سادگيء ۾ ئي سچي سونهن آهي: شفيق شاڪر

موجوده دور جنهن ۾ هڪ طرف مهانگائيء عوام لاء مصيبت پيدا ڪئي آهي اتي ٻئي طرف ڪافي اهڙيون مصيبتون به آهن جيڪي اسان پنهن جي ڳچيء ۾ پاڻ وڌيون آهن جن مان هڪ وڏي مصيبت فضول خرچي آهي جنهن کي اسراف چيو ويو آهي ۽ اهڙن فضول خرچ ڪندڙ کي قرآن ڪريم ۾ شيطان جا ڀائر پڻ سڏيو ويو آهي.جهڙيء طرح بخيلي ۽ ڪنجوسائپ جي مذمت ڪئي ويئي آهي ساڳئي نموني ان جي ابتڙ فضول خرچيء کان به منع ڪندي اعتدال يعني وچٿرائيء واري واٽ اختيار ڪرڻ جو تاڪيد ٿيل آهي.اڄ جي معاشري  ۾ظاهري ڏيکاء ويک،ڪوڙو ڍونگ ۽ نمود نمائش اهڙيون ته پاڙون پختيون ڪيون آهن جو انهيء مرض ۾ نه رڳو امير مبتلا آهن پر غريب به انهيء کان نه بچي سگھيا آهن.جڏهن انهن اجاين خرچن جو ڪو جواز پڇيو ويندو ته جواب اهو ايندو ته “ماڻهو ڇا چوندا، آخر دنيا سان گڏ هلڻو آهي.” دنيا سان گڏ هلڻو آهي پر ڪهڙي قيمت تي! پنهن جو گھر ٻاري ڏياري ڪجي يا پرائو محل ڏسي پنهن جو ڀونگو به ڊاهي ڇڏجي.اها ڪهڙي عقلمندي آهي؟هونئن ته اسان جي زندگين ۾ فضول خرچين جي ڪا حد ۽ حساب ئي ناهي پر خاص طور تي شاديء جي موقعي تي اسان اهو ئي سمجھندا آهيون ته شادي آهي ئي ان ڪري ته ان ۾ اجايو پئسو ضايع ڪيو وڃي ۽ دنيا توڙي اوڙي پاڙي وارن کي ڏيکارجي ته شادي هيئن ٿيندي آهي!جواز اهو ٻڌايو ويندو ته خوشين جا موقعا بار بار نٿا اچن.

برابر صحيح آهي ته خوشين جا موقعا ڪڏهن ڪڏهن اچن ٿا،انهن کي ڀرپور نموني سان ملهائڻ ۽ انجواء ڪرڻ تي به ڪنهن کي ڪو اعتراض نه هئڻ گھرجي پر سدائين پنهن جي سوڙ آهر پير ڊگھيرڻ واري اصول تي عمل ڪرڻ سان ئي پائيدار خوشي حاصل ٿئي ٿي.اها ڪهڙي ڏاهپ آهي جو ڳرا قرض کڻي وقتي طور تي شور شرابو ٿيو، وڏو ڪاڄ ٿيو،وڏا هال ڪرايي تي ورتا ويا، شاندار وليمو به ٿي ويو، اڌ کان وڌيڪ کاڌو ڪن بکين جي پيٽ ۾ وڃڻ بدران زيان ٿي ويو.هاڻي شادي يا ڪاڄ کان پوء جڏهن قرضي اچي دروازو کڙڪائيندا ته خوشين جا سمورا احساس هميشه جي ڳڻتين ۾ بدلجي وڃن ٿا.زندگي بي بقا شيء آهي. خدانخواسته جيڪڏهن ان پريشانيء جي حالت ۾ ڪنهن کي موت اچي وڃي ته پويون اولاد ته قرضن هيٺ غرق ٿي ويو.جنهن وٽ وسيلا آهن اهي ڀلي پنهن جي حيثيت آهر خوشين تي خرچ ڪن پر قرض کڻي صرف ان ڪري فضول خرچيون ڪرڻ ته ماڻهو ڇا چوندا،اها ڪا سياڻپ نه آهي. ماڻهن جي زبانن کي ڪڏهن به بند نٿو ڪري سگھجي.

توهان ڀلي لک لٽائي ڇڏيو پر عيب ڳولهيندڙ اک کي ڪٿي نه ڪٿي ڪو عيب نظر اچي ويندو ۽ جن ڳالهين کان بچڻ لاء ايڏي وڏي فضول خرچي ڪئي ويئي اهي ڳالهيون ڦري سري اچي ڳچي ۾ پون ٿيون ته پوء ڇا اهو بهتر ناهي ته اسين ماڻهن جي نظرن ۽ زبانن کان مرعوب ٿيڻ بدران پنهن جي حيثيت مطابق ڪو فيصلو ڪيون؟ اڄ ڪلھ اهو به عام فيشن ٿي ويو آهي ته ڳوٺن جا ماڻهو به نمائش جي ان اجائي ڊوڙ ۾ وڏن شهرن ۾ وڃي وڏن هالن ۾ وليمي جون دعوتون ڪن ٿا،توڙي جو گھوٽ ۽ ڪنوار ٻئي ڳوٺ جا هوندا آهن. اهو لاڙو گھڻ طرفو خطرناڪ آهي. هڪ ته جيڪا دعوت پنهن جي اباڻي ڳوٺ ۾ ٿئي ٿي ان جو مزو ئي ڪجھ ٻيو آهي، ماڻهو پنهن جي ڳوٺاڻي تهذيب ۽ ثقافت سان ڳنڍيل رهي ٿو.شهرن ۾ ٻاهران آيل تهذيبن جا ڪجھ اهڙا رنگ به شامل ٿي ويا آهن جيڪي اسان جي پنهن جي ثقافت سان ميل نٿا کائين.هتي اهڙين ڪيترين ئي شين جا واضح مثال ڏيئي سگھجن ٿا پر هن مضمون جو موضوع اهو نه آهي،ڪوشش ڪجي ته پنهن جي ڌرتيء جي ثقافت جي اصل رنگن سان پنهن جو ناتو ڪمزور نه ڪجي. ٻي خرابي جيڪا شهرن ۾ دعوت رکڻ ۾ آهي سا اها ته ڳوٺ جا غريب ماڻهو انهن دعوتن ۾ يا ته پهچي نٿا سگھن يا وري وڏي مشڪل سان پئسن جو بندو بست ڪري اتي پهچن ٿا.

پنهن جي خوشيء جي لاء ٻين کي پريشانين ۾ وجھڻ به ته مناسب رويو نه آهي.ٽين خرابي اها آهي جو ڳوٺ جي مقابلي ۾ شهري هالن ۾ ڪاڄن تي ٻيڻ ٽيڻ تي وڌيڪ خرچ ٿئي ٿو.اسان جي سماج جو اهو به هڪ الميو آهي ته غريبن جون ڪيتريون ئي نياڻييون صرف پئسو نه هئڻ سبب پنهن جا هٿ پيلا ڪرڻ کان رهجي وڃن ٿيون.ٻئي طرف جيڪو انهن وڏين شادين ۾ اجايو خرچ ٿئي ٿو انهيء جي هڪڙي حصي مان به ڪيترين ئي نياڻين جو ڏيج ٺهي سگھي ٿو پر جيئن ته اهو فرض اسان صرف سماجي تنظيمن تي وجھي ڇڏيو آهي سو اسان جو بحيثيت سماج ان طرف ڌيان بلڪل ئي نٿو وڃي.وليمو يا طعام ته پنهن جي جڳھ تي پر مون وليمي کان هڪ رات پهرين اهڙين پارٽين جو به مشاهدو ڪيو آهي جن ۾ استعمال ٿيندڙ شراب تي به لکين روپيا خرچ ڪيا وڃن ٿا.بارود،گولن ۽ بتين تي جيڪو خرچ ٿئي ٿو اهو به لکن ۾ آهي.انهيء مان اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته رنگ برنگي قسمين قسمين کاڌن تي ڇا خرچ ٿيندو هوندو. اهي شيون سماج ۾  احساس محرومي، غرور، هٺ، وڏائي ۽ ڏيکاء جي روين کي جنم ڏين ٿيون.۽ جيڪڏهن ڪو غريب ماڻهو به انهن شوقن جو شڪار ٿي وڃي ته قرضن کان سندس زندگي زهر ٿي وڃي ٿي. ان جي بجاء سادگي جي پنهن جي سونهن آهي، سادگيء جي  ذريعي ماڻهو گھڻين پريشانين کان بچي وڃي ٿو. رهيو سوال ماڻهن جي ڳالهين جو ته  حاسد نه ڪنهن جي سکن تي چپ رهن ٿا ۽ نه ئي ڪنهن جي سورن تي خاموش ٿين ٿا.کيسا خالي هوندا ته تماشو اڏائيندا ته سڃي وٽ ڪجھ ناهي پر جيڪر ڪنهن وٽ پنهن جي مڇي ماني هوندي ته چوندا ته پئسي دماغ خراب ڪري ڇڏيو اٿس.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *