ڪراچي ۾ رفاعي پلاٽس، سرڪاري زمينن ۽ چائنا ڪٽنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي : شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هٺ بلديه کاتي جي اعليءِ سطحي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آهي ته ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ سخت گرمي سبب پيشان عوام لاءِ ضلعي سطح تي قائم هيٽ اسٽروڪ ڪئمپ کي وڌيڪ فعال ڪيو ويندو ۽ انهن ۾ ڊاڪٽرز پئرا ميڊيڪل اسٽاف دوائون پاڻي برف سميت سموريون ضروري شيون فراهم ڪيون وينديون اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ڪراچي ۾ سمورن رفاعي پلاٽس سرڪاري زمينن ۽ چائنا ڪٽنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت کان سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن ۾ ملوث ناظم ۽ سرڪاري ملازمن جي ڪيسن کي اينٽي ڪرپشن ۾ اماڻيو ويندو هن مهيني کان ڪي ايم سي واٽر بورڊ ۽ سمورا ڊسٽرڪٽ ملازمن جون پگهارون صرف سنڌ بئنڪ ذريعي ادا ڪيون وينديون ۽ جن ملازمن اڃا تائين سنڌ بئنڪ ۾ اڪائونٽس نه کولرايا آهن انهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري انهن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ بلديات کاتي ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ موجود گوسڙو ملازمن جون تيار ڪيل لسٽون صوبائي وزير بلديات پريس ڪانفرنس ذريعي عوام آڏو پيش ڪندو تفصيل مطابق صوبائي وزير شرجيل انعام ميمن جي صدارت هيٺ بلديات کاتي جو هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو اجلاس ۾ سيڪريٽري بلديات سنڌ عمران عطا سومرو ايڊمنسٽريٽر ڪراچي روشن علي شيخ ايم ڊي واٽر بورڊ سيد هاشم رضا زيدي سينيئر ڊائريڪٽر ميونسپل سروسز مسعود عالم سمورا ڊسٽرڪٽ جا ڊپٽي ڪمشنرز سمورا ڊسٽرڪٽ جا ايڊمنسٽريٽرز ۽ ميونسپل ڪمشنرز چيف انجنيئرز ۽ ٻيا اعليٰ آفيسر موجود هئا اجلاس ۾ شهر ۾ تازو ئي سخت گرمي وگهي فوتين جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي ويئي ان موقعي تي صوبائي وزير بلديات کاتي تحت ڪراچي جي سمورن ضلعن ۾ قائم ڪيل هيٽ اسٽروڪ ڪئمپس جو تفصيل طلب ڪيو ۽ ان جي انتظامن سميت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ان موقعي تي هن سيڪريٽري بلديات ۽ ايڊمنسٽريٽر ڪراچي کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته ڪراچي جي سمورين سرڪاري اسپتالن ۽ سمورين ڊسٽرڪٽ ۾ مرڪزي شاهرائن ۽ محلن ۾ هيت اسٽروڪ ڪئمپ قائم ڪيا وڃن ۽ انهن ۾ سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن هن سمورن هيٽ اسٽروڪس سينٽرز جي مانيٽرنگ لاءِ ايڊمنسٽريٽرز ۽ ڊپٽي ڪمشنرز کي پابند ڪيو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ هو روزانو جي بنياد تي هيٽ سينٽرز جي رپورٽ صوبائي وزير سيڪريٽري بلديات ۽ صحت کاتي کي اماڻيندا اجلاس ۾ ڪي ايم سي واٽر بورڊ ۽ سمورن ڊسٽرڪٽ جي ملازمن جي اڪائونٽس سنڌ بئنڪ ۾ منتقل ڪرڻ جي رپورٽ به پيش ڪئي ويئي ۽ سمورن ايڊمنسٽريٽر پنهنجي پنهنجي ڊسٽرڪٽ جي ملازمن جي حولي سان رپورٽ ڏني صوبائي وزير چيو ته چار مهينا اڳ ئي ان ڳالهه جو حتمي فيصلو ڪيو ويو هو ته جون 2015 کان پوءِ بلديات کاتي جي ڪنهن به ملازم کي سنڌ بئنڪ کان علاوه پگهارون ادا نه ڪيون وينديون ۽ جن جن ملازمن هن وقت تائين سنڌ بئنڪ ۾ پنهنجا اڪائونٽ نه کولرايا آهن انهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري انهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي هن واضح هدايتون جاري ڪندي چيو ته هن مهيني ڪي ايم سي واٽر بورڊ ۽ سمورن ڊي ايم سيز جي ملازمن جون پگهارون صرف سنڌ بئنڪ ذريعي ادا ڪيون وينديون ۽ جن ملازمن اڃا تائين سنڌ بئنڪ ۾ اڪائونٽ نه کولرايا هن انهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري انهن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو شرجيل ميمڻ چيو ته هو آئينده ٻن ڏينهن ۾ بلديات کاتي ۽ ان جي ماتحت ادارن ۾ موجود گوسڙو ملازمن جون تيار ڪيل لسٽون پريس ڪانفرنس ذريعي عوام آڏو پيش ڪندو ۽ سمورا گوسڙو ملازم جن ۾ گريڊ 19 کان گريڊ 1 جا ملازم شامل آهن انهن کي نوڪرين مان فارغ ڪيو ويندو اجلاس ۾ شهر ۾ پاڻي فراهم ڪرڻ جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو ۽ شهر ۾ پاڻي مفت ٽينڪرز جي ذريعي فراهم ڪرڻ لاءِ ايم ڊي واٽر بورڊ کي سختي سان هدايتون جاري ڪيون ويون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *