لاهور(م.ڊ) مسلم ليگ ق جي صدر چوڌري شجاعت چيو آهي ته ڀارتي جارحيت شرمناڪ آهي، حڪمران مودي جو منهن ڏسڻ بدران پنهنجون ذميواريون پوريون ڪن.لاهور مان جاري هڪ بيان ۾چوڌري شجاعت ورڪنگ بائونڊري ۽ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي جارحيت جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي کليل جارحيت ڪري اسان جي شهرين کي شهيد ڪري رهيو آهي، حڪمران ڀارت جي باري ۾ قومي مفاد کي ذاتي مفاد تي قربان ڪرڻ جو سلسلو بند ڪري. چوڌري شجاعت ڀارتي جاسوس جهاز ڪيرائڻ تي پاڪ فوج کي ساراهيو. هن مسلم ليگ ق سيالڪوٽ جي عهديدارن کي هدايت ڪئي ته هو عيد شهيدن جي خاندان وارن سان ملهائين ۽ انهن جي ڏک ۾ شريڪ ٿين.