موصل جي آزادي جو سهرو سيستاني جي سر: ماهم سنڌي / ميرپورخاص .

عراق جي اتر طرف واقع  ٻي نمبر وڏي ،  ملڪ جي مشهور ۽ تاريخي شهر موصل ۾ تازو ئي عراقي حڪومت ۽ فوجين پاران جشن ملهايو ويو . اهو جشن ڪنهن مذهبي تهوار جو نه بلڪه اسلامي دولت آف عراق ۽ الشام  (ISIS) يا ، (ISIL)،  داعش کان ڇوٽڪاري تي ملهايو ويو . داعش جي دهشتگرد تنظيم جيڪا دنيا جي خطرناڪ ترين انسانيت ۽ امن جي دشمن آهي ، جنهن ۾ تازو ئي فتوي جاري ڪئي وئي هئي ته اگر توهانجا ٻار زالون ۽ ٻيا گهر ڀاتي به جهاد جي راھ ۾ رڪاوٽ بنجن ته انهن جو سر به قَلم ڪري ڇڏيو . انهي داعش جي قبضي هيٺ آيل عراق جو اهم  موصل جو علائقو جنهن جي آبادي لڳ ڀڳ 2 ملين تائين آهي  . موصل جو علائقو گادي واري هنڌ بغداد کان اتر طرف نينوا واري دريا جي ساڄي ڪپ تي واقع آهي ۽ گهڻي وقت کان اندروني جنگ ۾ ڀوڳيندو رهيو آهي . هونئن ته عراق_آمريڪا جنگ واري صورتحال بعد هي سڄو ملڪ پوري طرح جنگ مان نڪتو ئي ناهي ، پر موصل جو پورو علائقو  داعش جي سربراھ ابوبڪر بغدادي جي ويڙهاڪن وٽ جون 2014ع کان يرغمال هيو ،  جنهن جي مرڻ واريون خبريون تازو ئي ميڊيا تي آيون هيون پر وري وقفي وقفي سان ترديد پڻ ٿيندي رهي آهي .

موصل ۾ جاري ويڙھ دوران اتي موجود قديمي النوري مسجد جنهن ۾ ويهي 2014ع ۾  ابوبڪر بغدادي خلافت جو اعلان ڪيو هيو ، اها قديمي تاريخي مسجد پڻ ويڙهاڪن طرفان ميسمار ڪئي وئي .  ان جا مينار بم ڌماڪي سان تباھ ڪيا ويا،  نه صرف اها مسجد پر اتي موجود ٻيون به ڪيتريون ئي تاريخي عمارتون بم ڌماڪن سان ختم ڪيون ويون . موصل ۾ رهندڙ ماڻهن جي حالت ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هئي . انهي ويڙھ دوران ان علائقي اندر اهڙو ته ڪڙو چاڙهيل هيو ، جو ڪو به اتان جو رهائشي پنهنجي مرضي سان اتان فرار نه پئي ٿي سگهيو . اتي جي رهائشين کي داعش وارن هڪ مظبوط ڍال طور استمعال ڪيو پئي ،  سڀ جا سڀ داعش وارن جي قبضي هيٺ هيا ،    اتان جي مقامي ماڻهن جي زندگي هر وقت آزار ،  عذاب ۽ اعتاب ۾  هئي . نيٺ پوئين سال عراقي حڪومت جي فيصلي سان موصل ۾ فوجون موڪليون ويون ته فوجي آپريشن ذريعي اهو علائقو آزاد ڪرائبو .  “نينوا اسين اچون پيا “ جي نالي سان فوجي آپريشن 16 آڪٽوبر 2016ع تي فوجون موڪلي شروع ڪيو ويو . ان فوجي آپريشن دوران لاتعداد تباهڪارين بعد پوئين مهيني 9 جولائي تي  عراق جي وزيراعظم  حيدر ال آبادي اعلان ڪيو ته موصل وارو سڄو علائقو عراقي فوج جي  هيٺ آهي ۽ داعش جي قبضي کان مڪمل طور آزاد آهي . اها خوشي جي خبر موصل ۾ ٿيل تباهين کي ڏسندي معمولي لڳي پر تنهن هوندي به ان يزيدي داعش وارن جي عذابن کان ڇوٽڪارو موصل واسين لاء خوشي جي نويد هئي . جئين ته اتي پوري طرح زندگي جون رونقون بحال ٿي ناهن سگهيون اڃا به هر هنڌ  تباھ ٿيل عمارتن جا ڍير ۽ بارود جي ڌپ آبهوا ۾ مليل آهي،  پر پوء به عراقي فورسز جو اتي قيام  وڏي ڪاميابي آهي . داعش خلاف جنگ جوٽيندڙ ته بلڪل عراقي فوجي هيا ، پر اها ڳالھ تصديق سان ڪئي پئي وڃي ته انهي ڪاميابي ۾ موصل کان داعش جي ڇوٽڪاري ۾ شيعه فرقي جي وڏي عالم ايران جي آيت الله سيستاني جو وڏو هٿ آهي يا ائين چئون ته عراقي حڪومت موصل ۾ فتح جو سهرو آيت الله سيستاني جي نانُ ڪيو آهي . 9 جولائي تي عراقي وزيراعظم جئين موصل لٿو تئين واڌايون ڏيندي ان فتح جو ڪريڊٽ ايران جي وڏي عالم آيت الله سيستاني جي نالي ڪيائين  . وزيراعظم موجب ته  جون 2014 کان موصل داعش جي قبضي هيٺ هيو ۽ هاڻي وڃي جولائي 2017ع ۾ 3 سالن بعد مڪمل طور آزاد ٿيو آهي . هن شڪريو ادا ڪندي آيت الله سيستاني جي فتوا کي ساراهيو ،  اها فتوي جنهن موصل جي آزادي ۾ اهم ۽ معنائتو ڪردار ادا ڪيو . آيت الله سيستاني جي فتوي موجب ته :  “ دشمن سان وڙهڻ لاء اٿڻ جو سڏ ۽ نه جهڪڻ جو سڏ جنهن تي عراقي عوام لبيڪ چيو ۽ داعش خلاف وڙهڻ لاء اٿي بيٺي  . ان موجب جيڪي شهري دشمن سان وڙهڻ جي صلاحيت رکن ٿا اهي اٿي بيهن ۽ هٿيار کڻي دشمن کي شڪست ڏين . عوام پنهنجي تاريخي ، مذهبي عمارتن ۽ اتان جي يرغمال عوام کي محفوظ بنائڻ لاء عراقي فورسز سان گڏجي وڃن ۽ موصل جي آزادي لاء اڳتي اچن “ .  جون 2014ع  ۾ اها فتوي سيستاني جي موڪليل هڪ ماڻهو طرفان ڪربلا ۾ جمعي جي خطبي جي دوران پڙهي ٻڌائي هئي . وڌيڪ ته ان سڏ کي عوام دل سان قبوليو ۽ هزارين عراقي ماڻهو رضاڪارانه طور تي عراقي آرمي ۾ شامل ٿيندا ويا .ان فتوي بعد ٻن ڏينهن اندر هڪ تنظيم ال هشد ال شعابي نالي جُوڙي وئي ، جيڪا عراقي گهرو وزارت پاران جوڙيل هئي . ان  تنظيم ۾ شيعن جي تعداد اڪثريت ۾ هئڻ سان گڏ سُني ۽ عيسائين جي پڻ ڪافي هئي . آيت الله سيستاني جي فتوي ماڻهن کي بيدار ڪيو ته اهي اُٿي ڪري فوجين سان گڏ داعش خلاف وڙهين جنهن سبب انهن سڀن تي گهڻو اثر ٿيو . آيت الله سيستاني جنهن جا مداح ۽ مڃيندڙ نه صرف ايران ۽ عراق ۾ پر سڄي دنيا ۾ آهن، ان جي واکاڻ عراقي وزيراعظم پڻ ان فتح جي موقعي تي ڪئي . جيڪا فتح پوئين سال  کان داعش جي جهادي دهشتگردن سان وڙهي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي .

جئين ته جٿي جنگ ٿيل هجي اتي جا حالات هڪدم ۾ نارمل ناهن ٿيندا،  اتي ٿيل تباهڪارين ۽ جاني نقصانن جي زخمن کي ڀرجڻ ۾ وقت ته لڳي ٿو پر اها خوش آئند ڳالھ آهي ته موصل جو علائقو هاڻي داعش جي جبر کان آزاد آهي . پر ضرورت آهي ته اتي جي امدادي ڪارواين ۽ ان علائقي جي سڌارڻ سان گڏ عراقي حڪومت کي اڃان به پنهنجو پهرو سخت رکڻو پوندو ، جئين داعشي درندا وري موصل واسين تائين رسائي حاصل نه ڪري سگهن . حڪومت موجب انهن تباھڪارين جي مرمت ڪندي 5 سال جو عرصو لڳندو پر تنهن هوندي به آزادي املھ آهي ان جي قيمت سڀن کان کان وڌيڪ آهي جيڪا موصل واسين کي وڏين قربانين ۽ سر تي عذابن سهڻ بعد ملي آهي .

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *