قومي عوامي تحريڪ 23 آڪٽوبر تي سڄي سنڌ ۾ هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو

حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ، ايم ڪيو ايم طرفان هڪ ڀيرو وري سنڌ ۾ نئين صوبي واري مطالبي خلاف 23 آڪٽوبر تي هڙتال جو سڏ ڏئي ڇڏيو آهي. حيدرآباد ۾ پليجو هائوس تي نيشنل سرائيڪي پارٽي جي سربراهه ساجده لانگاهه سان ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ انور سومري چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم اقتدار جي لالچ ۾ سنڌ جي وحدانيت تي وار ڪري رهيون آهن،جنهن کي ڌرتي ڌڻي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندا. هن چيو ته پ پ ۽ ايم ڪيو ايم پاڻ ۾ ڳٺ جوڙ ڪري رهيون آهن. سندس چوڻ هو ته 23 آڪٽوبر تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سنڌ بند رهندي،ٽرانسپورٽر،واپاري۽ڌرتي ڌڻي سندن ساٿ ڏئي سنڌ جي دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏين. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم سنڌ جي ورهاڱي واري مطالبي تان هٿ نه کنيو ته هڙتال کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو اعلان ڪيو ويندو. ان موقعي نيشنل سرائيڪي پارٽيءَ جي سربراهه ساجده لانگاهه چيو ته 1973ع واري آئين ۾ ترميم ڪري ملڪ کي 5 قومن تي ٻڌل ملڪ قرار ڏنو وڃي. هن مطالبو ڪيو ته سرائيڪي سڃاڻپ جي بحالي لاءِ حڪومت سميت 4 قومون ساڻن سهڪار ڪن. ساجده لانگاهه وڌيڪ چيو ته اردو ڳالهائيندڙ به سنڌ جو حصو آهن ۽ هو پاڻ کي سنڌي سمجهن،ڌار صوبي وارو مطالبو غلط آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *