سنڌ اندر استحصال جو شڪار عورتون؛ڊاڪٽر رابيعه چانڊيو

هن افراتفري جي دور ۾ جتي هر نئون ڏينهن ڪنهن واقعي ۽ حادثي کان خالي ناهي اتي ڪي اهڙا واقعا به سامهون اچن ٿا جنهن تي ڪير به ڌيان ڏيڻ ضروري ناهي سمجهندو ۽ اها اخبارن ۾ به هڪ ننڍڙي خبر طور پيش ڪئي ويندي آهي، هونهن ته اسان جي سماج ۾ عورت مٿان ٿيندڙ تشدد ڪا نئين ڳالھه ڪانهي پر تازو ئي اخبار ۾ هڪ خبر لڳي ته ٽنڊوالهيار جي ڳوٺ خاقو وساڻ ۾ جوابدار موهن مينگهواڙ پنهنجي زال مڌوءَ تي بي انتها ظلم ڪيو ،سندس جسم تي بليڊ جا جهير ڏئي، ٻئي ٽنگهون ۽ ٻانهون ڀڃي ڇڏيون، جيتوڻيڪ اها خبر اخبارن ۾ هڪ معمولي خبر طور پيش ڪئي وئي هئي پر غور ڪري ڏسجي ته اسان جي سماج ۾ بگاڙ جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو به آهي ته هتي عورت مٿان ٿيندڙ ظلمن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي ۽ اھا ھڪ وڏي حقيقت آھي ته عورت ئي سماجي جوڙجڪ ۾ اھم ڪردار ادا ڪري ٿي جو ھڪ ماءُ جي حيثيت ۾ ٻارن جي تربيت جو وڏو مدار ماءُ ئي ھجي ٿي ۽ اھي ڪالھه جا ٻار اڄ جي سماج جي موجوده شڪل کي پيش ڪن ٿا. حيرانگي جي اها ڳالھه آهي ته ان عورت مٿان ٿيندڙ ظلم جو سبب اهو ڄاڻايو ويو آهي ته ان عورت کي سندس مڙس جي دوست سان ناجائز تعالقات رکڻ لاءِ چيو ويو ۽ ان عورت جي انڪار ڪرڻ تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو.  جديديت جي دعويدار سنڌ جا به عجب رنگ ۽ انداز بڻجي ويا آهن ، جو هڪ طرف عورت جو پنهنجي گهر جي در تي بيهڻ، ٻاهر نڪرڻ ۽ مٿي تي رئو نه پائڻ تي به نه صرف ان کي نفرتن جي انداز سان ڏٺو وڃي ٿو پر سخت تشدد به ڪيو وڃي ٿو ،ته ٻي طرف وري پنهنجي عزت بچائڻ ۽ ناجائز تعلقات نه رکڻ تي کيس جهير ڏنا وڃن ٿا ۽ سنڌُ سنڌُ  زخمي ڪيو وڃي ٿو ۽ ھر طرح جو بدترين  استحصال ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏھن غور ڪجي ته استحصال جون سوين صورتون ٿين ٿيون ۽ سنڌ اندر عورت مٿان سوين روپن ۽ اندازن سان ظلم ۽ استحصال ڪيو وڃي ٿو ، ڪڏهن ڪارو ڪاري جي رسم جي غلاظت ھيٺ عورت قتل ڪئي وڃي ٿي  ته ڪڏهن تيزاب هاري ساڙي وڃي ٿي ۽ ڪڏهن وري گينگ ريپ کان پوءِ قتل ڪئي وڃي ٿي  ۽ جيڪڏهن ريپ کان پوءِ حياتي بچي به وڃي ٿي ته سندس سڄي ڄمار ذهني اذيتن ۽ پيڙائن جو شڪار رهي ٿي، اهڙي طرح پنهنجي گهر اندر به مختلف طريقن سان استحصال جو شڪار ٿئي ٿي ، جنهن ۾ تعليم جهڙي بنيادي حق کان محروم ،سنڱ چٽي ۽ ، بدي جي رشتن ۾ وڪامجي ٿي، شادي جي معاملي ۾ سندس مرضي ته پري جي ڳالھه پر ملڪيت جي حق کان به محروم رهي ٿي، ان سان گڏو گڏ هر وقت پيءُ ۽ ڀاءُ جي خوف ۾ مبتلا رهي ٿي ۽ جڏهن شادي ڪري ساهرن ۾ وڃي ٿي ته اُتي به سندس نيون پريشانيون آجيان ڪن ٿيون، جتي نه صرف مڙس حڪمران هجي ٿو پر سس، سهرو، ڏير جي به غلامي به ڪرڻي پويس ٿي،

اڃا به حيرت جي اها ڳالھه آهي جو سنڌ اندر ڪيترن ئي علائقن ۾ نياڻين جي ڄمڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو وڃي ٿو ۽ ڪيترن ئي علائقن خاص ڪري اُتر وارن علائقن ۾ نياڻين جي ڄمڻ تي خوشي جو اظهار رڳو ان ڪري ڪيو وڃي ٿو جو اتي نياڻين جو واپار ٿئي ٿو جتي نياڻين جي خوبصورت چهرن ۽ جواني جي حساب سان اگهه طئي ڪيا وڃن ٿا، جيڪا ڳالھه به من اندر جهير ڏيڻ کان گهٽ ناهي ته نياڻي انسان بدران واپار جو ڪو جانور ھجي ٿي، شايد غربت جي عيب سنڌ ڌرتي کي ان هنڌ اچي بيهاريو آهي جو ست قرآن برابر سمجھيون ويندڙ نياڻيون وڪامجي رهيون آهن. عورت به اهڙين اذيتن کان آجي ٿيڻ لاءِ باغي ٿيو وڃي ۽ منفي طريقي سان پنهنجا پلاند وٺڻ جي ڪوشش ڪري ٿي، جيڪو سماج لاءِ اڃا به وڌيڪ نقصانڪار ثابت ٿئي ٿو  يا وري خودڪشي جو رستو اختيار ڪري ٿي، سڄي پاڪستان اندر هزارن جي تعداد ۾ عورتون استحصال جو نشانو بڻجن ٿيون، جن مان 90 سيڪڙو ڪيس رپورٽ ٿيڻ کان به رهجيو وڃن، 2013 جي رپورٽ موجب پنجاب ۾ 2،602  نياڻيون استحصال جو شڪار ٿيون، سنڌ اندر 1،883، ڪي پي ڪي ۾ 1،181، ۽ بلوچستان ۾ 846 عورتون مختلف طريقن سان استحصال جو شڪار ٿيون. رڳو سنڌ تي نظر ڦيرائينداسين ته رپورٽ موجب رڳو ٽن مهينن اندر خيرپور ۾ 72 ، جيڪب آباد ۾ 46 ، لاڙڪاڻي ۾ 45، شڪارپور ۾ 28 ،سانگهڙ ۾ 27، سکر ۾ 23، نوابشاهه ۾ 21، نوشهروفيروز ۾ 16، گهوٽڪي ۾ 21، ميرپرخاص ۾ 15، ڪشمور ۾ 15، ٿرپارڪر ۾ 14، ڪراچي ۾ 12، ڄامشوري ۾ 12، دادو ۾ 11، حيدرآباد ۾ 9، بدين ۾ 8، قمبر ۾ 8، مٽياري ۾ 4، عمرڪوٽ ۾ 4، ٽنڊومحمد خان ۾ 2، ٽنڊوالهيار ۾ 1 ۽ ٺٽي ۾ 7 واقعا پيش آيا، جن عورتن سان زيادتيون ڪيون ويون، انهن  ۾ گهرو استحصال (domestic violence) ، ڪارو ڪاري جي رسم ، ريپ بعد قتل ٿيڻ ۽ ٻين ڪيترن ئي طريقن سان حوا جي نياڻين جو استحصال ڪيو ويو.  جيتوڻيڪ عورتن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترائي بل پاس ٿيا ۽ اين جي اوز به کليون پر انهن سان عورتن کي ڪو خاص تحفظ نه ملي سگهيو آهي، اڄ به عورتون سنڌ اندر هزارن جي تعداد ۾ مرن ۽ تشدد جو شڪار ٿينديون رھن ٿيون. ڪجهه حلقن جو اهو به چوڻ آهي ته قبيلائي جهيڙا ۽ ڪارو ڪاري جهڙيون رسمون سنڌ جو ڪلچر آهن جڏهن ته ان ڳالھه ۾ تر جيتري به سچائي ناهي ڇو ته جيڪڏهن سنڌ جي ماضي تي نظر وجهبي ته پتو پوندو ته سنڌ اها صوفين جي ڌرتي رهي آهي جتي نياڻين کي ست قرآن جو درجو حاصل هوندو هو،

جتي جتي جهيڙا ٿيندا هئا اتي نياڻيون ميڙ وٺي وڃبو هيو ته نه رڳو جهيڙا ۽ خون معاف ٿي ويندا هئا پر نياڻين کي وڏي عزت سان اجرڪ اوڍي روانو ڪيو ويندو هو ، جنهنجي لاءِ تاريخ گواهه آهي جو ڪيترين ئي عورتن کي سنڌ جي سدا حيات شاعر شاهه عبدالطيف به پنهنجي آفاقي ڪلام ۾ ستن سورمين طور   ڳايو آهي، نه رڳو ايترو پر سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن ۾ عورتن جي سرپئنچي هيٺ فيصلا به ٿيندا هئا ، پر ان حقيقت کان به انڪاري نٿو ٿي سگهجي ته اڄ سنڌ اها سنڌ نه رهي آهي ، اڄ سنڌ اندر عورتن کي اها حيثيت حاصل ناهي ، اڄ سنڌ جي هر شهر جي هر گهر ۾ عورت ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان مظلوميت جو شڪار آهي، دانشورن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن توهان کي اهو ڏسڻو هجي ته ڪا قوم ڪيتري سڌريل آهي ته اهو ڏسو ته ان معاشري جي فردن جا پنهنجي عورتن ڏانهن ڪهڙا رويا آهن، تنهن ڪري ٿيڻ ائين کپي جو اسان سڀن کي عورتن سان رويا درست رکڻا پوندا ۽ کين گُهربل حق ڏيڻا پوندا ته جيئن سماج ۾ موجود بگاڙ جو انت اچي ۽ اسان به سڌريل ملڪن جي لسٽ ۾ پنهنجي جڳهه ٺاهي سگهون. ٽنڊوالهيار ۾ تشدد جو شڪار ٿيل عورت مڌو سان انصاف ڪيو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث مڙس کي سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن وري ٻي ڪا به مڌو اهڙي وحشت جو شڪار نه بڻجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *