پاڪستاني تربيت يافته ڊاڪٽر ڀارت ۾ جوتا وڪرو ڪن ٿا: ڀارتي ميڊيا

نئين دهلي (اين اين آءِ) ڀارتي ميڊيا پنهنجي رپوٽس ۾ چيو آهي ته پاڪستاني تربيت يافته ڊاڪٽر ڀارت ۾ جوتا وڪرو ڪن ٿا، ڪو مائيل رپيئرنگ جي دڪان ۽ ڪوئي اسپتال جي مرده خاني ۾ لاش رکڻ جو ڪم ڪري ٿو، ته ڪو ميڊيڪل اسٽور ۽ ڪو خيراتي اسپتال ۾ خدمت ڪري ٿو، پاڪستان جي بهترين يونيورسٽين مان پڙهيل ايم بي بي ايس پاڪستان ۾ لکين رپيا ڪمائيندڙ ڀارت ۾ ڪجهه هزار رپين لاءِ معمولي نوڪري لاءِ ڌڪا کائي رهيا آهن، ڀارتي شهريت نه هئڻ ۽ ميڊيڪل ڪونسل پاران اجازت نه ملڻ سبب اهي طبي شعبي ۾ خدمتون نٿا نڀائي سگهن، ڀارتي گجرات ۾ 2 سئو پاڪستاني ڊاڪٽر اهڙي صورتحال جو شڪار آهن، ڀارتي اخبار ٽائيمز آف انڊيا جي رپورٽ مطابق پاڪستان مان تربيت يافته ڊاڪٽر ڀارتي شهر احمد آباد ۾ جوتا وڪرو ڪن ٿا، 2001 ۾ 38 سالن درش راٿا ڪيلا ڊاڪٽر طور پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ماهوار 25 هزار سان ڪئي، 9 سالن کانپوءِ هاڻ هو مانينگر ۾ پنهجي سوٽ جي بوٽن اسٽور تي اسسٽنٽ آهي ۽ ماهوار 15 هزار پگهار ڪري ٿو، هو ڪراچي يونيورسٽي مان ايم بي بي ايس پاس آهي ۽ 2006 ۾ پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي حفاظت لاءِ پاڪستان ڇڏي ويو، هو ڀارت ۾ پريڪٽس ان لاءِ نٿو ڪري سگهي جو ان وٽ ڀارت جو ميڊيڪل ڪونسل جو ايم سي آءِ جو سرٽيفڪيٽ نه آهي، ڀارتي گجرات ۾ پاڪستان خاص ڪري سنڌ سان تعلق رکندڙ 2 سئو ڊاڪٽرن آهن پر انهن کي ڀارتي شهريت نه آهي، انڊين ميڊيڪل ڪونسل جي اجازت کانسواءِ اهي طبي شعبي ۾ پريڪٽس نٿا ڪري سگهن، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستاني ڊاڪٽر ڀارت موبائيل اسٽور تي ڪم ڪن ٿا جنهن تان کين گهٽ معاوضو ملي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *