ڪنهن به فلم جي ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميءَ جو فيصلو باڪس آفيس تي ٿيندڙ آمدنيءَ مان نه ٿو لڳائي سگھجي:سنڌي هدايتڪار راجڪمار هيراڻي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي ڪامياب ترين سنڌي هدايتڪار راجڪمار هيراڻيءَ جو چوڻ آهي ته ڪنهن به فلم جي ڪاميابيءَ ۽ ناڪاميءَ جو فيصلو باڪس آفيس تي ٿيندڙ آمدنيءَ مان نه ٿو لڳائي سگھجي. بالي ووڊ فلم ”مسان“ جي اسڪريننگ تي ميڊيائي نمائندن سان ڳالهائيندي راجڪمار هيراڻيءَ جو چوڻ هو ته فلم سٺي آهي يا خراب ان جو تعلق باڪس آفيس سان ناهي. جيڪڏهن ڪا سٺي فلم آهي ۽ اها 2 يا ٽِن ڏينهن ۾ باڪس آفيس تان غائب ٿي وڃي ٿي ته ان کي ناڪام نه ٿو چئي سگھجي، ڇو ته اها ماڻهن جي دلين ۾ هميشه ياد رهندي آهي. فلم ”مسان“ بابت هدايتڪار جو چوڻ هو ته هيءَ هڪ بهترين فلم آهي، جنهن جي بهترين اداڪاري ان کي آسڪر ايوارڊ تائين وٺي وڃي سگھي ٿي. فلم ”مسان“ مئي ۾ ٿيندڙ ڪينز فلمي ميلي ۾ پڻ ٻه ايوارڊ ماڻيا هئا، فلم جي نمائش جمعي تي ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *