ته پوءِ ڇا ڪريون؟ ؛وسعت الله خان

سورنهن مئي اڻويهه سئو سورنهن آمريڪا جي سڀ کان وڏي ڏاکڻي رياست ٽيڪساس جو ڳوٺ ويڪو، جيڪو پنهنجي مذهبي شهرت سبب اڄ تائين عيسائي بيپٽسٽ فرقي جو ويٽيڪن سڏائيندو آهي. شهر ۾ اُن ڏينهن اها خبر جهنگ جي باهه جيان ڦهلجي وئي ته هڪ ڪاري رنگ جي، نوجوان جيسي واشنگٽن  هڪ گوري رنگ جي  مالڪڻ لوسي فرائر کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو آهي.جيسي واشنگٽن کي شيرف جي سامهون پيش ڪيو ويو ۽ هنگامي جيوري ملزم کي فوري طور اعتراف جرم جي بنياد تي بغير ڪنهن گواهي جي چار منٽ جي ٻڌڻي کانپوءِ  موت جي سزا ٻڌائي. جيسي واشنگٽن کي سرڪاري اهلڪارن ٽائون هال مان گهلي ٻاهر آندو، جتي ڏهه کان پندرهن هزار گورا  هاري، مزدور، دڪاندار، عورتون ۽ ٻار بيهي رڙيون ڪري رهيا هئا انتقام انتقام- ۽ پوءِ گڏيل ٿيل ماڻهن جيسي کي ٽائون هال جي سامهون هڪ وڻ ۾ ٽنگي ڇڏيو ۽ هيٺ کان باهه ڏئي ڇڏي.جيسي واشنگٽن کي لڳ ڀڳ ٻه ڪلاڪ پوليس اهلڪارن ۽ سرڪاري ملازمن جي موجودگي ۾ باهه جي شعلن تي رسو هيٺ مٿي ڪري باهه ۾ ڀُڃيو ويو، ان دوران اُتي موجود ماڻهو کلندا رهيا، دانهون ڪندا رهيا ۽ نچندا رهيا. جڏهن باهه وسامي وئي ته جيسي واشنگٽن جي ڪوئلي ٿيل جسم جا ٽڪرا بطور يادگار وڪرو ڪيا ويا. مقامي فوٽوگرافرن ان واقعي جي هڪ هڪ لمحي جون تصويرون ٺاهيون ۽ پڪچر پوسٽ ڪارڊ ٺاهي، پنهنجا پئسا کرا ڪيا.هڪ ڇوڪري اهڙو ئي پوسٽ ڪارڊ خريد ڪري ان جي پٺيان لکيو: ”پياري امان! هي گذريل شام جي بار بي ڪيو جي تصوير آهي. توهان مون کي هن ۾ کاٻي پاسي بيٺل ڏسي سگهو ٿيون. توهان جو پٽ.“۽ پوءِ ڳوٺ جي مرڪزي گرجا گهر  ۾ شڪراني جي عبادت ٿي.(ارڙهن سئو ٻياسي کان اڻويهه سئو اٺهٺ تائين آمريڪا ۾ سرسري عوامي انصاف جا چار هزار ست سئو ستيتاليهه رجسٽرڊ واقعا ٿيا. هڪ چوٿائي مرندڙ  اُهي گورا هئا، جيڪي ڪارن جا همدرد هئا.)

ارڙهن فيبروري ٻه هزار ٻه ڀارتي رياست گجرات جي شهر احمد آباد جي علائقي چمن پوره جي مسلمان اڪثريتي گلبرگ سوسائٽي جو تلوارن، ڏنڊن، پائپن ۽ گاسليٽ کڻي ڪيترن هندو ٻاون گهيرو ڪري ڇڏيو. هنن اڳوڻي ڪانگريسي ميمبر ٽيهتر سالن جي احسان جعفري کي گهر جا دروزا ٽوڙي ٻاهر ڪڍيو. ان جو هڪ هڪ عضوو ڪٽيو ۽ پوءِ تيل هاري باهه ڏني. ان ئي ڏينهن 6 ڪلاڪن ۾ 35 مسلمان ان ئي علائقي ۾ يا ته روڊ تي ڪڍي ٽڪرا ٽڪرا ڪيا ويا يا زنده ساڙيا ويا. پوليس ڪمشنر جي آفيس جاءِ واردات کان ڏيڍ ڪلوميٽر ۽ ٿاڻو هڪ ڪلوميٽر پري هو ۽ ٿاڻي ۾ هٿيار ۽ آنسو گئس سان ليس هڪ سئو ٽيوهه پوليس اهلڪار پڻ موجود هئا.ڇهه جولاءِ ٻه هزار ٻارنهنڏکڻ پنجاب جي ڳوٺ چني ڳوٺ ۾ هڪ فائز العقل شخص غلام عباس کي توهين قرآن جي الزام ۾ ڪنهن شخص جي شڪايت تي گرفتار ڪري پوليس لاڪپ ۾ بند ڪيو ويو. ان دوران مسجدن مان توهين قرآن جي باري ۾ اعلان ٿيڻ تي هزارين مسلمانن ٿاڻي جو گهيراءُ ڪري ملزم کي لاڪپ مان ڪڍي چوڪ تي وٺي وڃي پيٽرول هاري باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو.. لاش ٻه ڪلاڪ تائين ڪيترن ئي ڏسندڙن جي گهيري ۾ سڙندو رهيو. لاش جو ڪوئي وارث سامهون نه آيو.ٻاويهه اپريل ٻه هزار تيرنهنبرما جي صوبي اراڪان جي ڳوٺ ميڪتلا ۾ هڪ مسلمان جي هٿان هڪ ٻڌ عورت جي قتل جي خبر ڦهلجي وئي ۽ مشتعل ماڻهن ٻڌ ڀڪشوئن جي قيادت ۾ مسلمانن جي ملڪيتن کي باهه ڏئي ساڙڻ شروع ڪري ڇڏيو. هڪ نوجوان مشتعل ماڻهن جي ور چڙهي ويو، ان جا هٿ ۽ پير تلوار سان ڪٽيا ويا ۽ پوءِ باهه ڏني وئي. هو پاڻي پاڻي جون رڙيون ڪندي مري ويو. ايشين هيومن رائيٽس ڪميشن جي بقول پوليس وارا به تماشو ڏسي رهيا هئا.پنج جولاءِ ٻه هزار چوڏهنيروشلم جي ڀرسان ٻيلي واري علائقي مان 17 سالن جي محمد ابو خدير جو سڙيل لاش مليو. فلسطيني اٽارني جنرل محمد العادي جي چوڻ موجب لاش نوي فيصد سڙيل هو. ابو خدير کي زنده ساڙڻ جي شڪ ۾ اسرائيلي عملدارن ٽن يهودي نوجوانن کي حراست ۾ ورتو آهي.ٽي فيبروري ٻه هزار پندرهنداعش 23 سالن جي اردني پائليٽ معاذ الڪساسبه کي قيد ڪري پيٽرول ۽ ڪيميڪل جي ذريعي زنده ساڙڻ جي وڊيو جاري ڪئي آهي. معاذ کي 24 ڊسمبر تي داعش جي ڳڙهه رقه جي ويجهو بمباري جي دوران جهاز ڪرڻ کانپوءِ پڪڙيو ويو هو ۽ اردني حڪومت جي چوڻ مطابق هن کي 3 جنوري تي ساڙيو ويو.انهن مثالن جي روشني ۾ اهو ٻڌايو ته ڪوئي اهڙو عقيدو يا نظريو يا قوم آهي، جيڪو انسان جي انفرادي يا اجتماعي جبلي خباثت کي ختم ڪرڻ ۾ ڪڏهن ٿوري يا گهڻي قدر ڪامياب ٿيو هجي.سوال يه هي ڪي جب زخم هي نهين ڀرتيتو ڦر ڪسي ني يهان ڪون سا ڪمال ڪيا. (جاويد صبا)

(بي بي سي اردو جي ٿورن سان)

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *