والد شوبز جي دنيا ۾ ڪڏهن به سفارش ناهي ڪئي، پاڻ پنهنجو ٽيلنٽ مڃرائي شوبز ۾ آئي آهيان: مومل شيخ

لاهور (شوبز نيوز) اداڪاره مومل شيخ چيو آهي ته منهنجي پيءُ شوبز جي دنيا ۾ ڪڏهن به منهنجي سفارش ناهي ڪئي پر مان پاڻ پنهنجي ٽيلنٽ کي مڃرائي شوبز ۾ آئي آهيان منهنجي مڙس هميشه مون کي سپورٽ ڪيو ان جي اجازت سان شوبز ۾ ڪم ڪري رهي آهيان هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي مومل شيخ چيو ته منهنجي فئملي جا ڪيترائي اداڪار شوبز جي دنيا جا اداڪار آهن مان انهن جي مدد کان سواءِ پنهنجي فن سان اڳتي وڌي نالو ۽ شهرت ماڻينديس هن چيو ته شادي کان پوءِ زندگي تبديل ٿي ويئي آهي. شادي کان اڳ انسان پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذاريندو آهي پر شادي کان پوءِ مڙس ۽ ساهورن جي مرضي مطابق هلڻو پوي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *