اوليويا جورڊن مس آمريڪا 2015ع جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو

لوزيانا (شوبز نيوز) آمريڪي رياست اوڪلا هوما جي اوليويا جورڊن مس آمريڪا 2015ع جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي. آمريڪي رياست لوزيانا ۾سونهن جي مقابلو ڪرايو ويو هو، جنهن ۾ رياست اوڪلاهوما جي 26 سالا اوليويا جورڊن کي فاتح قرار ڏنو ويو. مس ٽيڪساس ٻئي نمبر تي رهي. ان موقعي تي اوليويا پنهنجي جذباتن تي قابو رکي نه سگي، اوليويا يونيورسٽيءَ ۾ تعليم پرائيندڙ جورڊن مس آمريڪا چونڊجڻ تي مداحن ۽ موجود ماڻهن جا ٿورا مڃيا. حسن جو مقابلو آمريڪا جي صدارتي اميدوار  ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڪرايو ويو هو. حسن جي ڄاڻايل مقابلي ۾آمريڪا جي 50 رياستن جي اپسرائُن حصو ورتو. سونهن راڻيءَ جي چونڊ نرتڪيءَ جي سونهن سميت ذهانت ۽ پرسنلٽيءَ جي ڏڍ تي ڪيو ويندو آهي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *