلسل جاري آهن .خانپور ۾ مسلسل ٽن چئن ڏينهن کان ڪاروبار بند آهي، ٻن ڏينهن تائين شڪارپور اهڙي ڪيفيت ۾ رهيو، قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڌرڻن، جلوسن ۽ احتجاجن وارو سلسلو به برقرار  آهي. ٻئي طرف ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي جماعت جي حامين پاران پڻ سندن حق  ۾ مظاهرا ٿي رهيا آهن. ٻنهي ڌرين جي حامين پاران مختلف شهرن ۾ احتجاجن وارو سلسلو بدستور جاري آهي ۽ ٻئي ڌريون نڪتئه نظر جي حوالي سان پڻ هڪ ٻئي جي ٽڪراءُ ۾ آهن. ان ٽڪراءُ تي ڪنهن کي وجهه ملڻ جو به موقعو ميسر ٿي سگهي ٿو ۽ ان آڙ يا بهاني ۾ ڪو فتنو پيدا ٿيو ته اهو تمام وڏي تباهي آڻيندو، جنهن کان بچڻ جي لاءِ انتظاميه سان گڏوگڏ ٻنهي مذهبي جماعتن کي به احتياط سان مسئلي کي جاچڻ ۽ حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته جيڪڏهن احتياطي تدبير ڪتب نه آندي وئي ته پوءِ اهڙي باهه ڀرڪندي، جنهن کي وسائڻ ڪنهن جي به وس ۾ نه هوندو!

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *