خان محمد پنهورهڪ مڪمل نصاب؛ سهڻي پارس

تاريخ ۾ ڪي ڪي ڪردار اهڙا هوندا آهن، جيڪي جسماني طور ته اسان کان ڌار ٿي ويندا آهن پر انهن جون يادون ۽ انهن جا ڪيل ڪم اسان کي اڳتي وڌڻ ۽ دنيا بدلائڻ جي سوچ پختي ڪرڻ لاءِ همٿائيندا رهندا آهن، اهڙو ئي هڪ ڪردار خان محمد پنهور جو آهي جنهن جي وڇوڙي کي اڄ16 سال پورا ٿيا، طبيعت ۾ انتهائي نرم، ننڍي توڙي وڏي جي عزت ڪرڻ ۽ ٻئي جي ڳالهه کي غور سان ٻڌڻ توڙي سمجهڻ جو سبق ڏيندڙ. هن ڪردار تي لکڻ لاءِ مون وٽ لفظ ناهن ، هو منهنجو والد هجڻ کان وڌيڪ منهنجو اهڙو دوست هو، جيڪو مونکي سدائين پاڻ سان گڏ رکندو هو، پوءِ سندس ڪچهريون ڀلي عام ماڻهن ، دانشورن يا پنهنجي ڪم سان لاڳاپيل شخصيتن سان ئي ڇونه هونديون هيون، بابا مونکي سدائين اهو ئي سمجهائيندو ۽ سيکاريندو هو ته هي دنيا ته عارضي آهي، هتي واهه واهه ڪرڻ وارا وات گهڻا آهن پر انسان پنهنجي عمل ۽ ڪردار سان ڪجهه اهڙو ڪري وڃي، جيڪو سندس وڃڻ کانپوءِ به زنده رهي ۽ هو ائين ئي ڪري ويو جو اڄ سندس ڪردار ۽ ڪيل ڪم سنڌ واسين جي آڏو آهي. پنهنجي مزاج ۾ سيڪيولر سوچ رکندڙ بابا خان محمد کي مون جيترو ويجهي کان ڏٺو ۽ پرکيو ان مان مونکي اهو ئي سبق مليو ته پاڻ لاءِ ته هر ڪو جيئي ٿو پر زندگي جو اصل رومانس ته اهو آهي ته ٻين لاءِ جيئجي، هو اهڙو انسان هو جيڪو هر وقت پنهنجي سوچ ۽ ساڃاهه ذريعي نه رڳو سنڌ پر سڄي ملڪ ۽ سڄي دنيا ۾ اهڙين هاڪاري تبديلين جو خاڪو ٺاهيندو رهندو هو، جيڪو سچي انسانيت لاءِ ڪارائتو هجي.

 

مونکي اهي ڏينهن ياد آهن، جڏهن مان اڃا شعوري طور تي ايتري سگهاري نه ٿي هيس ۽ عمر جي ان حصي ۾ هيس جنهن ۾ رڳو چلولايون ۽ چالاڪيون ڪيون وينديون آهن پر بابا جي صحبت مونکي ٻين کان ٿورو مختلف ڪري ڇڏيو، بابا مونکي ڪڏهن به پنهنجي نياڻي نه چوندو هو، سنڌ يونيورسٽي ۾ بابا کي مليل گهر ۾ جڏهن اديب، ليکڪ، دانشور، صحافي ۽ ٻيا قلمي پورهئي سان لاڳاپيل ٻيا ماڻهو ڪچهري لاءِ ايندا هئا ته بابا مونکي به انهن ڪچهرين ۾ ويهاريندو هو ۽ اهو ئي چوندو هو تون منهنجو پٽ آهين، توکي هن ڪچهرين ۾ ويهارڻ جو مقصد دنيا کي سمجهڻ ۽ پرکڻ جي سوچ ڏيارڻ آهي، سنڌ يونيورسٽي ۾ صحافتي شعبي يعني ماس ڪميونيڪيشن جو بنياد رکڻ لاءِ جڏهن بابا ڪوششون شروع ڪيون هيون ته ان وقت سنڌ ۾ صحافت ايتري گهڻي سگهاري نه هئي پر شايد بابا کي خبر هئي ته سنڌ جي جياپي ۾ اهو شعبو اڳتي هلي تمام سرگرم ۽ متحرڪ ڪردار ادا ڪندو، جنهن ڪري هو پنهنجي هر ڪم جيان ان شعبي جو بنياد رکڻ ۾ به ڪامياب ٿي ويو ۽ اڄ ان شعبي سان هزارين نوجوان نه رڳو لاڳاپيل آهن پر ان مان ڊگريون حاصل ڪري وڏن وڏن ادارن ۾ نالو ڪمائي رهيا آهن، جيڪڏهن مان اهو چوان ته خان محمد پنهور رڳو هڪ نالو يا ڪردار نه پر هڪمڪمل ادارو آهي، جنهن مان وڏو فيض حاصل ڪري سگهجي ٿو ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو، مان بابا جي ان سوچ جو ذڪر ڪرڻ ڪيئن ٿي وساري سگهان جنهن ۾ انسانيت جي ڀلائي ۽ بهتري جو هڪ اهڙو خاڪو هو، جنهن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ هن سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد وڌو، هي اهو دور هو جڏهن سنڌ ۾ اڃا اين جي اوز جو ڪو نالو نشان ئي نظر نه ايندو هو، بابا پنهنجي کيسي مان خرچ ذريعي سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جي شروعات ڪئي ۽ پوءِ ان کي سڄي سنڌ ۾ پکيڙڻ شروع ڪيو، ان وقت نه ڪي عالمي ۽ نه ئي ملڪي ڊونر هئا ، جيڪي ان ڪم لاءِ فنڊنگ ڪن، بابا ڳوٺن سڌارڻ لاءِ اها اين جي او پنهنجي کيسي مان هلائي ، جنهن جو مقصد سنڌ جي پٺتي پيل علائقن ۽ غريب ماڻهن جي زندگي جو معيار بهتر بڻائڻ هو، ڪميٽيڊ طبيعت رکندڙ بابا چوندو هو ته انسان جڏهن پنهنجي ذهن ۾ ڪجهه بهتر ڪرڻ ۽ هاڪاري تبديلي آڻڻ جي سوچ مضبوط ڪري ڇڏي ٿو ته پوءِ ڪابه مجبوري ، مسئلو يا مونجهارو ان جي رستا روڪ نه ٿو ڪري سگهي ۽ ڪاميابي جو دڳ پاڻ ئي ملي وڃي ٿو، سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جو مقصد به اهو ئي هو ته سنڌ جي ٻهراڙين ۾ بنا ڪنهن نسلي ، مذهبي ۽ جنسي فرق جي هر غريب ماڻهو کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو وڃي،. سنڌ ۾ صحافت جي شعبي ۽ سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت جو بنياد رکڻ بابا جي اڪيڊمڪ زندگي جا ٻه پاسا آهن پر ان سان گڏ باباسنڌ لاءِ جيڪو قلمي پورهيو ڪيو، اهو اڄ به اسان لاءِ مشعل راهه بڻيل آهي.

 

هو اڄ اسان سان جيتوڻيڪ جسماني طور گڏ ناهي پر سندس سوچ، نظريو ۽ تبديلي آڻڻ واري سيڪيولر جاکوڙ تي جيڪڏهن ٿورو ويهي سوچجي ۽ عمل ڪجي ته شايد نه رڳو اسان جي هاڻوڪو نسل پر ايندڙ نسل کي به هڪ اهڙو دڳ ملي سگهي ٿو، جيڪو ڪاميابي جي منزل تائين پهچائي، مونکي ياد آهن اهي ڏينهن جڏهن بابا مونکي هڪ تقريب ۾ وٺي ويو ۽ پوءِ اهو چئي اسٽيج منهجي حوالي ڪئي ته ان ئي اسٽيج تان تون خان محمد پنهور جو نالو زنده رکجان، مان ڪوشش ڪيان پئي ته انسانيت جي ڀلائي ۽ بهتري لاءِ بابا جو جيڪو مشن هو ان کي منزل تي نه به پهچايان ته ايترو اڳتي وٺي وڃان جو ان مان اسان جي هر نسل کي ڪاميابي جو دڳ ملي ۽ سماج ۾ اهڙي هاڪاري تبديلي اچي جنهن ۾ هر انسان کي رنگ، نسل، مذهب، جنس ۽ ٻولي جي فرق کانسواءِ هڪ جيتري اهميت ڏني وڃي.ڇو ته بابا جا اهي جملا مون کان نه وسرندا آهن ته مرد ۽ عورت ڪا معنيٰ نٿي رکي بس انسان هجڻ ۽ اهو به بهتر انسان هجڻ تمام اهم آهي ۽ شايد انڪري اڄ مان مرد ۽ عرت کي رڳو انسان سمجهي زندگي جي هر موڙ تي برابري جي بنياد تي وک کڻندي آهيان.ڇو ته دنيا تڏهن ئي ڪامياب ٿي سگهي ٿي جڏهن اسان ۾ برابري کي سمجهڻ جا حواس ڪم ڪندڙ هوندا نه ٻي صورت ۾ ته اسان هڪ هنڌ ڪنهن بت جيان بيٺل رهجي وينداسين ،ڇو نه ظاهري طور تي دنيا اسان کي هلندڙ ڦرندڙ سمجهي. بابا هميشه چوندو هو ته اسان تڏهن ئي ڪو ادارو ٿي سگهون ٿا جڏهن اسان پهرين پنهنجو پاڻ کي سمجهون ۽ مثبت سوچ رکندڙ بڻايو ان کان پوءِ ئي اسان ٻين لاءِ ڪجهه ڪري سگهون ٿا،خان محمد پنهور جيڪو هڪ اهڙو انسان هو جنهن کي 24 ڪلاڪ رڳو اها سوچ هوندي هئي ته بهتري ڪئين آئي سگهجي ٿي هن سماج ۾ ،خاص طور تي نياڻين جي لاءِ بابا تمام گهڻو سوچيندو هو ۽ بابا جي اها سوچ رڳو ذهن جي ڪٻٽ ۾ بند ٿيل نه هئي پر بابا ان تي عمل به ڪندو هو. اڄ اسان کي فخر آهي ته اسان پيءُ جو اولاد آهيون جيڪو هڪ مڪمل ڪتاب هو، جنهن ۾ هر مضمون سان لاڳاپيل ڳالهيون،صلاح،هدايتون، گس، موجود هئا.مان ان ڪتاب جو شايد هڪ ورق به نٿي ٿي سگهان ها پر منهنجي اها ڪوشش ضرور آهي ته گهٽ ۾ گهٽ ان ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ضرور ٿي سگهان.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *