سنڌ جي عام ماڻهن جو الميو!: زبير احمد لاکو

قوم ڇا آهي؟ يا قوم ڇا کي چئبو آهي؟ اچو ته پهريان اهو سمجهون ته آخر قوم چئبو ڇا کي آهي؟ قوم جا معيار ڪهڙا آهن؟ اهي ڪهڙيون شيون ضروري آهن، جن جي پورائي سان هڪ قوم وجود ۾ اچي ٿي! قوم جي وصف ڪيترن ئي عالمن، دانشورن ۽ وغيره پنهنجي پنهنجي Point of view کان بيان ڪئي آهي. ”ماڻهن جو هڪ خاص گروهه جن کي پنهنجي ثقافت، ٻولي ۽ ڪنهن مخصوص علائقي ۾ رهندڙن کي قوم چئبو آهي.“يا وري ”اهڙو علائقو جنهن ۾ اهڙا ماڻهو رهندا هجن، جن جي ٻولي ساڳي، ثقافت ساڳي، ريتون رسمون رواج ساڳيا هجن ته اهڙن ماڻهن کي هڪ قوم چئبو آهي.“مٿي بيان ڪيل ٻنهي وصفن مان ان ڳالهه کي تقويت ملي ٿي ۽ پڪ ٿئي ٿي ته اسين هڪ قوم آهيون، جنهن کي ڪير به، دنيا جي ڪابه تحقيق رد نه ٿي ڪري سگهي. اسان کي پنهنجي ٻولي به آهي، ثقافت به آهي، پنهنجون ريتون رسمون ۽ رواج به آهن.هاڻي اِها ڳالهه ته واضح ٿي ته اسين هڪ قوم آهيون، پر هاڻي اچون ٿا پنهنجي قومي المئي تي.اسان جي معصوم ۽ مظلوم ماڻهن، جن جو نه ڪو داد ٻڌڻ وارو نه فرياد. هر جڳهه تي اسان سان وڏو ظلم لڳو پيو آهي. ڪٿي بيروزگاري، ڪٿي لوڊشيڊنگ جو آزار، ڪٿي ميرٽ جي لتاڙ، ڪٿي ڌاڙا ڦرون، ڪٿي مهانگائيءَ جو آزار وغيره. ائين آهي يا نه؟ جنهن کان اِهو سوال پڇبو ته جواب يقينن ها ۾ ڏيندو ته واقعي اِهي سڀ آزار اسان سان برحق آهن.ان ڳالهه کان بلڪل انڪار نه ٿو ڪري سگهجي ته اهي سڀ آزار ۽ ان کان به وڌيڪ آزار، عقوبتون، ناانصافيون ۽ ظلم اسان جي ماڻهن سان آهن، پر انهن سڀني ڳالهين جو سبب ڪهڙو آهي ۽ عام ماڻهن سان ٿيندڙ انهن سڀني ظلمن لاءِ اسين پاڻ ڪيتري قدر ذميوار آهيون؟ انهن ظلمن ۽ عقوبتن مان اسين ڪيئن ۽ ڪڏهن جان آجي ڪرائي سگهون ٿا يا هڪ خوشحال قوم ٿي سگهون ٿا؟

پهريان اچون ٿا ته انهن سڀني ٿيندڙ ناانصافين جو سبب ڪهڙو آهي؟ ڪنهن به ملڪ يا رياست اندر عوام کي سهولتون چاهي اهي تعليم، صحت يا امن امان وغيره جون هجن، فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري هوندو آهي. جيڪڏهن حڪومتون اهي سهولتون فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام وڃن ٿيون ته پوءِ عوام احتجاج ڪرڻ شروع ڪندو آهي، جنهن سان چار آنا يا اٺ آنا کن فرق ايندو به آهي ۽ وقتي طور تي عوام کي کڻي فائدو ملندو آهي، پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وري ساڳي صورتحال ۽ ساڳيا احتجاج. جيڪڏهن حڪومت ناڪام ته اها قوم ۽ ان قوم جو عوام ناڪام چئبو، ڇو ته اها حڪومت عوام جي ئي چونڊيل حڪومت آهي. انهي ناڪاميءَ جو ذميوار عوام ئي آهي، عوام ڇو اهڙن ماڻهن کي اليڪشن ۾ ڪامياب ڪري حڪومت ۾ آندو. خاص ڪري جڏهن هڪ نه، ٻه نه، پر ٽي ٽي دفعا ساڳيو عوام ساڳي حڪومت کي اقتدار ۾ آڻي ٿو ۽ وري پٽڻو به پاڻ ٿو پٽي ته حڪومت ڪجهه نه ٿي ڪري، عوام کي ڪو رليف ڪونه ٿو ملي. حڪومت ۾ ويٺل وزير مشير صرف پنهنجي لاءِ مال پيا ٿا ٺاهين، پر اسان يعني عوام لاءِ ڪجهه سوچين ئي ڪونه ٿا. مطلب ته ذميوار اها قوم ئي چئبي نه!

هاڻي اچون ٿا ان ڳالهه تي ته اسين عام ماڻهو، پاڻ سان ٿيندڙ ظلمن ۽ ناانصافين جا خود، پاڻ ڪيتري قدر ذميوار آهيون؟ دانهون ڪوڪون ته وڏيون ٿا ڪيونن ته اسان سان وڏو ظلم، وڏو قهر ٿي ويو. اسان کي نوڪريون ڪونه ٿيون ملن، وڏن ٺيڪن يا پروجيڪٽن ۾ مقامي ماڻهن کي نوڪريون نه ٿيون ملن، ڪرپشن وغيره.ڇا اسان مان ڪڏهن ڪنهن انهن چونڊيل نمائندن کان پڇيو آهي جڏهن اهي پنهنجي هڪڙي حڪومت جو مدو پورو ڪري وري ووٽن لاءِ سندن در تي وڃن ٿا ته ڪنهن همت ڪري اِهو چيو ته سائين حڪومت جو هيترو مدو مڪمل ٿي ويو، پر انهيءَ سڄي عرصي ۾ اسان جي ڪا سار لڌي اٿوَ. ڀلا سائين توهان پاڻ مصروف هئا ته پنهنجي پي اي يا پنهنجي ماڻهوءَ کي موڪلي ئي کڻي پڇا ڪيو ها ته توهان جي ووٽ سان اسان ڪامياب ٿياسين، هاڻي توهان کي جيڪڏهن ڪا تڪليف هجي ته ٻڌايو؟ ڇا اسان مان ڪڏهن ڪنهن آيل ڀوتار کي اِئين ڪجهه چيو؟ هرگز نه. آخر ڇو؟ ها اسان ۾ هڪڙو رواج ضرور آهي ته پاڻ ۾ وڙهنداسين، هڪٻئي جا مٿا ڦاڙينداسين ۽ پوءِ ڀڄنداسين وري انهن ئي چونڊيل نمائندن ڏي ته سائين ٿاڻي تي ڪا فون گهمايو ته ايف آءِ آر وٺن، فلاڻن کي لاڪپ ڪن وغيره. اهڙا ڪم وٺڻ لاءِ پاڻ وارا سڀئي مڙس ماڻهو، باقي ان لاءِ ڪڏهن نه ويندا ته سائين اسان جي ڳوٺ جي اسڪول ۾ استاد ڪونهي، ڪو استاد بدلي ڪرائي ڏيو يا اسڪول کي عمارت ڪانهي، اها ته منظور ڪرائي ڏيو وغيره، باقي پيا رڳو پٽڻو پٽيندا، عملي ڪم کان آڱوٺو. اسان جو وڏو الميو اهو آهي ته اسين صرف ڳالهين تائين محدود هوندا آهيون، پر عمل ڪنهن هڪ ڳالهه تي به نه ڪندا آهيون.

هاڻي ڪجهه ذڪر سنڌ سرڪار ۽ چونڊيل نمائندن جو. ماشاءَ الله گذريل ڪافي عرصي کان سنڌ تي حڪومت ڪا ڌارين جي نه پر اسانجن پنهنجن جي آهي. ساڳيا ماڻهو، ساڳيا چهرا، هر ڀيري اسيمبلي ۾ پهچن ٿا. اسيمبلين ۾ پهتل اهي سيد، ڀوتار، وڏيرا ۽ جاگيردار خير سان پنهنجا ئي آهن. اسان جي هر کاتي جا وزير به سنڌي آهن. وڏي ڳالهه ته اهي چونڊيل سنڌي وزير مشير پرنٽ ميڊيا توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا سان به جيئن جو تيئن چڱيءَ ريت لاڳاپيل يا ڳنڍيل آهن. اهي اخبارون به پڙهن ٿا، ٽي ويءَ تي ٽاڪ شوز ۾ تبصرا به ڪن ٿا ۽ فيس بوڪ ۽ ٽوئيٽر وغيره به چڱيءَ طرح استعمال ڪن ٿا. انهن کي سنڌي ماڻهن جي هر ننڍي وڏي مسئلي جي چڱي ريت ڄاڻ به آهي، پر پوءِ به ڪن لاٽار يا ائين نٽائي ويندا آهن ڄڻ انهن مسئلن جو ساڻن يا سندن سرڪار سان ڪو تعلق ئي ناهي. جنهن علائقي مان هو ايم پي اي يا ايم اين اي چونڊجي اچن ٿا، وري انهن علائقن ڏانهن قرب جا قدم ڀري اليڪشن واري وقت ۾ ئي اچن ٿا، نه ته صاحب ڪراچي، اسلام آباد، دبئي، آمريڪا يا لنڊن ۾ ملندا يا اسيمبلين ۾ هڪٻئي تي الزام بازي ڪندا رهندا.اسان ماڻهن جو وڏي ۾ وڏو الميو اِهو آهي ته اسين خود انهيءَ سڄي صورتحال جا ذميوار آهن، جيڪڏهن سنڌي ماڻهو تبديلي چاهين ٿا ته انهن کي عملي قدم کڻڻو پوندو ته جيئن سنڌ هن ابتر صورتحال مان نڪري سگهي ۽ هڪ خوشحال قوم ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *