سنڌ ۾ وڌندڙ پاڻي کوٽ ۽ خاموش چونڊيل نمائندا ؛نور سنڌي

ڪراچي کانپوءِ سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ ڪر کنيو آهي. ڪراچي ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ بابت سنڌ اسيمبلي ۾ آواز اٿڻ بعد سنڌ جي وڏي وزير پاڻي وارا ٽئنڪر وڏي تعداد ۾ فوري طور خريد ڪري ٽئنڪر ذريعي سڄي ڪراچي ۾ پاڻي پهچائڻ جو اعلان ڪرڻ بعد رقم به رليز ڪري ڇڏي آهي، پر بيورو ڪريٽ جي روايتي روش، خاناپوري لاءِ فائلن جا پيٽ ڀرڻ واري مرحلي جي ڪري ڪراچي واسي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن. اڃا سنڌ واري گادي واري بين الاقوامي شهريت يافته ۽ روشنين جي شهر ڪراچي ۾ اڃا پاڻي وارو مسئلو حل نه ٿيو آهي ته سنڌ جي ٻئي وڏي شهر حيدرآباد ۽ ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ جتي جر جو پاڻي استعمال لائق نه آهي، اتي واٽر سپلاءِ جو پاڻي آهي، اتي به پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ بابت ميڊيا تي عوام جون دانهون اچي رهيون آهن. ڪراچي جي عوام جون دانهون ته اتان جي اسيمبلي ميمبرن ايوان جي ٿرو حڪومت تائين پهچايون، پر اها خبر نه آهي ته حيدرآباد سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي واريون دانهون ايوانن ۾ گونجنديون الائي نه، ڪراچي وانگر حيدرآباد ۽ ٻين شهرن لاءِ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ حڪومت اپاءُ وٺندي الائي نه، اهو وقت ٻڌائيندو. زندگي جي شروعات پاڻي سان ٿي. پاڻي زندگي آهي. زمين تي زندگي جي بقا پاڻي کانسواءِ ممڪن ئي نه آهي.

ڌرتي جو 70 سيڪڙو حصو پاڻي تي مشتمل آهي. زمين وانگر انسان جو به دارومدار 70 سيڪڙو پاڻي تي هوندو آهي. هڪ عام صحتمند ماڻهو کي ڏينهن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 3 ليٽر يعني 12 گلاس پاڻي پيئڻ ضروري آهي. ميڊيڪل جي حساب سان جڏهن اسان کي اڃ لڳي ٿي ته سمجهو اسان جي جسم ۾ 2 فيصد پاڻي جي ڪمي اچي وئي آهي. اهي به اڳڪٿيون ڪيون پيون وڃن ته آئنده جنگ عظيم پاڻي لاءِ ٿيندي. سڄي دنيا ۾ جيڪي بيماريون ڦهلجن ٿيون، ان ۾ 80 فيصد بيمارين جو سبب صاف پاڻي نه آهي. صاف پاڻي نه هئڻ ڪري يونيسيف جي سروي موجب دنيا ۾ 1.8 ملين ٻار ڊائريا جي ڪري مرن ٿا، صاف پاڻي سان باقاعده هٿ ڌوئڻ سان به ڊائريا 35 سيڪڙو گهٽجي سگهي ٿي. غير ترقي يافته ملڪن جي ته حالت زار آهي، ورلڊ واٽر ڊولپمينٽ جي هڪ رپورٽ موجب دنيا جي تقريبن هڪ ارب کان وڌيڪ ماڻهو مٺو پاڻي پيئڻ کان محروم آهن ۽ انهن ماڻهن جو تعلق ترقي يافته ملڪن سان آهي. هن وقت سڄي ڪراچي اڃايل آهي. ميڊيا تي ايندڙ رپورٽن موجب ڪراچي ۾ 40 سيڪڙو پاڻي چوري ٿي مهانگي اگهن ۾ وڪرو ٿئي ٿو. ڪراچي تقريبن 2 ڪروڙ جي آبادي آهي. ڪراچي واٽر بورڊ مطابق ڪراچي ۾ پاڻي جي روزانه گهرج هڪ هزار ملين گيلن آهي، پر ڪراچي کي ان جي ڀيٽ ۾ 700 ملين گيلن پاڻي روزانو مهيا ڪيو وڃي پيو.

ڪراچي ۾ واٽر بورڊ، پوليس جي آشيرواد سان ٽئنڪر مافيه کي وڪرو ڪري ڏنو وڃي ٿو. ڪراچي کي پاڻي ڪينجهر ڍنڍ ۽ حب ندي مان ڏنو وڃي ٿو. ڪراچي ۾ سرندي وارا ته ڏوڪڙ سان پيئڻ لاءِ صاف پاڻي خريد ڪن ٿا، سفيد پوش ۽ غريب ماڻهو پاڻي لاءِ سڪي رهيا آهن، تڙپي رهيا آهن. پاڻي لاءِ ڪيترائي ڪلاڪ لائين ۾ بيهن ٿا. روزانو هزارين ٽئنڪر وڪرو ٿين ٿا، سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته اهي پاڻي ڪٿان ٿا آڻين. ڪراچي واٽر بورڊ جي نااهلي ۽ ڪرپشن جي ڪري ڪراچي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ واري مسئلي منهن ڪڍيو آهي. ڪراچي ۾ پاڻي جي چوري ۾ وڏيون شخصيتون ملوث هئڻ جا پڙاڏا به گونجي رهيا آهن. ساڃاهه وند ڌرين جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي جي مسئلي جو فوري حل اهو آهي ته حڪومت واٽر بورڊ جي بلن جو تڪراري مسئلو فوري طور حل ڪيو وڃي. هر علائقي ۾ پاڻي جي سپلاءِ کي بهتر بڻايو وڃي،

پاڻي جي ٿيندڙ چوري کي روڪيو وڃي. حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ وارين شڪايتن تي اڃان تائين حڪومت سنڌ نوٽيس نه ورتو آهي. ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ڪربلا بڻجي رهيو آهي. حيدرآباد ۾ به واسا وارن جي نااهلي ۽ ڪرپشن ڪري واٽر سپلاءِ وارو نظام ڏينهون ڏينهن خراب ٿيندو پيو وڃي.

مسئلا ڪهڙا به هجن، پر انهن مسئلن کي ترت حل ڪرڻ حڪومت جو فرض آهي. عوام جي اهنجن، تڪليفن کي ختم ڪرڻ حڪومت جو ڪم آهي، جهڙي ريت حڪومت ڪراچي ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ فوري اپاءُ ورتا آهن ۽ اتي آئنده وڌندڙ آبادي جي پيش نظر ڪي فور پروجيڪٽ شروع ڪري رهي آهي، اهڙي ريت حيدرآباد ۾ به پاڻي جي کوٽ جو مسئلو حل ڪرڻ لاءِ اهڙو ئي پروجيڪٽ شروع ڪرڻ گهرجي، هتي انتظاميا جي نااهلي، بجلي جي مسلسل لوڊشيڊنگ ۽ بجلي جا تڪراري بڻيل واڌو بل وارا مسئلا به آهن، جيڪي فوري طور حل ٿيڻ گهرجن. بدقسمتي سان سنڌ ۾ اڄ جي جديد دور ۾ به سنڌ جي 90 سيڪڙو عوام صاف پاڻي پيئڻ کان محروم آهي. اڄ به سنڌ جو عوام ڪڙو پاڻي، کارو پاڻي، سينکيو مليل زهريلو پاڻي، سم جو پاڻي، واهن شاخن جو اڻ فلٽر ٿيل پاڻي، نيگليريا جهڙا جراثيم رکندڙ پاڻي، ٻين ڪيترن ئي جراثيمن وارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. صاف پاڻي نه هئڻ ڪري ماڻهن ۾ ٻين بيمارين کانسواءِ گردن جي تڪليف، بلڊ پريشر، ڊائريا، هيپاٽائيٽس اي، ٽائيفائيڊ، مدي جون بيماريون، چمڙي جون بيماريون ٿي رهيون آهن. هزارين ماڻهو انهن بيمارين ۾ مبتلا آهن. ٿر ۽ ڪوهستان ۾ ته پاڻي جو وڏو مسئلو آهي. جڏهن اهڙا مسئلا سنگين صورتحال پيدا ڪندا آهن ته انهن مسئلن کي هنگامي بنيادن تي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون وڃن ٿيون، پر هتي ته ايوانن ۾ چونڊيل نمائندا بنيادي مسئلن تي خاموش رهن ٿا.سنڌ حڪومت کي گذارش آهي ته هو سنڌ ۾ عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ باقاعده پلاننگ ڪري ۽ ان لاءِ ميگاپروجيڪٽ شروع ڪرڻ گهرجن، سمنڊ جي پاڻي کي جديد ٽيڪنالاجي سان مٺو پاڻي بڻائي سگهجي ٿو، هن جديد دور ۾ انصاف جي تقاضا اها آهي ته ملڪ جي هر شهري کي صاف پاڻي ملڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *