داعش جو اصل چهرو ۽ ٽوني بليئر جو بيان..: غلام مصطفيٰ جمالي

ويهه صدي جي ختم ٿيڻ وقت آمرڪي اخبار نويس.جنهن اسلامي دنيا کي هڪ دفعو ٻيهر مغرب جي صليب تي ٽنگهڻ ۽ غلام بڻائڻ لاءِ مغربي سامراجن کي پيش ڪش ڪئي. ۽ ان يهودي جو نالو“تامهس فريند مين ”هو سندس هڪ ڪالم جيڪو تمام گهڻو مشهور ٿيو جنهن جو عنوان هو.“عالم اسلام ۾ هر حال ۾ جنگ رهي”..ان جو اهو مقصد هو.!! اسلامي ملڪن اندر امن جو نالو نشان ئي نه هجي.همِيشه اسلام ملڪن اندرخانه جنگي رهي.اسلامي ملڪ پاڻ ۾ وڙهڻ جنهن جو اسان فائدو وٺون.انهي ڪري مغربي سامراج اهڙي سوچ سوچي ته آخر اهڙو ڪهڙو طريقو ڪجي جنهن سان اسلامي ملڪن ڏڦير پيدا ٿي.اوهان ڏٺو هوندو ته اها مغربي سامراجن جي روايت رهي آهي ته انهن هميشه جنهن به ملڪن تي حڪمراني ڪئي آهي انهي ملڪ اندر انهن سڀ کان پهرين انهي ملڪ جي تعليم کي ڌڪ رسايو آهي.جيئن هڪ اهڙي مغربي سامراجي جو چوڻ آهي ته جڏهن به اوهانکي ڪنهن ملڪ تي حڪومت ڪرڻي آهي ته ان ملڪ مان صرف ٻه شيون کسيون انهن ٻن شين مان هڪ شيءُ اها ته ان ملڪ جي تعليم ختم ڪيو ٻيو انهي ملڪ اندر فرقيواريت کي جنم ڏيو.پوءِ اهو ملڪ اهڙو ڪمزور ٿي ويندو.جنهن کي پاڻ سنڀالڻ ڏکيو ٿي پوندو ۽ اهو انهي الڙکائيندر ملڪ تي اوهان آساني سان پنهنجو مغربي سامراج آڻي سگهون ٿا.انهي ڪري انهن مغربي سامراجن اهو ئي طريقو استعمال ڪيو.پهرين اسلامي ملڪن مان سندس ٻولي ۽ تهذيب کي ختم ڪيو ۽ انهي ٻولي ۽ تهذيب جي بدلي پنهنجو ٻولي ۽ تهذيب جي تبليغ ڪئي.۽ پوءِ مغربي سامراج اهي ڪندا ويا.۽ انهي پنهنجي مقصد اندر ڪامياب ٿيندا ويا.جڏهن انهن پوري اسلامي ملڪن اندر پنهنجي تهذيب کي عام ڪيو ته انهي تهذيب اسلامي ملڪن اندر اهڙو اثر ڏيکاريو جن آهستي آهستي اسلام ملڪن اندر فرقيواريت کي جنم ڏنو.۽ پوءِ انهي مغربي سامراج انهي فرقيواريت کي انتهاپسدي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو.۽ مسلمانن اهڙو گروهه پيدا ڪيا جيڪي خد پنهنجي مسلمانن جا دشمن بنجي ويا.جڏهن ته انهي مغربي سامراج انهي فرقيواريت کي وڌيندي ڏٺو۽ مسلمانن کي مسلمان سان بي انتها نفرت ڪندي ڏٺو ته انهي انهي مسلمانن مان تنظيمون ٺاهڻ شروع ڪيو جن جي وڏي تعداد اندر اسحلو ڏنو ويو ۽ انهن کي وڏي رقم ڏئي ڪري کين لالاچي بڻايو ويو.۽ انهن مغريي سامراجن جو اهو تجربو ڪيترو ڪامياب ويو اهو اسان جي سامهون آهي.جنهن جا اهڙا ته نتيجا نڪتا آهن جو اسلامي ملڪ واقعي هڪ وڏيون اذيتون ڀوڳي رهيا آهن.انهي مغربي سامراجن جي پيدا ڪيل ٻج کي هن وقت اسلامي ملڪن جا دشمن ڪيترائي ملڪ پاڻي ڏئي رهيا آهن.يعني انهن تنظيمن تي ڪڙورين رپيا پاڻي وانگر خرچ ڪري رهيا آهن .جن ملڪن ۾ انڊيا ۽ اسرائيل پهرين نمبر تي آهن.پر انهي ڪري وڏي افسوس جهڙي ڳالهه ته اها آهي جو خد مسلمان پنهنجي مسلمان ڀائرن جي ڪهڻ لاءِ ڪات ڪهاڙا تيز ڪري رهيا آهن.مشرقي سطح کي ايشا ۾ سڀ کان وڌيڪ القائداه جهادي گروپ سڀ کان اڳيان هو.جنهن جي سموري واڳ آمريڪا جي هٿ ۾ هئي.جڏهن ته سندس سرمايه ڪاري خد آمريڪي سامراجن جي هٿ ۾ هئي.جڏهن ته اساما بن لادن جو موت کان پوءِ القاده جو زوال بڻيو.

ان کان پوءِ وري ته مشرقي سطح تي ايشا جو امن خراب ڪرڻ لاءِ آمريڪي سامراجن داعش نالي جهادي تنظيم کي جنم ڏنو.۽ هي اهو هڪ ننڍڙو گروپ هو جيڪو همِيشه القائده جي پيسي جي هلندو هو.پر هاڻ اها داعش جنهن جو اصل چهرو سامهون اچي رهيو آهي. مغربي صليبي سامراج ۽ اسلام جي دشمن سابق وزيراعظم ٽوني بلئير خد اهو اعلان ڪيو هو ته اها اسان مسلمانن جي سبق سيکارڻ لاءِ ٺاهي آهي.جڏهن ته پنهنجي دور اندر ٽوني بلئير ۽ جارج بش اسلام ۽ اسلامي ملڪن جا وڏي ۾ وڏا دشمن هئا. ۽ انهن ٻنهي بزرگ دهشتگردن آخري اليڪشن انهي ئي حيثيت تي کٽي هئي ته صليبي سامراج. مسلمانن کي نشانو بڻائي. اهو حال ۽ موقف ٽوني بلئير جو هو جنهن ڪري بش کيس مشرقي سطح تي مغربي ملڪن جي صليبي سامراج جو نمائيندو ۽سفير مقرر ڪيو.۽ انهي وقت ٽوني بلئير داعش کي وجود ۾ آندو.انهي ڪري هن ڪالهه واري پنهنجي بيان اندر ڳالهه فخر سان ڪئي ته داعش سندس پيدا ڪيل تنظيم آهي.ان ڪري ٽوني بلئير جو اهڙو بيان وڏو شرمناڪ آهي.

عراق اندر ڏهه لک ماڻهن کي شهيد ڪرائي ۽ عراق کي برباد ڪري کنڊر بڻائي ڇڏيو.انهي ڪري ۾ لکين ماڻهن جي خون جا زميوار اهي ٻئي دهشتگرد ٽوني بلئير ۽ بش آهن.انهي ڪري انهي ٻنهي مٿان هڪ جنگي مقدمو هلايو وڃي.داعش پاران اسلامي ملڪن اندر جيڪي به ڪاروايون ٿيون آهن.انهن جو زميوار کي قرار ڏنو وڃي.ڇو ته داعش اها واحد تنظيم آهي جنهن مسلمانن جو سڀ کان وڌيڪ قتل عام ڪيو آهي.مسلمانن کي زندهه باهه ۾ ساڙڻ کين سرن ۾ ڳوليون کين زندهه ذبح ۽ انهن جون وڊيون ڀري دنيا ئي ميڊيا کي پيش ڪري مسلمانن جي حراسان ڪرڻ اهو سڀ ڪجهه انهن ٻنهي دهشتگرد ٽوني بليئر ۽ چارج بش جي کاتي ۾ لکيا وڃن.ڇو ته داعش جنهن جو وجود انهي صليبي سامراجن جو پيل آهي اها ملڪمل طور ختم ناهي ٿي.اها اڃان به مسلمانن جي ملڪن اندر پنهنجي دهشتگردي جا ڄار وڇائي رهي آهي.۽ انهن مسلمانن ملڪن اندر تمام گهڻي خون ريزي ڪئي آهي ۽ بي گناهن مسلمانن جو رت وهايو آهي.داعش هن وقت پوري اسلامي ملڪن اندر پنهنجو ڄار وڇائي چڪي آهي.۽ مسلمانن ملڪ خلاف پنهنجي دهشتگردي جي حملن جا منصوبا جوڙي رهي آهي.انهي ڪري داعش جيڪا بي گهوڙي جيان بي قابو ٿي وئي آهي انهي کي قابو ڪرڻ لاءِ انهن ٻنهي دهشتگردن کي قابو ڪري کين سزا ڏني وڃي ۽ اسلامي ملڪن کي گهرجي ته پاڻ ۾ هڪ ٿي انهي ڳالهه ۽ غور فڪر ڪن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *