تجربيگاهن ۾ ڦاٿل سنڌ جي تعليم: تحرير وقاص کوسو

جيئن سنڌ جي ٻهراڙين ۾ عطائي ڊاڪٽر سمجهه ۾ نه ايندڙ بيماري جي صورت ۾ مختلف دوائون ڏئي مريض تي  تجربا ڪندا آهن،جيئن ڪو ڪيميادان دنيا جا ڳجهه ڄاڻڻ لاءِ تجربيگاهن ۾ ويهي تجربا ڪندو ٺيڪ اهڙي طرح سنڌ جي تعليم کي به تجربيگاهن مان گذاريو پيو وڃي،ڪڏهن ڪهڙي پاليسي،ته ڪڏهن ڪهڙو قانون،ڪڏهن ڪهڙو نظام، ته ڪڏهن بائيوميٽرڪ ،ته ڪڏهن تعليمي ايمرجنسي يا وري اڃا ڪو ٻيو لقاءُ ڪيو پيو وڃي
ڪجهه مهينا اڳ پوري صوبي ۾ تعليمي ايمرجنسي لڳائي وئي ۽ حڪمرانن طرفان چيو ويو هاڻي تعليم سڌري ويندي،پر اڄ به ڪيترائي مهينا گذرڻ باوجود  تعليم  ته نه سڌري البته ٿي سگهي ٿو ته ڪنهن ڪاموري سياستدان يا بيورڪريٽ جي ذاتي زندگي سڌري وئي هجي، ڇوته ايمرجنسي هئڻ باوجود روز ٽي وي چيئنلن ۽ اخبار جي مطالعي بعد ڪيترن ئي اسڪولن جي بند هجڻ،اسڪولن ۾ اوطاقون قائم هجڻ،ڪٿي اسڪولن لاءِ عمارتون نه هجڻ ته وري استادن جي کوٽ ۽ سهولتن جي اڻاٺ جون خبرون پڙهڻ لاءِ ملن ٿيون،شايد اها تعليمي ايمرجنسي ان ايمرجنسي جهڙي آهي جيڪا جيڪا ڪو آمر آئين ٽوڙي مڙهي ٿو ته جنهن تحت سياست تي پابندي هوندي آهي سو شايد نالي ماتر تعليمي ايمرجنسي مڙهڻ پويان به اهو اصطلاح آهي ته تعليم تي پا……….
اڃا اهي تجربا ڪم نه آيا ته هڪ ٻيو تجربو ڪيو ويو آهي جيڪو  بائيومٽيرڪ جي نالي سان ڪيو ويو آهي شروع ۾ بائيوميٽرڪ اچڻ تي خوشي ٿي ته شايد هاڻي استاد اسڪول ويندا سنڌ جي تعليم جي لڏندڙ ٻيڙي ڪناري لڳندي پر افسوس جو ان جو به  ڪو کڙ تيل نه نڪتو پر ابتو ان جا نتيجا به تعليم لاءِ هاڃيڪار نڪتا ڇو ته استاد اڄ به اسڪول وڃڻ لاءِ تيار ناهن، جي ڪجهه وڃن ٿا ته سڄو ڏينهن ڪاميٽي رومن ۾ ڪچهريون ڪري موٽي اچن ٿا بائنوميٽرڪ سان به تعليم جي نظام ۾ ته سڌارو نه آيو پر اهو ضرور ٿيو هوندو ته بائيوميٽرڪ ميشن جي خريداري ۾ ڪامورن جا ڏينهن سڌري ويا هوندا.
اڃا تجربن جو شوق پورو نه ٿيو ته وري اسان جي تعليم کاتي جي ڪامورن تعليمي سڌارن لاءِ ايليمينٽري اسڪول نظام آندو، جنهن تحت تر جي هاءِ اسڪول جي ويجهو موجود سمورا پرائمري،مڊل ۽ ٻيا اسڪول ان وڏي يعني هاءِ اسڪول ۾ ضم ڪيا ويا،ان نظام تحت اسڪولن کي ويجهي هاءِ اسڪول جي ماتحت ڪيو ويو،جنهن تحت اسڪول جا فنڊ ۽ ٻيا سمورا معاملا هاءِ اسڪول سان جوڙيا ويا،اهو نظام به شايد زمين تي  ته پوري طرح لاڳو نه ٿيو پر ڪاغذن ۾ شايد ان سان به تعليمي نظام  ۾ سڌارا آيا هوندا پر گرائونڊ تي ڏٺو وڃي ته ان سان رڳو مسئلا ۽ پيچيدگيون پيدا ٿيون آهن جن وڌيڪ نظام کي ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي.
مطلب ته سنڌ جي تعليم کي سڌارڻ لاءِ موجوده حڪومت عطائي ڊاڪٽرن وانگر مختلف تجربا ڪري  رهي آهي جنهن جا سٺا نتيجا نڪرندي ته ڏاسڻ ۾ نٿا اچن پر ابتو انهن تجربن جي ڪري تعليمي نظام ۾  وڌيڪ منجهارا جنم وٺي رهيا آهن.
اهڙن تجرن جو اندازو مون کي ان وقت ٿيو جڏهن آئون پنهنجي پرائمري اسڪول جي يادن کي تازو ڪرڻ ڳوٺ انڙپور جي گورنمينٽ بوائز  پرائمري اسڪول ويس،جتي هن وقت به لڳ ڀڳ 800 جي ويجهو شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن،اتي اسڪول تنگ ۽ ننڍن  ڪلاس رومن ۾ سون جي انگن شاگرد واڙيا پيا هئا،اتي شاگرن لاءِ رڳو 5 استاد مقرر ٿيل آهن،جڏهن امتحان سر تي هجڻ باوجود ڪجهه ڏينهن اڳ اسڪول مان  استادن کي بدلي ڪيو ويو ته انهن استادن جو بائيوميٽرڪ ڪنهن ٻئي اسڪول مان ٿيل هيو ،انهن کي حڪم ڪيو ويو ته توهان جي بائيوميٽرڪ ڦلاڻي اسڪول ۾ ٿيل آهي اتي وڃي ڊيوٽيون ڪريو،جڏهن ته اخلاقي طور تي امتحان مٿي ته هجڻ ڪري استادن کي بدلي ئي نه ڪيو وڃي ها پر جيڪڏهن  بدلي به ڪيو ويو آهي ته آئين ۽ قانون موجب انهن جي جاءِ تي ٻيا استاد اسڪول ۾ موڪلي اتي استادن جي کوٽ ختم ڪئي وڃي ها،جڏهن استادن جي بدلي کان پوءِ اسڪول جي هيڊ ماستر عبدالعزيز کوسو ڊي اي او پرائمري سان رابطو ڪيو ته ان کيس ٻڌايو ته گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول کي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول سان ضم ڪري ان اسڪول کي ايليمينٽري اسڪول ڪيو ويو آهي، اوهان  ايليمينٽري  جي ڊي اي او سان رابطي لاءِ ڪيو،ان سان رابظي ڪرڻ تي وري هيڊ ماستر کي پرائمري سان رابطي لاءِ چيو ويو،وڌيڪ وٺ پڪڙ کانپوءِ کيس اهو جواب ڏنو ويو ته اوهان جنهن ايليمينٽري اسڪول سان ضم ٿيل آهيو اتي استاد پورا آهن،ان سلسلي ۾ اسڪول جي هيڊماستر ٻڌايو ته استادن جي کوٽ بابت مون ڪيترائي ڀيرا بالا آفيسرن سان ڳالهايو آهي پر ڊي اي او پرائمري ڊي اي او ايليمينٽري ڏانهن ۽ ڊي اي او ايليمينٽري وري ڊي اي او پرائمري ڏانهن موڪلي ٿو  هن ٻڌايو ته ان ڪاغذ ۾ قرار ڏنل ايليمينٽري نظام جي ڪري تعليمي ماحول تي هاڃيڪار اثر پيا آهن.ان انتظامي پاليسي جي تڪرار سبب گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ برقرار آهي جتي 8 سو جي لڳ ڀڳ شاگرد انرول آهن جن لاءِ رڳو 5 استاد مقرر آهن،امتحان ويجها هجڻ ڪري هڪ استاد هڪ ڪلاس روم(ڪمري) ۾ ٻن ڪلاس (درجن) جي شاگردن کي پڙهائي ٿو، جڏهن هڪ ڪلاس ۾ ٻن درجن (ڪلاسن )جا شاگرد تعليم پڙهائيندا ته اهڙي ڳوڙ واري ماحول ۾  انهن کي ڇا استاد پڙهائيندو؟ ۽ شاگرد ڇا پڙهندا؟ ان جو اندازو ته پڙهندڙ پاڻ لڳائي سگهن ٿا،خدارا هن ڳوٺ جي شاگردن تي رحم ڪريو هتي استادن جي کوٽ سوڌو جن بہ سهولتن جي اڻاٺ آهي انهن جي پورائي لاءِ قدم کڻو.
آخر ۾ رڳو اهو چوندس ته منهنجي ڳوٺ جي اسڪول وانگر ٻيا جيڪي اسڪول بہ انهن تجربيگاهن مان گذريا پيا وڃن،ان سان اهو سلوڪ بند ڪري اسڪولن ۾ استادن جي کوٽ،سهولتن ۽ جتي عمارتن جي کوٽ آهي اهي هڪ دم ختم ڪري انهن کي سڀ سهولتون  هڪدم ڏئي تعليمي نظام سڌاريو وڃي جيڪڏهن اهو تجربن وارو نظام جاري رهيو ته اسان اهو سمجهڻ تي حق بہ به جانب هونداسين ته  موجوده پ پ جي حڪومت ان ڏاهي جي قول تي عمل پيرا آهي ته جنهن قوم کي ختم ڪرڻو آهي ان کان تعليم جو زيور کسي وٺو اها قوم پاڻ ئي بغير رت وهائڻ،گولي هلائڻ ۽ قتل غارت جي ختم ٿي ويندي. 

Author: Tariq Sandilo