بالي ووڊ هيرو شاهد ڪپور شاديءَ جي خوشيءَ ۾ گرينڊ ريسيپشن جو اهتمام ڪيو

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ هيرو شاهد ڪپور شاديءَ جي خوشيءَ ۾ گرينڊ ريسيپشن جو اهتمام ڪيو هو، جنهن ۾ بالي ووڊ جي تارن شرڪت ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. گرينڊ ريسيپشن جي موقعي تي گھوٽ شاهد ڪپور ڪارو ٿري پيس سوٽ ۾ جڏهن ته ڪنوار ميرا راجپوت ڀارت جي مشهور ڊيزائنر منيش ملهوترا پاران ڊزائين ڪيل خوبصورت اڇي ۽ نيري لباس ۾ نظر آئي. بالي ووڊ اداڪار جي شاديءَ کان پوءِ ڏنل دعوت ۾ نئين پرڻيل گھوٽ ڪنوار کي مبارڪ ڏيڻ جي لاءِ وڏي انگ ۾ بالي ووڊ جا تارا پڻ پهتا. جن ۾ اميتاڀ بچن، ڪنگنا رناوت، سونم ڪپور، عاليا ڀٽ، شرڌا ڪپور، رنوير سنگھه، ارجن ڪپور، جينيليا ديش مُک، ديا مرزا، تُشار ڪپور، پريٽي زنٽا سميت ٻين ڪيترن بالي ووڊ جي وڏن نالن تقريب ۾ شرڪت ڪئي. جڏهن ته شادي جي خوشيءَ ۾ ٿيل تقريب ۾ ڪيترن ئي فنڪارن فن جو مظاهرو پڻ ڪيو. ياد رهي ته شاهد ڪپور ۽ ميرا راجپوت هڪ سادي تقريب ۾ شاديءَ ڪئي هئي. هيءَ تقريب نئين دهليءَ ويجھو واقع هڪ فارم هائوس ۾ رٿي وئي هئي. جنهن ۾ صرف 40 جي لڳ ڀڳ ماڻهو شريڪ ٿيا هئا. مهمانن ۾ فيملي ميمبر ۽ تمام ويجھن دوستن کي دعوت ڏني وئي هئي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *