امن جي بحالي ۾ سنڌ ايپڪس ڪميٽي جو ڪردار؛جاويد ابڙو

سنڌ ۾ نيشنل ايڪشن پلان تحت هلندڙ ڪارروائين سان خاص طور تي ڪراچي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ گھٽتائي ٿي آهي، انهيءَ حقيقت کان به انڪار ناهي ته سنڌ ۾ رينجرز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادان جي گڏيل ڪوششن ۽ سندن جوانن جي جاني قربانين سان امن امان جي صورتحال ڪافي بهتر ٿي رهي آهي، پر اڃا به ان مقصد لاءِ گهڻا قدم کڻڻا پوندا ۽ اهڙي حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، جنهن سان امن جي صورتحال اڳتي هلي مسقبل طور تي برقرار رهي سگهي، ڇو ته امن قائم ڪرڻ کانپوءِ ان کي برقرار  رکڻ به وڏو مسئلو آهي، هن وقت اهي عنصر به سرگرم آهن، جيڪي ملڪ ۾ نه رڳو امن پر معاشي ۽ اقتصادي استحڪام کي به ڪمزور ڪرڻ جي سازشن ۾ رُڌل آهن، ڪيترائي ڀيرا ارباب اختيارين به انهن ڳالهين کي عوام آڏو رکيو آهي، پر انهن ملڪ دشمن عنصرن ۽ سندن سوچ کي ان وقت شڪست ملندي،جڏهن ملڪ جون سموريون سياسي ڌريون ۽ سيڪيورٽي ادارا هڪ پيج تي هوندا، تاريخ گواهه آهي ته جيڪو به ملڪ ڌڙابندي جو شڪار ٿيو، ان پاڻ کي به وڃايو ۽ اتي جي عوام جي ايندڙ نسلن جي وجود کي به ورهائي ڇڏيو، ڪافي ڀيرا اهڙي صورتحال اسان جي ملڪ ۾ به نظر ايندي رهي آهي، پر سلام آهي، انهن جوڌن کي، جن ملڪي بقا ۽ سلامتي لاءِ پنهنجون جانيون به قربان ڪري ڇڏيون، ملڪ جا سرحدي علائقا هجن يا اندروني سرزمين، ڪي پي ڪي هجي يا سنڌ، سڄي ملڪ ۾ سيڪيورٽي ادارن جي ڪارڪردگي قابل تعريف آهي، امن امان جي حوالي سان ملڪ ۾ هر صوبي اندر ايپڪس ڪميٽيون قائم ڪيل آهن، پر اسان اڄ سنڌ ايپڪس ڪميٽي تي ڳالهائينداسين، جنهن ۾ تازو اهم فيصلا ڪيا ويا آهن، جيڪي سيڪيورٽي صورتحال کي اڃا به بهتر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.

سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ان سان گڏوگڏ اهم ڳالهه اها آهي ته ڪور ڪمانڊر ڪراچي ۽ ڊي جي رينجرز پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري کي سنڌ حڪومت جا خدشا ختم ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي آهي ته رينجرز سنڌ حڪومت خلاف ناهي ۽ نه وري پيپلزپارٽي جي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڪي ڪارروايون عمل ۾ اچي رهيون آهن، انهن ڪارروائين جو مقصد صرف ۽ صرف دهشتگردي، قبضا مافيا ۽ ڀتاخوري سميت ٻين سماجي برائين جو خاتمو ڪرڻ آهي، هڪ ڏينهن اڳ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ جي ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو  آهي ته رينجرز پنهنجي اختيارن ۾ رهي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪندي رهندي، دهشتگردن جو واسطو ڪهڙي به گروپ يا جماعت سان هجي، انهن کي بنا ڪنهن فرق جي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو، ان موقعي تي دهشتگردي ۾ ملوث ماڻهن جي مدد ڪندڙن خلاف به ڪارروائيون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن وچ ۾ انٽيليجنس شيئرنگ وڌائڻ ۽ ڪراچي آپريشن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ جو پڻ فيصلو ڪيو ويو.

ڪراچي کي دهشتگردن کان پاڪ ڪرڻ سان ئي شهري امن ۽ سڪون سان زندگي گذاري سگهن ٿا، موجوده ملڪي سياسي توڙي عسڪري قيادت جون خاص طور تي دهشتگردن خلاف ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن، جنهن جو ڪريڊٽ يقينن مرڪزي حڪومت ۽ پيپلزپارٽي جي صوبائي حڪومت کي ملي ٿو، جيڪڏهن انهيءَ جوش ۽ جذبي سان ئي دهشتگردن خلاف ڪارروايون جاري رهيون ته هڪ ڏينهن اهو ضرور ايندو، جڏهن شهري پنهنجي جانين کي مڪمل طور تي محفوظ سمجهندا، پر خدا نه ڪري، دهشتگردن خلاف ڪارروائين ۾ رڪاوٽن کي ترجيح ڏني وئي ته اڳتي هلي امن امان جي قيام لاءِ کڄندڙ قدمن ۽ ڪوشش تي پاڻي ڦيرجي ويندو ۽ دهشتگرد سندن خلاف رڪاوٽ جي صورت ۾ ملندڙ ڍرائي مان فائدو وٺندي پاڻ کي مضبوط ڪرڻ ۾ دير نه لڳائيندا.

ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کان اڳ پ پ ڪو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، گورنر عشرت العباد، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪور ڪمانڊر ڪراچي ميجر جنرل نويد مختار سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ فوجي عملدارن سنڌ سرڪار جا ڪراچي آپريشن ۽ رينجرز کي مليل اختيارن جي حوالي سان خدشا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري ڪور ڪمانڊر ڪراچي کان پوءِ ڊي جي رينجرز سان به ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ڊي جي رينجرز بلال اڪبر واضح ڪيو ته رينجرز سنڌ حڪومت مخالف ناهي، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪارروائيون ڪرپشن روڪڻ لاءِ آهن، ڇو ته ڪجھه ماڻهن ڪرپشن ذريعي پيسو ڪمايو آهي، ڪرپشن مان ڪمايل ناڻي جو غلط استعمال روڪڻ لاءِ اهڙي قسم جو ڪارروايون عمل ۾ آنديون وڃن پيون، جنهن تي بلاول ڀٽو فوجي عملدارن کي ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو، جيڪو سندس مثبت ۽ واکاڻ جوڳو فيصلو آهي. ڇو ته سڀني ڌرين کي اها ڳالهه غور ۽ فڪر سان سمجهڻ گهرجي ته ادارن ۾ ڪرپشن ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي هڪ پيج تي اچڻو پوندو، دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ تمام ضروري آهي. ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ سنڌ ۾ مدرسن جي اسڪروٽني رپورٽ پڻ پيش ڪئي وئي. جنهن مطابق سنڌ جا 40 مدرسا دهشتگردن سان رابطن ۾ آهن، رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته ڪراچي ۾ 24 مدرسا ۽ سنڌ جي ٻين شهرن ۾ 20 کان وڌيڪ مدرسا دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ جو شڪ آهي. جيتوڻيڪ هن وقت تائين 160 کان وڌيڪ غير رجسٽر مدرسن کي سيل ڪيو ويو آهي،  جن ۾ 139 حيدرآباد ۽ 28 نوابشاهه ۾ واقع آهن. جڏهن ته سنڌ ۾ مدرسن  جو مجموعي انگ ساڍا 9 هزار کان وڌيڪ آهي. صوبي ۾ 6503 مدرسا رجسٽرڊ آهن ۽ 3087 مدرسن جي رجسٽريشن ٿيڻي آهي. اجلاس ۾ اهو پڻ انڪشاف ڪيو ويو ته ڪجهه مدرسن ۾ پڙهندڙ معصوم شاگردن جو برين واش به ڪيو ويندو آهي ۽ کين جنت جا سبز باغ ڏيکاري کين آپگهاتي حملن لاءِ تيار ڪيو وڃي ٿو، هتي اهم ڳالهه اها آهي ته مدرسن جي حوالي سان ايپڪس ڪميٽي ۾ جيڪا رپورٽ پيش ڪئي وئي آهي ان تحت معاملي جي سخت نگراني هيٺ جاچ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن واقعي اها رپورٽ سچائي تي ٻڌل آهي ته بجاءِ وقت ذيان ڪرڻ جي، ذميوارن خلاف ڪارروائي عمل ۾ اچڻ گهرجي، جيڪر ايئن ناهي ته پوءِ ديني مدرسن کي بدنام ڪرڻ کانسواءِ ان رپورٽ جي ڪا به اهميت نه رهندي، سنڌ سرڪار کي گهرجي ته مدرسن جي رجسٽريشن، شاگردن جي داخلا جو رڪارڊ ۽ انهن جي بايو ڊيٽا محفوظ ڪرڻ جو رڪارڊ به جوڙيو وڃي، ان سان مدرسن جي نگراني ڪرڻ ۾ حڪومت کي هٿي ملي سگهي ٿي.

دهشتگردن جو ڪنهن به جماعت يا تنظيم سان به تعلق هجي، انهن کي ڊگهو رسو نه ملڻ گهرجي، ڇو ته هو مختلف جماعتن جي جهنڊن جي ڇانو هيٺ پنهنجو نيٽ ورڪ مضبوط بڻائي منظم ٿي سگهن ٿا ۽ دهشتگرد منظم ان وقت ٿيندا آهن، جڏهن کين مالي وسيلا فراهم ڪيا ويندا آهن، ان ڪري دهشتگردن جو مڪمل خاتمو آڻڻو آهي ته پوءِ انهن سهارن ۽ مددگارن جو به پيڇو ڪرڻو پوندو، جيڪي سندن مالي وسيلو بڻيل آهن. ڏٺو وڃي ته ڪراچي نه رڳو پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي، پر ان کي عالمي حيثيت پڻ مليل آهي، ان ڪري شهر کي دهشتگردن، ڀتاخورن، قبضاگيرن ۽ ٻين لٽيرن ۽ ڦورن کان پاڪ ڪرڻو پوندو، پوءِ اهي سرڪاري لٽيرا ۽ ڦورو ڇو نه هجن، هن وقت پاڪستان ۾ اهڙا عنصر به موجود آهن، جن جي دهشتگردن کي نه رڳو مدد حاصل آهي، پر اهي ملڪ کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي سرگرمين ۾ پڻ مصروف عمل آهن، آرمي چيف جنرل راحيل شريف به ڪجهه عرصو اڳ اهو واضح ڪيو هو ته غيرملڪي ايجنسيون ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازشن ۽ حرڪتن کان پاسو ڪن. ملڪ ۾ هن وقت اهڙا سياستدان به موجود آهن، جيڪي ماضيءَ ۾ طالبان کي ڀاءُ ڪوٺيندا رهيا، پر انهن ڀائرن جي سوچ کي شڪست ملي چڪي آهي، ڇو ته طالبان کي ڀاءُ سڏڻ باوجود هو پنهنجي ڪارروائين کان باز نه آيا ۽ نتيجي ۾ پاڪ فوج کي انهن خلاف ضرب عضب جي صورت ۾ آپريشن ڪرڻو پيو، جنهن ۾ تمام گهڻيون ڪاميابيون مليون آهن ۽ انهيءَ آپريشن جي سڄي دنيا ۾ واکاڻ به ڪئي پئي وڃي، ساڳي طرح ڪراچي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن سان امن امان جي صورتحال کي هٿي ملي آهي، ڪراچي ۾ جيڪي علائقا نوگو ايريا بڻيل هئا، اڄ اهي رستا ۽ گس عوام لاءِ کُلي چڪا آهن، تنهن هوندي به اڃا شهرين تي خونريزي جو خوف ڇانيل آهي، جيڪو ان وقت ختم ٿيندو، جڏهن اتي جي اڪثريت ۾ نمائندگي رکندڙ جماعت ايم ڪيو ايم کي آپريشن تي اعتراض وارڻ بجاءِ امن امان جي صورتحال برقرار رکڻ ۾ حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز جو ساٿ ڏيڻو پوندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *