ممبئي(شوبز نيوز): ڀارتي اداڪار گووندا جي اداڪار ڌيءُ ٽينا آهوجا اهي افواهه رد ڪيا آهن جن ۾ چيو پيو وڃي ته گووندا جو چوڻ آهي ته سندس ڌيءُ کي فلمي دنيا ۾ سلمان خان آندو،هڪ انٽرويو ۾ ٽينا آهوجا چيو ته منهنجي پيءُ گووندا ڪڏهن به سلمان کي اهو ناهي چيو ته هو مون کي فلمي دنيا ۾ آڻي، گووندا ۽ سلمان خان پراڻا دوست آهن ۽ چيو پيو وڃي ته ٽينا جي بالي ووڊ ۾ سڃاڻپ انهي دوستي جو نتيجو آهي، ٽينا جو چوڻ هو ته مون ڪڏهن به سلمان خان ذريعي فلمي دنيا ۾ قدم رکڻ نه پئي چاهيو، اهڙا سمورا افواهه ميڊيا پکيڙي رهي آهي. بالي ووڊ جي نئين اداڪارا جو چوڻ هو ته هن فلمي دنيا ۾ پنهنجي سڃاڻپ پاڻ ڪرائي آهي.