راز فاش ڪندڙ جولين اسانج…..(ارشاد)

”جولين اسانز (Julian Assange) وڪي ليڪس جو باني 1971ع ۾ آسٽريليا ۾ پيدا ٿيو. ڪَمسِني ۾ ئي هيڪنگ جي ڏوهه ۾ پوليس کي گهربل هو. پر هن کي عالمي سطح تي مشهوري وڪي ليڪس جي ڪري ملي. اها ويب سائيٽ 2006ع ۾ منظرعام تي آئي، جنهن جو مقصد بين الاقوامي رازن تان پردو هٽائڻ هو. ۽ ان معلومات کي عام ماڻهو جي پهچ ۽ رسائي تائين ممڪن بنائڻو هو، جن کي وڏيون طاقتون يا حڪومتون ڳجهو رکنديون هيون. ان مقصد جي پهرين ڪاميابي تڏهن حاصل ڪئي وئي، جڏهن اپريل 2010ع ۾ اسانز نيشنل پريس ڪلب واشنگٽن ۾ هڪ وڊيو ڏيکاريو، جنهن ۾ 2007ع ڌاري بغداد ۾ هڪ امريڪي اپاچي فوجي هيليڪاپٽر مان 18 عراقين کي قتل ڪندي ڏيکاريو ويو آهي، جن ۾ 2 رائٽرز جا صحافي به شامل آهن. ان کان پوءِ هڪ قدم اڳتي وڌائيندي وڪي ليڪس جولاءِ 2010ع ۾ افغانستان جي جنگ بابت 77 هزار امريڪي فوجي دستاويز ظاهر ڪيا. آڪٽوبر 2010ع ۾ عراق جي جنگ تي 4 لک خفيا دستاويز جاري ڪيا. نومبر 2010ع ۾ وڪي ليڪس پاران امريڪي ڳجهي نيٽ ورڪ جا هزارين خط ماڻهن جي آڏو آڻي ٿرٿلو پيدا ڪيو. بذات خود جولين اسانز سويڊن سرڪار کي گهربل آهي. ڇاڪاڻ ته ان تي ٻن عورتن کي جنسي ڏاڍائي ۽ هوس جو نشانو بنائڻ جا الزام آهن. هن جا انٽرپول وارنٽ به جاري ڪيا آهن. (وڪيپيڊيا)اها مختصر جيون ڪٿا هئي جولين اسانز جي پر هينئر سندس آئنده جي حڪمت عملي جي باري ۾ ٽيڪا ٽپڻي ڪجي ٿي. لڳاتار ٽن سالن کان اسانز لنڊن ۾ ايڪواڊور جي سفارتخاني ۾ سياسي پناهه ورتي آهي ۽ اتي ئي رهيو پيو آهي. هو امريڪا ۽ سويڊن پاران ڪيسن جي پيروي نٿو ڪري. ان سبب هي ٿي سگهي ٿو ته کيس جيڪو حقيقي خطرو آهي، اهو امريڪا کان آهي ۽ مفت ۾ مرڻ جي موڊ ۾ ناهي. هو جُون 2012ع کان ايڪواڊور جي سفارتخاني ۾ اڪيلائي جي زندگي گهاري رهيو آهي. ڄڻ ته هو هڪ جيل ۾ نظربند هجي! اسانز نٿو چاهي ته هو ڪيسن کي منهن ڏئي ۽ ڪنهن ٻوهي ۾ اچڻ جي ڪري سموري عمر جيلن ۾ واڙيو پيو هجي. ان ڪري هو فلمي سين ڪرڻ کان لنوائي ٿو. هينئر به وڪي ليڪس پاران فرانس جي ٽن صدرن جي جاسوسي ڪرڻ جي باري ۾ جيڪي دستاويز ظاهر ڪيا، جنهن ڪري امريڪا ۽ فرانس جي وچ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي. وڪي ليڪس جي رپورٽ پڌري ٿيڻ کان پوءِ جيولين اسانز فرانس جي هڪ معتبر اخبار ۾ هڪ خط لکيو هو، جنهن کي فرانس رد ڪري ڇڏيو. وڪي ليڪس (انگريزي) جي ترجمان ڪرسٽين هڪ انٽرويو ۾ سوالن جا جواب ڏيندي ٻڌايو ”هي خط سياسي پناهه جي لاءِ ناهي لکيو ويو، اهو ايئن ناهي جيئن توهان سمجهو ٿا. اخبار ۾ جيڪو کليل خط شايع ٿيو آهي، اهو فرانس جي وزيرِانصاف جي ان حقيقت جي روشني ۾ ڏسڻ گهرجي، جنهن ۾ هن چيو هو ته ڪنهن به سياسي پناهه جي درخواست جي آجيان ڪئي ويندي.فرانس جي 40 کان وڌيڪ معزز حضرات سياسي پناهه لاءِ صدر تي زور ڀريو هو. جيولن ان خيرسگالي حمايت جي مڃتا لاءِ خط لکيو آهي. هڪ قسم جو علامتي اظهار آهي نه ڪي سياسي پناهه جي درخواست آهي.“ ظاهر آهي ته جيولن اسانز هر طريقي جو سياسي ۽ اخلاقي ڌٻاءُ وڌائي هڪ اهڙو ماحول جوڙڻ جي ڪوشش ڪندو، جنهن ۾ هو وڌيڪ آزادي سان پنهنجي پيشاورانا زندگي کي دائم ۽ قائم رکي سگهي، پر ان سان گڏوگڏ پنهنجي مقصد ۽ ترجيحات تي به سولائي سان هلي سگهي. اهو ايڪواڊور جي سفارتخاني ۾ بند وارڊ جهڙي ڪيفيت ۽ ماحول ۾ ٿيڻ ممڪن ناهي! تنهن ڪري فرانس ۾ سياسي پناهه لاءِ اثر و رسوخ وڌائڻ هڪ حڪمت عملي جو حصو چئي سگهجي ٿو. وڪي ليڪس جي باني ۽ ايڊيٽر جيولن پال اسانز فرانس جي صدر ڏانهن لکيل پنهنجي کليل خط ۾ جيڪو مشهور اخبار لي موندي ۾ شايع ٿيو آهي، ان ۾ بيان ڪري ٿو:”صحافتي پيشي ورانا سرگرمين جي نتيجي ۾ امريڪا جي اعليٰ اختيارن موت جي ڌمڪي ڏني.“امريڪا جي اها ڪوشش رهي آهي ته هو پنهنجي بالادستي برقرار رکي هر جائز ۽ ناجائز حربا استعمال ڪري ۽ ان جي باري ۾ ڪوبه کانئس نه پڇي. ڇاڪاڻ ته هو دنيا جو واحد سپر پاور آهي، جنهن کي اهو اختيار آهي ته هو ڇا به ڪري. اهو عمل هڪ اهڙي سوچ جي عڪاسي آهي، جيڪا سرمائيدار ۽ سامراج جي وصف آهي! سامراجي پاليسين جي بدولت امريڪا دنيا کي غلام رکيو آهي.

جيولن اسانز امريڪا جي ان حرڪتن کي ظاهر ڪري رهيو آهي ۽ امريڪا اسانز مٿان ڏمريل آهي ۽ ڪنهن وقت به کيس نقصان پهچائي سگهي ٿو، جنهن جو اظهار اسانز پنهنجي خط ۾ به ڪيو آهي. اسانز وڏي هوشياري ۽ سياڻپ کان ڪم وٺندي جيڪو ڪجهه ڪري ٿو ته جيئن امريڪا جي وار کان بچي سگهجي، هو وقت ۽ حالتن جو انتظار ڪري رهيو ته ماحول بهتر ٿئي ته پوءِ ٻاهر نڪرجي، تيستائين هڪ ڪنڊ ۾ ويهي وقت جو انتظار ڪرڻ دانشمندي آهي!

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *