خان صاحب جي خدمت ۾.!!!: غلام مصطفيٰ جمالي

پي ٽي آءِ سرابراه عمران خان صاحب هن وقت لاهور ۾ آهي ۽ تمام گهڻو مصروف آهي ۽ اها به حيقيقت آهي ته سندس اهڙو مصروف هجڻ جي هڪ وجهه به آهي. هو اپوزيشن ليڊر آهن ۽ تازو پاڪستاني وزيراعظم ميان نواز شريف جي خلاف هڪ نئون اسڪينڊ  وٽس وجود آهي.۽ عمران خان اهو اعلان به ڪري چڪو آهي ته هو رائوينڊ اندر ميان صاحب جي گهر ٻاهران ڌرڻو به هڻندو.۽ سندس ئي بيان سان ملندڙ بيان ڏيندڙ ن ليگ جي پارٽي جي رهنما صوبائي وزيرقانون رانا ثناالله به جواب ۾ چئلنج ڏيندي بيان ڏنو آهي ته هوءُ به رائوينڊ ويندو.جڏهن ته هن اهو به بيان ڏنو آهي ته پنجاب جي عوام اسان سان گڏ آهي ۽ اها عوام انهن سان اهڙو حشر ڪندي جو هو هيمشه ياد ڪندا.برحال اهو سياستي جو وهندڙ پاڻي آهي جيڪو کي ڪير ڪيترو به گندو ڇو نه ڪري پر رهڻو سڀني کي انهي پاڻي ۾ آهي.انهي اندر ساهه کڻڻو آهي ۽ انهي اندر زندگي گذارڻي آهي.اتي خان جي خدمت ۾ بي بي سي جي هڪ خبر پيش ڪرڻ ٿو چاهيان.جيئن ته مان پهرين به چئي چڪو آهيان ته هن وقت ميان صاحب پامانا ليڪس جي ڪري تمام گهڻو مصروف آهي.جنهن جي ڪري کيس پامانا ليڪس جون خبرون پڙهڻ کان سواءِ ٻين خبرن پڙهڻ جو وقت ئي ڪون ٿو ملي.خبر اندر اهو ٻڌايو ويو هو ته صوبي ڪي پي ڪي اندر گذريل برساتن اندر لينڊ سلائينڊنگ جي نتيجي ۾ 96ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.۽69کان وڌيڪ شديد زخمي ٿيا هئا. ڪي پي ڪي اندر قدرتي آفتن جي نقصان لاءِ ڪم ڪندڙ اداري ”پي ڊي ايم اي”جي هڪ رپورٽ مطابق ته برساتن ۽ لينڊ سلائينڊنگ جي ڪري هن وقت تائين 38مرد18عورتون40ٻار سوڌو 96 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

پي ڊي ايم اي جي مطابق ته30مرد 20عورتون۽ 19ٻارن سميت 69ماڻهو شديد زخمي ٿيا هئا.جڏهن ته انهي اداري جي هڪ رپورٽ موجب به انهي برساتن اندر ڪي پي ڪي ۾ 949گهرن جي نقصان پهتو هو.جن ما236گهر مڪمل پٽ پئجي ويا هئا.جڏهن ته انهي اداري جي رپورٽ مطابق ته انهي برساتن اندر جيڪي فوت ٿي چڪا آهن انهن کي 3 لک رپيا ڏنا پيا وڃن ۽ جيڪي گهر تباه ٿيا آهن انهن جي هڪ لک رپيا ڏنا ويندا ۽ جيڪي معمولي ڊٺل آهن انهن کي 50هزار رپيا ڏنا ويندا.هاڻ ان ڪري اهو سوال پنهنجي جڳهه تي درست آهي ته جنهن صوبي عمران خان صاحب کي ووٽ ڏنا جتان هن وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي.ان ڪري عمران خان صاحب جو اهو فرض آهي ته هو اهڙي مشڪل گهڙي اندر ڪي پي ڪي جي عوام جي سار لهي.سندس غمن ۾ ساٿي بڻجي مان سمجهان ٿو ته واقعي اهو صوبائي حڪومتن جو ڪم آهي پر اتي جي عوام عمران خان جا نعرا هنيا هئا هئا ۽ انهي نعري جي ڪري عمران خان کي ووٽ مليا هئا ۽ اهو به سڀني کي خبر آهي ته اتي جي عوام عمران خان سان تمام گهڻي محبت ڪندي آهي ان ڪري عمران خان صاحب کي به انهي عوام سان اوتري محبت ڪرڻ گهرجي.سياسي ضروريت ته هڪڙي پاسي پر انساني ناتي به اهو فرض آهي ته جيڪڏهن ڪو ڏک ۽ تڪليف ۽ آهي ته انهي ڏک ۽ تڪليف ۾ پوندڙ انسان جي مدد ڪرڻ گهرجي.ان ڪري مان هن وقت ڪا پيشنگوهي نه پيو ڪيان پر ڪي پي ڪي جي عوام جي روين کي ضرور سمجهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان.ڇو ته اها ڪي پي ڪي جي عوام جي روايت رهي آهي ته انهن سان جنهن به بي وفائي ڪئي آهي پوءِ کيس اقتدار جي ڪرسي جو ٻئي دفعا موقعي ڪڏهن به ناهي مليو.

مطلب ته اهڙيون سياسي پارٽيون جيڪي ڪي پي ڪي جي عوام کي نظرانداز ڪن ڪي پي ڪي جي عوام انهن جي ڪڏهن به ٻيهر ووٽ ناهي ڏيندي.مڪمل ويهه سال گذري چڪا آهن ۽ انهن ويهه سالن اندر ڪي پي ڪي جي عوام جو ووٽ نه ڏيڻ جو شاهديون موجود آهن.ان کان اعلاو عمران خان صاحب لاءِ ڪجهه ٻيون به خبرون پيش ڪجن ٿيون.پاڪ فوج جي شعبي معاملن مطابق چيف آف آرمي جنرل راحيل شريف آڱاري جي ڏينهن گوادر جو دورو ڪيو ۽ انهي دوري دوران جنرل راحيل شريف امن خوشحالي ۽ پاڪ چين اقتصادي راءِ داري جي حوالي سان سيمنار کي خطاب ڪيو جتي ڀارت جي انٽليجنس اداري کي“سي پيڪ“جي خلاف شازس ڪرڻ جي بي نقاب ڪيو ۽ اتي اهو به چيو ويو هو ته پاڪستان جي ترقي ۾ ڪنهن کي به رڪاوٽ بنجڻ نه ڏنو ويندو.جنرل راحيل شريف چيو ته اقتصادي راءِ داري منصوبي جي ڪامياب ڪيو ويندو. ۽ کيس مڪلمل ڪيو ويندو.جنهن جي ڪري هن خطي اندر ترقي جون ڪيترون نيون راهون کلي پونديون.۽ ترقي جي هڪ نئي سفر جي شروعات ٿيندي .جڏهن ته آرمي چيف جي بيان کي ڏسجي ته هن چيو ته هو ملڪ اندر ڪنهن کي به وڳوڙ ڪرڻ نه ڏيندو.۽ هو ڪنهن کي به اهڙي اجازت نه ڏيندو جنهن سان ملڪ جي معاشي نقصان ٿي.جڏهن ته اوهان هڪ نظر سان ويهه سالن تي سياست تي نظر وجهندا ته اوهانکي معلوم ٿيندو ته ملڪ اندر حالتون تڏهن ئي خراب ٿيون آهن جڏهن اسٽيپلمنٽ ڪنهن جي مٿان هٿ رکيو.ڪڏهن نواز حڪومت جي ته ڪڏهن پ پ حڪومت جي ها اها ٻئي ڳالهه آهي ته مشرف جي دور اندر ڪجهه نوان چهرا ضرور معتارف ڪرايا ويا هئا. ۽ جيڪڏهن ڪنهن جي اهي دليل هضم نه ٿيا هجن ته هو ڌرڻن جي سياست جي ڊارپ سين جي ڏسي وٺي.

جنرل پرويز مشرف دور اندر جڏهن بلوچستان اندر اڪبر بگٽي کي مارايو ويو هو ته پوري بلوچستان اندر هڪ باهه ٻري چڪي هئي.جنهن جي ڪري ملڪ اندر هڪ دهشتگردي نئون جنم ورتو.۽ هاڻ انهي باهه کي اوجهائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.جڏهن ته اسانجا ڪجهه دوست ته اڃان چيف جسٽس افتخار چوڌري جي دور کان ٻاهر ناهن نڪتا.اهو عدليه اداري جي خوش قسمتي هئي ۽ پرويز مشرف کان پوءِ پ پ جي بدقسمتي هئي.جو انهن کي چيف جسٽس مليو پهرين پرويز مشرف انکان پوءِ پرويز الاهي ۽ پوءِ آصف علي زرداي ۽ پوءِيوسف رضا گيلاني. جي حڪومت کي هلڻ به مشڪل لڳي رهيو هيو.عدالت جي پاران ورتل سووموٽو ايڪشن ڪيترن ئي حلقن جي قبول نه هو.ان اندر اسانجا اهي ادارا به شامل آهن جيڪا هميشه مقدس رهيا آهن. ۽ وڪيل به اهو ئي سمجهندا هئا ته عدليه کي انتظاميه جو زميواريون سنڀالڻ نه گهرجن .جڏهن ته پامانا ليڪس کان پوءِ سڀني کي اهو انتظار هو ته عدالتون افتخار چوڌري جي دور جي روايت جي برقرار رکنديون.۽ سندس خيال هو عدالت ضرور سووموٽو وٺندي.عدالت سڳوري سنڌ جي ميئر ڊپٽي ميئر ۽ يونين ڪائونسل جي چيئرمينن جي ووٽن شو آف هينڊ جي متلق ڪيس ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس انور ظهير جمالي چيو ته هتي هاڻ لولو لنگهڙو نظام آهي.۽ انهي نظام کي هلڻ گهرجي هن وڌيڪ چيو ته چوڻ لاءِ ته گهڻو ڪجهه آهي پر بهتر ٿيندو ته پنهنجي چپن جي خاموش ڪجي.!عدالت جي تنقيد به ڪئي ويندي آهي.ان ڪري اسين چاهيون ٿا ته پامانا ليڪس خد انهي معاملي تي نوٽيس وٺي.جڏهن ته خد چيف جسٽس اهو چيو آهي ته جهوريت جو هي نظام لولو لنگهڙو آهي ۽ اها به هڪ واضع حقيقت آهي ته لولو لنگهڙو نظام ٻيساکين جي سهاري کان سواءِ نه ٿو هلي سگهي. ۽ اسانکي هاڻ انهي نظام کي هلاڻو آهي.انهي اندر ڪنهن هڪ ادري يا هڪ ماڻهو جو قصور ناهي.انهي اندر پوري نظام ئي خراب نظر اچي رهيو آهي.

*****

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *